Sunday, June 2, 2013

غربت جا رنگ - عبدالعزيز چنڊ

غربت جا رنگ
عبدالعزيز چنڊ
جتي ڪٿي چڱا مٺا هوندا آهن. اميرن ۾ به ڀلا ۽ معتبر ماڻهو ٿي گذريا آهن ۽ اڄ به آهن، اُهي خدا ترس، خلق کي فائدو پهچائڻ وارا ۽ چڱائي ڪرڻ وارا هوندا آهن. امير ڇاڪاڻ ته طاقت جو Symbol هوندا آهن، انهيءَ ڪري طاقت جي صحيح يا غلط استعمال ڪرڻ ڪري، چڱايون يا خرابيون پيدا ٿينديون آهن. طاقت يا اميريءَ جو پنهنجو مزاج يا نشو ٿيندو آهي. جيئن مست درياهه، پنهنجين موجن ذريعي، زمين سيراب به ڪندو آهي ۽ ستياناس به ڪندو آهي، تيئن امير ۽ طاقتور انسان جي هر حرڪت، فائدو ۽ نقصان به اهڙو ئي پيدا ڪندي آهي.

ڪي امير پنهنجي بهتر مزاج سبب وڌيڪ فائدو ڏيندا آهن. ڪي امير ۽ طاقتور انسان، بنيادي طور خبيث هئڻ ڪري نقصان وڌيڪ ڏيندا آهن. انهن نڀاڳن کان ڀلائي اوچتو ٿي ويندي آهي يا کانئن چڱائي سرزد ٿي ويندي آهي. هو بم وانگر هوندا آهن، جتي به هوندا يا ڦاٽندا ته رڳو نقصان ۽ تباهي ڪندا، اگر نه ڦاٽي سگهيا ته عجب ۾ پئجي ويندا.
اميرن ۽ ڏاڍن تي ڪئين ڪتاب لکيا ويا آهن. سندن چڱايون ۽ مٺايون ڳايون ويون آهن، پر انهيءَ جي اُبتڙ غريب کي صرف غريب چئي، نظرانداز ڪيو ويو آهي. انهيءَ قسم جي روش رکڻ ڪري، غريبن جي عملن ۽ عادتن ۽ ڪرتوتن سان وڏي بي انصافي ٿي آهي. دنيا ۾ غريب جو رڳو هڪ قسم ٻڌايو ويو آهي ۽ اُهو آهي ”غريب“. غريب صرف غريب آهي، انهيءَ قسم جي تاريخي ويساهه گهاتي، انساني تاريخ ۾ ڪڏهن ڪا نه ٿي آهي. نه صرف انساني تاريخ ۾ نه ٿي آهي، بلڪ جانورن ۽ انبن جي هسٽريءَ ۾ به ڪا نه ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته انب به صرف انب نه رهيو آهي، هو سنڌڙي، واڱڻ پالي، چونسو، لنگڙو ۽ الماس ٿي پيو آهي. انهيءَ ڪري غريبي ۽ غريب جي تاريخ کي Revisit ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تحقيق ڪبي، غور ڪبو ۽ غريبي جا قسم ۽ انداز ڳولبا ته وڏو داستان ٺهي پوندو. ساڻ اها به خوشي ٿيندي ته غربت جي اندازن ۽ طور طريقن جو ڪيڏو خزانو ڳولي هٿ ڪيو ويو آهي ۽ غربت کي هڪ انداز ۾ ڏسڻ ۽ پيش ڪرڻ ڪيڏو وڏو ظلم هو.
1.     بڻيائتو ۽ خانداني غريب
غريب جو پهريون قسم؛ بڻيائتو ۽ خانداني غريب آهي. هي سادو، خدا ترس، مسڪين، الله لوڪ فقير، ڪنهن کي نقصان نه پهچائڻ وارو آهي. هن غريب جو ابو به غريب هو، ڏاڏو به غريب هو. ڏاڏي به سادي ۽ غريب هئي. هن جي ڏاڏي اهڙي ته سادي ۽ غريب هئي جو پالڪ جي جڳهه تي لوسڻ ۽ برسيم جو ٻوڙ رڌيو ويٺي هوندي هئي. هنن غريبن ڪنهن کي به ڪو نقصان نه پهچايو، هي خانداني غريب هئا، سچا هئا، بڻيائتا هئا.
2.     شرير غريب
