Monday, August 5, 2013

ڀيل - خالد ڪنڀار

ڀيل
جن ٿر جي سياست جا رخ تبديل ڪري ڇڏيا
خالد ڪنڀار
ٿر ۾ ڏکي ذات آهي ڀيل ۽ ڀيل واڙو ڀيلن جو اصل وطن به آهي ٿر ۾. هي جيڪي بئراج ۾ هارپو پيا ڪن انهن کان به جيڪڏهن ٿوري دير ويهي پڇندا ته ڪو ڀيل هوندو نارو جي تڙ جو ته ڪو ڦوٽي جي تڙ جو، ڪو وي ڀيل جو ته وري ڪو ڪٿي جو. اهي ڀيل آهن به پوري ٿر ۾. پوري ٿر ۾ ۽ ٺڪرن کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن هندو جي ٿر ۾ زمينداري آهي ته اها آهي ڀيلن جي. سندا پنهنجا راڄ ۽ پنهنجا تڙ آهن. ڪي اهو به چون ٿا ته اهي اڇوت آهن پر اوهانک ي اهي ڪٿان به اڇوت ڪو نه لڳندا. ڪٿان نه ۽ تيز ۽ ڪامن سينس ۾ اهڙا آهن جو چئي دنگ ڪر. اهڙو اوهان کي ڪو اقليت وارو ته ٺهيو پر ڪو مسلم به ڪو نه ملندو، وڏا تيز آهن. هنن جو جيترو دماغ ٿو ڪم ڪري ايترا وري حاضر دماغ آهن. محنتي ۽ جسي ۾ سگها آهن. هن خود اعتماد قبيلي کي ڏسي اوهان هنن جي اڻسارن مان اهو چئي سگهو ٿا ته هي ئي دراوڙ آهن. انهن ڀيلن جي ڏڪارن ۾ گهڻي لڏپلاڻ سنڌ ڏانهن ٿئي ٿي. گهڻو لڏي ئي ڀيل ٿو. چون ٿا؛ جيڪي قبلا گهڻي لڏپلاڻ ڪندا آهن، اهي وڌيڪ ذهين سمجهدار ۽ ترقي ڪندڙ هجن ٿا. هن قبيلي ۾ لڏ پلاڻ سان گهڻي ترقي ته ڪونهي آئي، باقي سمجهدار وڌي آهي. انهيءَ ڀيل قبيلي جا وري جيڪڏهن ڪو سرڪاري نوڪري ۾ ماڻهو آهي ته آهي پوليس ۾ جمعدار، صوبيدار ۽ سپاهي. چون ٿا ته؛ ڀيل ڪرشن ڀڳوان جا سپاهي آهن. هڪڙو خيال اهو به آهي؛ ڀيل ٿر ۾ ٺڪرن جا وفادار سپاهي ٿي رهيا، انهي ڪري هنن ۾ اهو ٺڪرن وارو هٺ آهي. سڌي ڳالهه هي ته ٿر وارين اقليتن جا ٻروچ آهن. هنن ڀيلن نڪو ايڪهتر ۾ لڏپلاڻ ڪئي، نڪو ستيتاليهه ۾، نڪو وري جيستائين تند لڳل نه هئي اوستائين، ڪو لڪ چوري ويا بس. هنن هي ٿر جون سيمون ڇڏڻ جو سوچيو ئي ڪو نه. ڀيل اهڙو قبيلو آهي ٿر ۾ جنهن