فيس بڪ جا رنگ
ھمير گاد
هڪ ڀيري ڪنهن دوست
چيو؛ ”اسان وٽ، سڀ کان ڪامياب اداڪار، صرف سياست ۾ آھن ۽ اداڪاري ڪرڻ جو گهڻو معاوضو
به سياست ۾ ملندو آھي.“
۽ مون ان کي
جواب ۾ چيو؛ ”جيڪڏهن تو کي بهترين ڊراما ڏسڻا آھن ته ٽي وي بند ڪري، فيس بڪ کولي ڏس!
ماشاءَ الله سان تو کي ايترا ڊراما ڏسڻ لاءِ ملندا جو تون خود حيران ٿي ويندين.“
