واھي، ڪمدار ۽ ڪوٽار
مٺل جسڪاڻي
واھي، ڪمدار ۽ ڪوٽار،
نه ڪو سڄڻ ھاريءَ جا،
نه ڪو سڄڻ ھاريءَ جا،
نه خير خواھه زميندار جا،
نه ڪو ھاري ٿو سمجهي،
نه ئي ٿو زميندار سمجهي!
* واھيءَ جو ڪم
آھي؛ پوکيل فصل جي ڀيل ۽ وھندڙ پاڻي جي چڪاس ڪرڻ، ته زيان ته نه ٿو ٿئي. (پھير ٿئي
چور، واھي وھي ڪيترو.)
* ڪمدار جو ڪم
آھي؛ ھارين کي ڪم ياد ڏيارڻ، ڏَسڻ.
* ڪوٽار جو ڪم
آھي؛ ڪوٽ (اوطاق) ۾ پھتل اپت، ٻج، ڀاڻ وغيره جي رکوالي ۽ واسطيدار کي ڏيڻ يا سنڀالي
وٺڻ.
* منشيءَ جو ڪم
آھي؛ حساب ڪتاب رکڻ، ليکوچوکي رکڻ ۽ وھنوار سڌو ڪري ڏيڻ.