Saturday, December 28, 2013

پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي - طارق عزيز شيخ

پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي
طارق عزيز شيخ
سيارو اچڻ ساڻ ئي روس جي ٿڌن علائقن کان ڊگهو سفر ڪندي مسافر پکي سنڌ ڏانهن رخ ڪن ٿا. لڏ پلاڻ ڪندڙ هنن مسافر پکين جو مرڪز سامونڊي پٽي وارو علائقو هوندو آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان وٺي بدين تائين هلندو وڃي ٿو. ان وچ ۾ لکين پکيئڙا ولرن جا ولر ڪيو ويٺا هوندا آهن. ان وچ ۾ ڍنڍون ۽ ٻيٽ به خاص مرڪز هوندا آهن، جتي نسل ڪندا اهن. صدين کان وٺي سهي سلسلو جاري آهي، جيڪو قدرتي انداز آهي. تيز ٿڌا علائقا جڏهن زندگي مفلوج ڪري ڇڏين ٿا تڏهن هيءُ پکيئڙا ٿورو اڳتي پاڻي واري پاسي منتقل ٿين ٿا، جڏهن اتي به برفاني صورتحال سبب پاڻي ڄمڻ لڳي ٿو ته هو اڃا پرتي وڌن ٿا ۽ اهڙي ريت زندگيءَ جي ڳولا ۾ هو پاڻيءَ ڏانهن وڌندي وڌندي سنڌ جي خوبصورت سامونڊي پٽيءَ تائين اچي ٺڪاڻا ٺاهين ٿا.


مسافر پکين ۾ آڙي، ڪونج، راج هنس، ڊڪوش ۽ چيڪلا وغيره جهڙا پکي آهن. هنن جي خوراڪ آبي ڪيڙا ۽ ننڍيون مڇيون آهي. سنڌ ۾ نومبر جي پهرئين هفتي کان اچڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌندا ويندا آهن. هنن جي واپسي گرمين جي مند شروع ٿيڻ سان ٿيندي آهي، يعني مارچ مهيني کان هي پکيئڙا، جنهن رستي کان لکين ميل اڏام ڪري ايندا آهن، انهيءَ رستي تان واپس ويندا آهن. هنن مسافر پکين جي هن رستي کي هوائي ڪمپنين جي ٻوليءَ ۾ انٽرنيشنل مائيگريشن بورڊ روٽ سڏبو آهي. هوائي جهاز به اهو ئي رستو اختيار ڪندا آهن. انهن جو ساليانو انگ اٽڪل ساڍا ست لک هوندو آهي، جيڪا رپورٽ نيشنل جاگرافڪ سروي جي جاري ڪيل آهي، جنهن تعداد ۾ هيءَ پکيئڙا سنڌ ۾ پهچن ٿا تمام ٿوري تعداد ۾ واپسيءَ وقت بچن ٿا. ان جو ڪارڻ سندن شڪار سان موت آهي.
پرڏيهي پکين جي نسل ڪشيءَ سبب، سندن تعداد اڳي کان ڪافي گهٽجي ويو آهي نه ته اڃا به گهڻا هجن ها. افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته پرڏيهي پکين جي شڪار لاءِ پرڏيهي شڪارين جي به سنڌ ۾ آمد شروع ٿي ويندي آهي. هڪ پاسي ته سرڪاري طور تي مسافر پکيئڙن جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي آهي. ٻئي طرف وري سرڪاري اعليٰ عملدارن توڙي سياسي سرپرستيءَ ۾ شڪار ڪيو ويندو. هنن پکين جي شڪار جو خاص اهتمام پڻ ڪيو ويندو آهي، جڏهن پکي شڪار نه ڪندا آهن ته انهيءَ کي ڄار ۾ ڦاسائي سياستدانن، وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن پاران تحفو ڪري ڏنو ويندو آهي، جنهن کي ”سيزن جو تحفو“ به چون ٿا. ان کان علاوه هڪ اهم اطلاع اُهو به مليو آهي ته جهنگلي جيوت کاتي جا ننڍا ملازم ڦاٿل پکين جو وڪرو به ڪندا آهن. جيڪڏهن ڳالهه اخباري نمائندن کان لڪائڻي هوندي آهي ته اهي پکي وات بند رکڻ لاءِ ڪرڙي نظر رکڻ وارن کي ڀتو ڪري ڏنا ويندا آهن. بدين کان ڪراچيءَ تائين هيءُ پکي اسمگل پڻ ڪيا ويندا آهن ۽ زنده حالت ۾ آندا ويندا آهن. ڪراچيءَ ۾ ٺٽي ۽ بدين کان وڏي پئماني تي مڇي ايندي آهي ۽ انهن ئي گاڏين ۾ مڇيءَ سان گڏ آڙيون ۽ ڪونجون به رکي آڻيندا آهن.
سنڌ مهمان نوازيءَ جي علامت رهي آهي. سنڌ ۾ مهمان پکين جي نسل ڪشي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. شڪار ۽ اسمگلنگ جي ڳالهه اقتداري عمارتن ۾ ڪا اهميت نٿي رکي. لاتعداد خبرون ۽ تحريرون به حڪمرانن جي لاءِ حيثيت نٿيون رکن. منهنجي لکڻي به ايئن ئي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويندي پر ايترو ته ٿي سگهندو ته جن ماڻهن کي خبر ناهي، انهن تائين ڳالهه پڄندي پوءِ حڪومت ۽ انتظاميا جو اميج انهن وٽ ڇا ٿو بيهي سڀ سمجهي سگهن ٿا. جيڪڏهن قانون ٺاهيو ويو آهي ته پوءِ انهيءَ جي ڀڃڪڙي ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ته قانون ختم ڪري عام ماڻهن کي به ان جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن اسمگلنگ وارو مرض ختم ٿي سگهي ۽ ننڍا ملازم چوري ڪرڻ کان بچي سگهن.
بدين جي هڪ صحافي دوست اهو به ٻڌايو ته بدين ۾ آڙيون ڪن دڪانن تي به وڪري لاءِ موجود هونديون آهن. ڪيتريون ئي گاڏيون بدين کان حيدرآباد ۽ ڪراچي ويندي مائٽن ۽ دوستن لاءِ اهڙو تحفو کڻي وينديون آهن. هنن ناياب پکين جي اهڙي بي دردي سان نسل ڪشي افسوس جي ڳالهه آهي. سنڌ حڪومت ڪيئي ڀيرا اعلان ڪيا آهن، اسيمبلين مان ڪيئي بل پاس ڪيا آهن، پر ڪيل واعدن ۽ ٺاهيل قانونن تي عمل ڪڏهن به ناهي ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو هر معاملو عدليه کي پيو کڻڻو پوي، جيڪي ڪم حڪومت جي ڪرڻ ۾ جڏهن سچائي سان ڪم نه وٺندي ته مجبور ٿي عدالت کي ايڪشن وٺڻو پيو آهي ۽ ڪيترائي اٽڪيل ۽ ڦاٿل مسئلا عدالت حل ڪيا آهن. اخبارن جي هيترا ڀيرا آواز اٿارڻ جي باوجود جڏهن حڪمرانن ۽ لاڳاپيل کاتي جي اعليٰ عملدارن جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي سري ته ان مان ڇا سمجهيو وڃي؟

مسافر پکين جي شڪار تي پابنديءَ تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، انهيءَ ۾ حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتي جي چڱائي ٿيندي ۽ پکين جو نسل بچندو. پاڻ قانون ٺاهي پاڻ ئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي ته ٻين تي ميار بيڪار آهي.

No comments:

Post a Comment