بَڊَو، بدنام
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ اوهان هي سٽون پڙهي
رهيا آهيو ته هندي مهيني بَڊَي جي ۴ تاريخ آهي. سنڌ ۾ قديم زماني کان رائج هلندڙ
واڻڪي ٻوليءَ وارو سانوڻ (برسات جو مهينو)، ڪانهوڙو، درياءَ (پاڻي) ۾ ٻوڙڻ کانپوءِ،
موڪلائي ويو. ٻين لفظن ۾؛ جنم اشٽمي (ڀڳوان ڪرشن) جو ڏينهن، سانوڻ جي مينگهه
ملهاري ۽ وسڪارن جو آخري ڏينهن هوندو آهي، جنهن مهيني ۾ ٿڌڙي جا مٺا مٺا لولا به
پچائي کاڌا ۽ کارايا ويندا آهن. (پر شگر وارن کي نه) بقول حڪيم نذير صاحب جي ته
شگر هڪ انتهائي وفادار (دوست) مرض آهي، جيڪو ڪڏهن به نه ڇڏيندو آهي. سانوڻ جو
مهينو ختم ٿي وڃڻ جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ان کانپوءِ مينهن نه وسندا. مينهن ته
پوءِ به وسندا رهندا آهن پر سانوڻ جو مهينو ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ خاص مشهور بدنام
زمانه مهينو ”بَڊَو“ شروع ٿي ويندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جي زميندارن وٽ گفتگو ۽
ڪچهري ۾ هن بڊي مهيني جو اڪثر ذڪر ٿيندو هو، ڇو ته بڊو معنيٰ ٺَڙَ ٺَڙَ گوپال. آڳاٽي دور
۾ سنڌ ۾ زميندار ۽ آبادگارن وٽ آمدني ۽ ڪمائي جو ذريعو زرعي آبادي ۾ وونئڻ، ڪڻڪ،
ساريون هو. وسيلا گهٽ هئا. ان ڪري هن مهيني بڊي کي کوٽ کاتي وارو مهينو چيو ويندو
هو پر هاڻ هر هنڌ تبديلي اچي چڪي آهي. ان ڪري زميندارن ۽ آبادگارن پنهنجي زرعي ڪمائي
۽ آمدني جا ذريعا به تبديل ڪري ڇڏيا آهن. ڇو ته زراعت ۾ زرعي فصل بدران باغات
(انب، ٻير وغيره) جو عمل دخل وڌي ويو آهي. جنهن ڪري هاڻي ڇا سانوڻ ته ڇا بَڊو، سڀئي
مهينا ساڳيا سانوڻ جهڙا وسندڙ آهن ۽ سنڌ واسي زميندار توڙي آبادگار مول ۾ بيٺا آهن.
حالانڪ آڳاٽي دور ۾ بڊو اوڌر گهرڻ ۽ قرض کڻڻ جو مهينو سمجهيو ويندو هو. ان ڪري
سانوڻيءَ جي مُند ختم ٿيندي ئي هر ڪنهن جي وات تي اها ئي ڳالهه هوندي هئي ته؛ ادا بڊو آهي. ان ڪري هن مهيني دوران شاديون ۽ ٻيون تقريبون، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي لحاظ
کان، نه ٿينديون هيون. انهيءَ ڳالهه جي شاهدي، ناري ۽ لاڙ جا آبادگار اڄ به ضرور ڏيندا
ته؛ ”ادا بڊو اچي ويو هاڻ خير لڳو پيو آهي.“ يا ”ادا بڊو
هلي پيو ڪجهه نه ٿيندو.“ يعني اٿندي،
ويهندي اردو گاني ”مُني بدنام هوئي“ وانگر بڊو بدنام هوندو هو. حالانڪ لفظ بڊو
مهينو نه هوندي به سڄو سال ٻولي ۾ ڳالهه ٻولهه طور، عقل جي اشاري طور، استعمال ٿيندو
هو ته ”بڊو آهي.“ معنيٰ ته پئسو ڏوڪڙ نه آهي.