Friday, November 15, 2013

نِم جي اهميت - غلام علي شاھ

نِم جي اهميت

غلام علي شاھ
[هي مضمون مختلف طبي ڪتابن جي مطالعي کانپوءِ تيار  ڪيو ويو آهي ته جيئن ديسي ستين ڦڪين کي استعمال ڪري، عام ماڻهو لاڀ حاصل ڪن ۽ ڳاٽي ڀڳن خرچن کان به بچي سگهن]

نم کي عربيءَ ۾ نيم، فارسيءَ ۾ نيب، هنديءَ ۽ اردويءَ ۾ نيم، پراڪرت ۾ رڪ، انگريزيءَ ۾ Neem ۽ سنسڪرت ۾ ارشٽ چيو ويندو آهي.

ڏاهن جو چوڻ آهي ته جنهن ڏيھ ۾ اڪ، نم ۽ ٽوھ هجي، اتي بيمارين جو هجڻ اڻ ٿيڻي ڳالھ آهي. قدرت، انهن ٽنهي ۾ ايڏي ته حڪمت رکي آهي، جو تقريباً سڀني بيمارين جو علاج، انهن سان ڪري سگهجي ٿو. حقيقت اها آهي ته جي اسان کي انهن ٽنهي جي طبي خاصيتن جي چڱيءَ طرح خبر هجي ته بيمارين پيدا ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. بقول شاھ لطيف:
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
نم نماڻي، قدرت طرفان هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن مان رڳو فائدا ئي فائدا آهن، نقصان هڪ به نه. نڪو ٿئيس ڪنڊو، نه وري ڪا بدبوءِ وغيره. ثقافتي لحاظ کان به نم کي چڱي حيثيت حاصل آهي. اڄ به ڪيترن ئي ڳوٺن جي چونڪن تي نِمن جا وڏا وڻ نظر ايندا، جتي ڪڙمي ڪڙا ۽ چڱا مٺا ڪم ڪار ڪري، اچي ٿڪ ڀڃندا آهن ۽ روايتي ڪچهريون ڪندا آهن. نم جي وڏي وڻ جي ڇانوَ چئن پنجن ويسنڻ تائين پکڙيل هوندي آهي. نم جي ڇانوَ دل کي فرحت ۽ اکين کي طراوت ڏيندي آهي.
ڪنهن شاعر چوڻي:
منهنجي مارن جو ماڳ،
نمن هيٺان ٽهڪڙا،
ڍوڍي سان گڏ ساڳ.
جهڙي ريت ٻٻر، ٻير، ڪرڙ وغيره ٻيلي/ ٻنيءَ جو وڻ آهي، اهڙي ريت نم، سرنهن ۽ سنجهي وري گهر جا وڻ آهن. جيتوڻيڪ اهي به ٻني ٻاري ۾ پوکي سگهجن ٿا.
نم جي طبي فائدن تي تفصيل سان لکڻ کان اڳ، انجي ڪن ٻين خاصيتن تي مختصر لکجي ٿو.
نم جي ڪام، مضبوط ٿئي ٿي، ۽ ڪچن گهرن لاءِ انهيءَ ڪري به مفيد آهي، جو انکي اڏوهي نه ٿي کائي.
اڏوهيءَ جي بچاء ۽ مضبوطيءَ ڪري، نم جي ڪاٺ مان فرنيچر، در، دريون ۽ ٻيون گهريلو استعمال جون شيون، ٺهرايون وينديون آهن.
اڄ به سنڌ جي ڳوٺن ۾، ڪڻڪ ۾ نم جا پن وڌا ويندا آهن ته جيئن ڪڻڪ کي سرو نه کائي. ساڳي ريت اسان جا وڏڙا اديب ڪتابن جي وچ ۾ نم جا پن وجهندا آهن ته جيئن ڪتابن کي اڏوهي يا ٻيا جيت وغيره نقصان نه پهچائن. سنڌ جو ناميارو اديب ۽ دانشور علامه آءِ آءِ قاضي به پنهنجن ڪتابن ۾ نم جا پن وجهندو هو.
نمورين جو تيل، کل جي ڦٽن ۽ ڪيئن مارڻ لاءِ مفيد آهي.
نم جا طبي فائدا.
۱. پاڻي پڪو ڪرڻ:
ڦٽ، ڦرڙي يا زخم کي ڌوئڻ لاءِ پاڻي هرگز استعمال نه ڪرڻ گهرجي، پر ان لاءِ پڪو پاڻي يا ڊيٽول مليل پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي. پڪي پاڻي ڪرڻ لاءِ، عام پاڻيءَ ۾ نم جا صاف ڪيل پن وجهي ڪاڙهجن. جڏهن پاڻيءَ جو رنگ ٿورو مٽجي ته پوءِ ان مان نم جا پن ڪڍي، پاڻي استعمال ڪجي.
