تقدير، عشق ۽ طمع
ڊاڪٽر نواز علي
شوق
لقمان حڪيم وٽ عقل
آيو. کانئس پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندو آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان
عقل آهيان، انسان جي مٿي ۾ رهندو آهيان.“
پوءِ وٽس شرم آيو.
ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندو آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان شرم
آهيان ۽ اکين ۾ رهندو آهيان.“
وري وٽس محبت آئي.
ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندي آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان
محبت آهيان، انسان جي دل ۾ رهندي آهيان.“
پوءِ وري وٽس تقدير
آئي. ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندي آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان
تقدير آهيان، انسان جي مٿي ۾ رهندي آهيان.“
تنهن تي لقمان کيس
چيو؛ ”اتي ته عقل رهندو آهي.“
عقل چيس؛ ”جڏهن تقدير
ايندي آهي، ته مان موڪلائي ويندو آهيان.“
وري وٽس عشق آيو.
ان کان به اهو ئي پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندو آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان عشق
آهيان، اکين ۾ رهندو آهيان.“
لقمان چيس؛ ”اتي ته
شرم رهندو آهي.“
تنهن تي هن چيس؛ ”جڏهن
عشق ايندو آهي ته شرم هليو ويندو آهي.“
ڀٽائي فرمايو آهي؛
”عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.“
سڀ کان آخر ۾ طمع
آئي. لقمان کانئس پڇيو؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندي آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان
طمع آهيان ۽ دل ۾ رهندي آهيان.“
تنهن تي لقمان چيس؛
”اتي ته محبت رهندي آهي.“
هن چيس؛ ”جڏهن طمع
ايندي آهي، ته محبت هلي ويندي آهي.“
No comments:
Post a Comment