تي هرو ڀرو تڪڙ ڪري نڪو مسلمان چڙهت ڪري نڪو وري ٺڪر يا ٻيو ڪو ڏاڍو قبيلو. ٿر ۾ هنن جا وڏا راڄ آهن. بس هي بئراج جا شوقين هجڻ جي ڪري هنن جا ڪيترا ئي خاندان دربدر ٿي ويا. وڃي بئراج ۾ وڏيرن وٽ رليا پر وري اتي به انهن ۾ اهي جينس رهيا. هي جيڪي لهڻيون اوهين نجن جيلن مان ڀڳل هاري ڏسو ٿا، اهي ڀيل هوندا. گهڻو انگ ڀيلن جو هوندو. وڏو باغي قبيلو به آهي. پنهنجي تي اچي ته ڪنهن جو به ڪونهي. انهن ڀيلن جا مٺي تعلقي ۾ گهڻا ڳوٺ آهن. انهن ڀيلن ڪرشن ڀيل کي ايم اين اي ڪيو. پر اهو ڪرشن ڀيل جيئن ايم اين اي ٿي ڀڳو ته وري واپس ڪو نه وريو، وڃي ميرپور وسائي ويهي رهيو، نه ته اڳي مٺي ۾ وڪالت ڪندو هو. پونجي مل وڃي ايم ڪيو ايم جي ڀر جهلي. ڪنهن وقت جو وڏو قومپرست هو. انهي جي ايم ڪيو ايم ۾ وڃڻ جي ڪري هن قبيلي جا ڪيترا ئي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ وڃي شامل ٿيا پر انهي ۾ ٿريا ڀيل نه هجڻ جي برابر آهن. بئراج ۾ هارپو ڪندڙ گهمن جهڙن ڀيلن انهي ۾ پناه ورتي. هڪڙي وري ٻي ڳالھ ته بئراج ۾ رهندڙ ڀيلن مان گهڻن عطائي ڊاڪٽري ڪئي. اهي ڀيل هيستائين ڪرشن ڀيل کانسواءِ نه ڪنهن اميدوار کي چونڊرائي سگهيا آهن، نه وري گهڻو پڙهي سگهيا آهن. ڀيلڻيون عورتون به مردن وانگر ئي آهن. هن قبيلي ۾ اهي بيماريون ناهن جيڪي ٻين پيڙهيل ۽ پٺتي پيل قبيلن ۾ هونديون آهن. هي نه ڪولهين وانگر ٺرو ڪڍن ۽ وڪڻن، نه وري هن قبيلي ۾ ٻي ڪا برائي آهي. جيئن نه هنن جي ڳوٺ ۾ وڏيرو، ڏيرو ڏئي ٺرو پي ويھي. هن قبيلي جون عورتون ٻين هندو قبيلن کان گهٽ مسلمان ٿيون هونديون، پريمي جوڙو ٿي. پر هڪڙي ڳالھ آهي هن قبيلي جا ايڪڙ ٻيڪڙ مرد مسلمان ٿي شيخ ۽ ماڇي ٿيندا رهن ٿا پر اهي به انگ اکر گهٽ آهي. بئراج ۾ اهو سمورو ووٽ وڏيري جو آهي جيڪو گهڻو ڪري هر اليڪشن ۾ ڪنهن نئين پولنگ اسٽيشن تي داخل ٿئي ٿو.

