Showing posts with label ٻارھن مھينن جا نالا، راڻا محمد شاھد، يوسف جميل لغاري،. Show all posts
Showing posts with label ٻارھن مھينن جا نالا، راڻا محمد شاھد، يوسف جميل لغاري،. Show all posts

Sunday, November 17, 2019

ٻارھن مھينن جا نالا - راڻا محمد شاھد - يوسف جميل لغاري


 ٻارھن مھينن جا نالا 
راڻا محمد شاھد/ يوسف جميل لغاري

جنوري:
عيسوي سال جي پهرين مهيني جو نالو، روم جي هڪ ديوتا (Janus) جي نالي تان اخذ ڪيل آهي. جانس ديوتا بابت اهو چيو ويندو آهي ته هن جي عبادت صرف جنگ دوران ڪئي ويندي هئي، امن ۾ نه. هن ديوتا کي ٻه مٿا هئا جن سان هو هڪ ئي وقت سامهون ۽ پوئتي ڏسي سگهڻ جي صلاحيت رکندو هو. جيئن ديوتا جانس ان هڪ ئي وقت اڳتي توڙي پوئتي نهاري سگهي ٿو، جنوري جي مهيني ۾ به انسان به گذريل سال توڙي نئين سال سوچ ويچار ڪري سگهي. چيو وڃي ٿو ته لفظ جنوري لاطيني ٻولي جي لفظ جنوا (Janua) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي دروازا. ايئن هن مهيني جي نالي جي مناسبت سان معنيٰ ٿي “سال جو دروازو” هي مهينو ۳۱ ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.