ٻيو غريب، شرير غريب آهي. هن وٽ فساد ڪرڻ لاءِ ڪا طاقت نه هوندي آهي. پر شرارت جو وڏو ڪارخانو اندر ۾ کنيو پيو گهمندو آهي. ڪا نه ڪا شرارت اهڙي ڪندو جو شريف ماڻهو پريشان ٿي ويندا. هي ڇاڪاڻ ته سڃو ۽ غريب هوندو آهي، انهيءَ ڪري پوليس به کيس ڪا نه ٻڌندي آهي. ڇاڪاڻ ته پوليس کي کپن پئسا. اُهي هن وٽ هوندا ڪو نه. خوامخواهه پوليس وارن جي ڪنڌ ۾ وڃي لڳندو ته چانهه به پوليس وارن کي پيارڻي پوندي. انهيءَ ڪري باوجود انهيءَ جي جو سڄو پاڙو يا ڳوٺ بيزار هوندو پر هن سُڃي ۽ شرير غريب کي ڪري ڪجهه به ڪو نه سگهندا.
3.     گلا خور غريب
گلا خور غريب به انهيءَ جنس جو اهم رڪن آهي. کيس ڇاڪاڻ ته غربت سبب ڪجهه به ڏيڻو نه هوندو آهي، رڳو وٺڻو ئي وٺڻو هوندو آهي. انهيءَ ڪري هر قسم جي عمل جي گلا ڪرڻ سندس عادت هوندي آهي. کيس ڪيترو به کاڌو يا پئسو ملي، پر هو مطمئن نه ٿيندو. کائڻ واري جاءِ تان اُٿي، ٻئي هنڌ پهچندو ته گلا شروع. هو هارايل سياستدان وانگر اهڙيون ته Points ڳولي ايندو جو ٻڌڻ وارو حال في الحال ته سمجهندو ته واقعي همراهه سان ناانصافي ٿي آهي. حق تي ويٺو رڙيون ڪري. تحقيق ڪري معلوم ڪبو ته همراهه گلاخورن جي خاندان جو چشم و چراغ ثابت ٿيندو. هي جيستائين گلا نه ڪندو، ننڊ، هاضمو ۽ سڪون ڪو نه ملندس.
4.     ٽوٽي غريب
ٽوٽي غريب هن جنس جو اعليٰ عهديدار آهي. ڪم ڪرڻ کيس ڪو نه وڻندو آهي. جيڪو به ڪم ڪندو ته ڄاڻي واڻي ٻيڙو ٻوڙيندس، تاڪ ٻيهر کيس ڪم نه چيو وڃي. هنن جي هڪڙي انجمن يا يونين هوندي آهي. شام جو روز ميٽنگ ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي نٽائڻ ۽ ٽوٽپڻي جا نوان ۽ جديد طريقا ٻڌائيندا آهن. ڪن لاٽار کان کُتو جواب ڏيڻ جا گُر اُن ۾ شامل هوندا آهن. روز نئين بيماري ۽ بهانو ايجاد ڪرڻ، سندن ڏائي هٿ جو ڪم آهي. ٽوٽي ۽ هڏ حرام هئڻ ڪري، هروڀرو کين ڪو به ڪم ڪو نه چوندو آهي، پر جيڪڏهن مجبورن چئبو ته ڪم اهڙو ڪندا جو چوڻ واري کي همت ڪا نه ٿيندي. گهُربو پاڻي ته، مک سميت پاڻيءَ جو گلاب پيش ڪندا، چئبن سودو وٺڻ جو ته هڪ ٻي شيءِ وٺي ايندا. مطلب ته اُٿندا ڪو نه، پر داٻو ڏئي جي اُٿاربن ته ڪم جو خانو خراب ڪري وڃي دنگ ڪندا.
5.     خوشامدي غريب
خوشامدي غريب مزي وارا هوندا آهن. اهڙيون مٺيون ۽ خوش ڪندڙ، خوشامند ڀريون ڳالهيون ڪندا، تعريفون ڪندا جو نه چاهيندي به کيسي مان پنجاهه سؤ ڪڍي ويندا. اهڙيون خبرون کڻي ايندا جو محسوس نه ٿيندو ته ٺڪاءُ پيا هڻن، پر هنن جو انداز اهڙو دلربا ۽ دلپذير هوندو جو ماڻهو مجبور ٿي ويندو. ڪنهن بي سُري ۽ واڇان آفيسر کي اهڙيون خوبصورتي ۽ قابليت جون ٽِڪيون پياريندا جو همراهه ٻي شاديءَ لاءِ تيار. کيس اهڙو باور ڪرائيندا جو هو سمجهندو ته پاڻ ڪو سخا ۽ قابليت جو مينار آهي. هي خوشامدي غريب، نااهل، بدصورت، چٻن، گنجن، پوڙهن، اڇن وارن وارا، مدي خارج آفيسرن ۽ اميرن ۽ راشي آفيسرن کي