Showing posts with label اچو ته گرامر سکون، طنز مزاح، دريا خان شنباڻي،. Show all posts
Showing posts with label اچو ته گرامر سکون، طنز مزاح، دريا خان شنباڻي،. Show all posts

Monday, November 25, 2019

اچو ته گرامر سکون - دريا خان شنباڻي


اچو ته گرامر سکون
طنز مزاح
دريا خان شنباڻي
Image result for ‫دانائی معنی‬‎اسان کي ننڍي هوندي پنهنجي انگريزيءَ جي استادن گرامر پڙھائڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به “گرام” ۾ ڪو نه اچي سگهياسين. انهن ٽئي زمان به پڙھايا، پر اسان کي گرامر سمجهڻ لاءِ شايد زمانا درڪار هئا، پر پوءِ به استادن کي شابس، جو ڪا ڪسر نه ڇڏيائون ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون ته من اهڙا سڀاڳا ڪنهن مقام تي پهچي سگهن پر اسين ٽنهي زمانن مان نڪري الائي ڪهڙي “مڪان” تي پهتاسين. اسان کي استادن اهو به ٻڌايو ته ايڪٽو وائيس ۽ پيسِو وائيس ڇا آھي ۽ لکي به ايندا هئاسين پر آخر تائين ان جو اصل مقصد سمجهي نه سگهياسين. استاد چوندا هئا ته “مان لکان ٿو” واري جملي کي پيسِو وائيس ۾ تبديل ڪريو ته اسين کيس “مون کان لکرايو ويو” لکي ڏيکاريندا هئاسين، ته استاد شاباش به ڏيندا هئا. پر جي انهن ڏينهن ۾ استاد اسان کي اهو جملو “مون شادي ڪئي” واري جملي کي “منهنجي شادي ڪرائي وئي” لکرائين ها ته اڄ شايد هي در در ڀٽڪڻ واري نوبت نه اچي ها. “مون شادي ڪئي” واري جملي کي هيئن لکون ها ته “استاد سائين! منهنجي شادي زوري ڪرائي وئي”.