۲. نم جو سرمو:
اکين جي خارش، اکين مان پاڻي وهڻ، اکين جي گرمي يا نظر جي حفاظت لاءِ نم جو سرمو استعمال ڪرڻ گهرجي.
نظر جي سرمي ٺاهڻ جو طريقو: عام سرمو وٺي، نم جي وڻ ۾ چار پنج انچ گهرو سوراخ ڪري، ان ۾ وجهي ڇڏجي ۽ چاليهن ڏينهن کان پوءِ اهو سرمو ڪڍي پينهنجي. جيڪڏهن پينهڻ مهل ان ۾ گلاب جو پاڻي به ملايو ويندو ته وڌيڪ اڪسير ٿيندو.
۳. اک اُٿڻ:
نم جا ڪچڙا پن، ٿوري سُنڍ وجهي گهوٽي، ٽڪي ٺاھي، نيم گرم ڪري، اک تي ٻڌجي. اک کي فرحت ايندي ۽ سور ڇڏي ويندو.
سنڌ جو مشهور حڪيم شمس الدين احمد لکي ٿو ته؛ اکين جي خارش، پاڻي وهڻ ۽ اکين اٿڻ لاءِ هي گوريون اڪسير آهن. اهي گوريون سندس استاد حڪيم اجمل خان جي شفاخاني ۾ به استعمال ٿينديون هيون: رسَول صفا ٿيل ۴ تولا، ڦٽڪي ڀڳل ۴ تولا، آفيم ۱۴ ماسا، نم جا پن ۵ داڻا، زعفران ۵ رتيون، سڀ شيون گلاب جي عرق ۾ کرل ڪري، ڊگهيون گوريون ٺاهي رکجن ۽ هڪ گوري ڏوڏيءَ جي پاڻيءَ ۾ يا عام پاڻيءَ گهي، ڇپرن تي ڏينهن ۾ ٽي دفعا صبح، منجهند، شام ليپ ڪجي.
جيڪڏهن اکين جي تُنرن ۾ گهڻي خارش ٿي پوي ته نم جا پن گهوٽي، ٿورو گل روغن ملائي پني ٺاهي، سمهڻ مهل اک تي ٻڌجي.
۴. اک جي ڦلي لاءِ عجيب نسخو:
نم جي مَستيءَ جو پاڻي هڪ پاءُ، سهانجڙي جي پاڙ جو پاڻي، سرينهن جي پاڙ جو پاڻي، هر هڪ ۶ تولا ۸ ماسا. جهنگلي ڪبوترن جون وٺيون هڪ تولو. سڀ شيون ٽامي جي اڻ-قلعي ٿيل ٿانَو ۾ وجهي، نم جي ڏنڊي ۾ ٽامي جو پيسو چنڀڙائي ان سان سورنهن پهر گهوٽجي ۽ سنڀالي رکجي، پوءِ روز هڪ سرائي اک ۾ وجهڻ ڪافي آهي.
۵. ڪن جو زخم ۽ ڪن وهڻ:
نم جا پن ۳ تولا؛ ماکي هڪ تولو، پاڻيءَ ۾ جوش ڏئي، ان جي ٻاڦ ڪن کي ڏجي.
۶. وات جو پچي پوڻ:
نم جا پن گهوٽي، پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي گرڙيون ڪجن. يا نم جا ڇوڏا ڪُٽي، پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي گرڙيون ڪجن.
۷. گرميءَ کان مٿي جو سور:
نم جا پن گهوٽي، پيشاني تي مکجن ته آرام ايندو.
۸. نڙيءَ جو سور:
نم جا پن ۽ ڪانول پيرن جو تازو ٻوٽو گهوٽي، پاڻي گرم ڪري، ان ۾ ماکي ملائي گرڙا ڪجن ته تمام گهڻو فائدو ٿيندو.
۹. پيٽ جا ڪيڙا:
بڪائڻ ۽ نم جي پاڙ جي کل ۲ تولا، ڏيڍ پاءُ پاڻي ۾ ڪاڙهجي، جڏهن اڌ پاءُ بچي تڏهن مهٽي ڇاڻي ٿورو ڳڙ ملائي رات جو سمهڻ مهل پيارجي، ۳۰ ڏينهن ايئن ڪجي، پر انجي پيارڻ کان ۳ ڏينهن اڳ روز سمهڻ مهل کير ۽ مصري وجهي پيارجي. انکان علاوه ”سيڪين“ (شيخن) لاءِ نم جا گونچ عمر آهر پاڻي ۾ گهوٽي پيارجن. ۽ نم جا پن گهوٽي پاڻي ڪڍي، ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا مقعد جي اندر لڳائجي.
