Showing posts with label ناڪام شاعره جو انٽرويو، ھمير گاد،. Show all posts
Showing posts with label ناڪام شاعره جو انٽرويو، ھمير گاد،. Show all posts

Saturday, August 10, 2019

ناڪام شاعره جو انٽرويو - ھمير گاد


ناڪام شاعره جو انٽرويو
(مزاحيه)
ھمير گاد
صحافي: پنهنجو تعارف ڪرايو.؟
ناڪام شاعره: منهنجو نالو وليمه، ادبي نالو ناڪام شاعره، منهنجي تعليم اي ايم(AM) سنڌي ادب، پي ايم (PM) اردو ادب.
صحافي: ادب ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪيئن ٿيو.؟
ناڪام شاعره: ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو شوق هو اسڪول جي امتحاني ڪاپي تي ڪنهن سوال جو جواب نه ايندو هو ته فلم جو ڪو گانو جيڪو سڄو ياد هوندو هو اهو لکي ايندي هيس ۽ ماشاءَ الله سان مارڪون به سڀ کان گهڻيون ان جواب تي ئي ملنديون هيون.