ڀيل وڏا چرچائي ۽ مشڪرا به هوندا آهن ۽ وڏا ويڙهاڪ به. انهن ڀيلن جي دربدر ٿيل ووٽ جو قدر ڪنهن به سياسي پارٽي سواءِ شهري ڌر جي ڪنهن وٽ ناهي، هنن جو ووٽ پوري سنڌ ۾ آهي خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ۾ ڀيل سڀني کان گهڻو آهي پر انهن کي ڪابه پارٽي نه مخصوص سيٽ ٿي ڏي نه وري اليڪشن ۾ ٽڪيٽ. منٺار ڪنڊاڻي کان وٺي رانجهي ڀيل تائين ۽ نه وري ڀيل قبيلو اڃا تائين پاڻ ۾ متحد ناهي نه وري ڪو ليڊر پئدا ڪري سگهيو آهي. نه ته هن قبيلي ۾ باقي سڀني اقليتي قبيلن کان وڌيڪ گڻ آهن. پر هن جو ووٽ سنڌ ۾ وڏيري جو آهي ۽ ٿر ۾ به متحد ووٽ ناهي بس ٽڙ پکڙ ووٽ آهي. هن قبيلي ۾ اليڪشن وڙهڻ ۽ اڄ جي دور ۾ پولنگ سنڀالڻ جا گڻ ۽ صلاحيتون به آهن. گهڻو ڀيل وري غوث جو مريد آهي. انهن ڀيلن هاڻوڪي اليڪشن ۾ ٻي ته خبر ڪونهي پر ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ جن جن پولنگ اسٽيشنن تي هنن جا ووٽ هئا اتي نتيجا ئي تبديل ڪري ڇڏيا. ڀيل بي ڊپا ته آهن انهي ڪري هنن ڀيلن جي ووٽ تي نڪو برادري جا پٽيل اثر انداز ٿي سگهيا نه وري وڏيرا. هنن جي دل جنهن کي چيو انهي کي ووٽ ڏنائون، ڀيلن نتيجا بدلائي ڇڏيا. ڳوٺاڻي سياست جا ڄاڻو چون ٿا ته اهو ڀيلن کي بينظير جي نالي تي ملندڙ هزار رپين جو ڪمال آهي جنهن ڀيلن کي بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پر اها ڳالھ مڃڻي پوندي ته هن ڀيري ڀيلن وڏيرن جي هوندي تير تي ٺپا هنيا آهن. ٿر ۾ هنن رڳو پٽيلن ۽ وڏيرن جي مخالفت ۾ ائين ڪيو آهي. اهو حب علي آهي يا بغض معاويه، اهو ته هنن جي دل کي خبر آهي پر في الحال ته ٺانٺو ئي ڦٽائي ڇڏيو اٿن. پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. ڀيلڻين دل کولي ووٽ ڏنا آهن. ٿر جي سياست جا ڄاڻو اهو ٿا چون ته هيل هنن هارايو ئي عورتن وارن بوٿن ۾ آهي. اها ڪيڏي نه وڏي تبديلي آهي جو ٿر جي عورت آزاد ٿي ووٽ ڏي ۽ ٿر جو اڇوت وڏيري ۽ پٽيل کي سڌو جواب ڏي. پوءِ انهي تبديلي جي ڊاريڪشن صحيح آهي يا غلط پر هنن انهي تبديلي جو بنياد ته وجهي ڇڏيو. اڳي ٿر جتي ووٽ جو ڪوبه قدر نه هو اتي هاڻ ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ، حجام ۽ ڪنڀار جي ووٽ جو به قدر ٿيو آهي، نه ته اهي ذاتيون اڳئي ٺڪرن ۽ سميجن، راهمن ۽ نهڙين جو رعيت سمجهيون وينديون هيون. نهڙيا هونءَ سڀ ارباب ٿي ويا هر اڇي ڪاري جا ڌڻي هئا. اتي جيڪڏهن ڪنهن ڀيلڻ جي ووٽ جي اهميت ٿي آهي، ڪنهن ڪنڀارڻ جي ووٽ جي لاچاري آهي ته اها اهميت پئدا ڪرڻ ۾ سڀ ڪجھ ڀيلن ڪيو آهي. جيڪا خاموش بغاوت آهي. گهڻي وفاداري هنن کي پيڙهين تائين پوئتي ڌڪي ڇڏيو هو. هاڻ ڪير به ڀيلن جو ووٽ ٺڪرن کان ڪو نه گهرندو نه وري ڀيلن جو ووٽ نهڙين صاحبن کان گهربو. هي سرسري نگاه آهي. اها تبديلي جيڪا هيٺين سطح تي اچي رهي آهي. انهي تي ڪنهن سماجي ڏاهي جي اک ئي نٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو سماجي ڏاهو هن اليڪشن تي تجزيا رڳو نتيجن کي ڏسي ڪري پيو اهو جيڪڏهن ٿورو هيٺ لهي ڏسي ته هن کي اهي نتيجا ڇو آيا؟ انهي جا ڪجھ ٻيا سبب به نظر ايندا جيڪي حڪومتي مشينري کان سواءِ به آهن. هو چون ٿا هاڻ ته وفاداري به غلامي بڻجي وئي آهي. هونئن به وفاداري ۽ غلامي جي وچ ۾ ٿوري ئي ويڇي آهي. وفاداري گهڻو عرصو، غلامي بڻجي ويندي آهي.
انهن ڀيلن ۾ هڪڙو ڪمال جو ماڻهو ٿيو آهي؛ صدر ڪامريڊ پوڙهو ڀيل، ڇهين واٽر وارو. چون ٿا وڏو ماڻهو هو جنهن ڇهين واٽر تي ڀيل اتحاد جي گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ جمن دربدر، عبدالواحد آريسر، قاسم پٿر ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري وارا هئا. انهي پوڙهي ڀيل وڃي ڀيلن کي هاري تحريڪ سان سلهاڙيو هن جو ٻانهن ٻيلي صالورام ڀيل هو. اهي خبرون به ڪبيون صدر پوڙهو ڀيل الڳ موضوع آهي.

No comments:

Post a Comment