۱۰. بواسير بادي:
نمورين جو مغز، بڪائڻ جي ٻج جو مغز، رسوَل سچي، انجڻيون، ڪارا مرچ، اٺ ڪچور، هموزن پيهين، مُوريءَ جي پاڻيءَ ۾ گهوٽي ڄاڱري ٻير جيڏيون گوريون ٺاهجن. هڪ گوري صبح ۽ هڪ شام جو پاڻيءَ سان کائجي.
۱۱. ٻار ڪري پوڻ:
جنھن عورت جو هميشه ٻار ڪري پوندو هجي، ان لاءِ هي نسخو تمام مفيد آهي. جهنگ جي ڳائي ڇيڻي جي ڇار ٻه ماسا، بڪائڻ نم جي پنن کي گهوٽي چار تولا پاڻي ڪڍجي، ان سان حمل جي پهرين ٽن مهينن مان هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن لڳولڳ اها ڇار کارائجي.
۱۲. چٽي لاءِ:
نم جا پن، نم جي اندرين کل، نم جو ٻور ۽ نموريون سڀ شيون ڪٽي ڇاڻي رکجن، ان مان ٻن کان ڇهن ماسن تائين، ڪرائتو، گلو ڪاٺي هڪ هڪ تولو، سوا پاءُ پاڻي ۾ ڪاڙهي، ماکي ملائي، صبح ۽ شام کائجي.
۱۳. سوڄ لاءِ:
ڪنهن ڌڪ لڳڻ، يا ڪا ضرب اچڻ ڪري، ڪو عضوو سُڄي پوي ته مٺو تيل مکي، انجي مٿان نم جا گرم پن ٻڌي ڇڏجن، جلد آرام ايندو.
۱۴. ننڍڙيون ڦرڙيون:
برسات جي موسم ۾ گهڻيون ڦرڙيون نڪرنديون آهن. انهي لاءِ هيءُ نسخو مجرب آهي. نم جي ڪاٺي، پاڻي ۾ خوب گهوٽي ۽ ٿورو ميٽ ملائي لڳائجي.
۱۵. وڇونءَ جو ڏنگ:
مور جي کنڀ جي وچين اک ۽ نم جي اندرين کل، ٻئي گڏي يا ڌار ڌار چلم يا حقي جي ٽوپي ۾ رکي تماڪ وانگر ڇڪڻ سان آرام ايندو.
۱۶. وارن لاءِ:
نم جون نموريون ڪٽي، مينديءَ ۾ ملائي يا ڌار مٿي ۾ وجهڻ سان، وار گهاٽا ۽ وڏا ٿيندا. اهو طريقو ٻهراڙين ۾ عام استعمال ڪيو وڃي ٿو.
۱۷. رت جي صفائي لاءِ:
نم جو ٻور، گونچ ۽ اندرين کل هموزن گهوٽي پيئڻ سان، رت صفا ٿئي ٿو. همدرد دواخاني جي ’صافي‘ به جديد طريقي سان ان نسخي تان ورتل آهي.
۱۸. صفراء لاءِ:
رت ۾ جيڪڏهن جوش گهڻو هجي ته نِم جي کونئر ۽ گلقند يا بکڙو هموزن ملائي گهوٽي ٿاڌل وانگر پيئجي.
۱۹. نم جا پن:
نم جا پن ۽ گل، گهوٽي پيارجن ته گهاٽي رت کي صاف ڪندا. آتشڪ، باد فرنگ جي ڦٽن ۽ کل جي خارش، ڦرڙين کي ختم ڪندا ۽ چٽيءَ جي داغن کي صاف ڪندا.
۲۰. نم جو ڏندڻ:
طبي نقطه نگاھ کان نم جي ڏندڻ کان بهتر ٻيو ڪو به ڏندڻ نه آهي. اڄ جون جديد پيسٽون به انجي اڳيان تِڇُ آهن. جيڪڏهن ٿي سگهي ته روزانو تازو ڏندڻ ڪجي ۽ ان جي کل نه لاھڻ گهرجي، ڇو ته نمن جي اندرين کل ۾ هڪ رس ٿئي ٿي، جيڪا وات ۽ ڏندن جي جملي بيمارين لاءِ تمام مفيد آهي، ان سان گڏوگڏ نڙي ۽ معدي تي به انجو سٺو اثر ٿئي ٿو.

ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۲، شمارو ۴-۵، صفر ربيع الاول ۱۴۰۷ھ/ آڪٽوبر-نومبر ۱۹۸۷ع


1 comment:

  1. واھ سائين تمام ڪارائٿو بلاگ آھي
    اوھان کي جس ھجي

    ReplyDelete