اهڙيون ته پٽيون پڙهائيندا جو هو وقتي طور تي جوان، سهڻا ۽ قابل ٿي پوندا. هي خطرناڪ قسم جا غريب آهن. مٺي زهر سان قتل ڪندا آهن. مرڻ وارو امير ۽ راشي ڪامورو، سخت چٻو ۽ بي سُرو ۽ وائڙو هوندي به انهيءَ احساس تحت مرندو، جهڙو سندس موت دليپ ڪمار جهڙي هيرو جو هجي. کيس غلط فهمي ويهاري ويندي ته مرڻ کانپوءِ جام نوجوان عورتون سندس ڏک ۾ ۽ ڪي عشق ۾ ڪنڊن ۾ روئينديون، ڳوڙها ڳاڙينديون، بلڪ هنجون هارينديون.
6.     شرميلو غريب
شرميلو غريب به ٿيندو آهي. هي ويچارو اڪثر ڪري عورتن جي نوڪري ڪندو آهي. انهيءَ ڪري شرميلو ٿي ويندو آهي. کيس عورتون مالڪياڻيون ملنديون، هاڻ هو شريف ماڻهو عورتن جون بي باڪ، بي ڌڙڪ ۽ کلم کلا ڳالهيون ٻڌي ۽ حڪم ٻڌي شرمائجي ويندو آهي. اوچتو ڪا مالڪياڻي کيس حڪم ڪندي ته، گرهه ڀڃي منهنجي وات ۾ وجهه، ڇو ته منهنجي ’رائٽ هينڊ‘ جي ’فنگر‘ زخمي ٿي پئي آهي. همراهه شرمائجي ويندو. اڃا انهيءَ شاڪ ۽ صدمي ۾ هوندو ئي ته حڪم ٿيندس ته Baby کي شاپنگ تي وٺي وڃ. ويچارو شرميلو غريب ٻيهر شرمائجي ويندو. ڇاڪاڻ ته شرميلي غريب کي خبر آهي ته Baby، هڪ قسم جو بم آهي، بلڪ خطرناڪ بم آهي، اها ڳالهه سوچي شرميلو غريب، اصل شرميلي موت جي قريب ٿي ويندو.
7.     جاهل غريب
جاهل غريب سڀني جو لٺ سردار آهي. سڀني کان وڌيڪ علم وارو ۽ عقل وارو هوندو آهي. غربت کان وڌيڪ سندس جهالت هاڃيڪار هوندي آهي. هو پنهنجي طرفان اهڙا ته عملي ۽ هُنري نسخا توهان کي ٻڌائيندو جو توهان ڀڄي جند ڇڏائيندو. هو سخت قسم جو جاهل هوندو آهي. هن جي آڏو ڪو به عالم، ڪجهه به ڪو نه هوندو آهي. سُڃائي ۽ غربت کيس عجيب غريب قسم جا علم سيکاري ڇڏيا هوندا آهن. هن همراهه کي شريعت، سياست، معاشيات ۽ ادب جا سڀ مسئلا معلوم هوندا آهن، هن جي جهل جو ميدان ڪشادو هوندو آهي ۽ سندس نشاني کان ڪوبه ننڍو وڏو بچي ڪونه سگهندو آهي.
8.     موالي غريب
موالي غريب هي دنيا جو امير ترين غريب آهي. هن جي چرس ۽ ڀنگ جو خرچ، صدر پاڪستان جي خرچ کان وڌيڪ هوندو آهي. پاڻ ميخانه ۾ ۽ ٻچا مسجد ۾ يا مامن وٽ. زال ۽ ٻار ماني مامن وٽ کائي، سندس لاءِ کڻي ايندا. دال ماني جو ٻڌي زال کي ستر گاريون ڏيندو. اولاد کي نڪمو، نکٽو قرار ڏيندو. رات جو زال کي ڪُٽڪو ته صبح جو ٻارن تي لٺ جو زيپٽ، کين حڪم ڪندو ته وڃي ڪٿان به پئسا وٺي اچو. مون کي ڀنگ ۽ چرس جو راشن وٺڻو آهي. زال ويچاري پيءُ ڀاءُ کان پني کيس اچي ڏيندي. ٻاهر نڪري ڳوٺ جي سنگت کي ٻڌائيندو ته؛ ڏسو، ڪمايان به ڪو نه، خرچ به فلاڻي وڏيري کان وڌيڪ آهي. هي عجب قسم جو غريب موالي آهي، جيڪو اميري ۽ غريبيءَ کي گڏ کنيو هلي. نشو پِن جو اٿس، پر خيال امير ۽ شاهوڪار اٿس.

غربت جو رنگ ڪهڙو به هجي، غريب جا رنگ هزار آهن.

No comments:

Post a Comment