Showing posts with label نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل، طنز ۽ مزاح، ھمير گاد،. Show all posts
Showing posts with label نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل، طنز ۽ مزاح، ھمير گاد،. Show all posts

Monday, November 25, 2019

نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل - ھمير گاد


نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
سوال: آئون گذريل هڪ مهيني کان شديد ڊپريشن جو شڪار آھيان. مون کي جنهن ڇوڪريءَ سان پيار هو ان منهنجي محبت ۾، منهنجي دشمن سان شادي ڪري ڇڏي. چيائين؛ ”جڏھن تباھ ئي ڪرڻو آ ته پنهنجي عاشق کي ڇو ڪريان، ان جي دشمن کي ڇو نه ڪريان. جڏھن ته ان جي مڙس جي پهريان به شادي ٿيل آھي.؟ (سڻڀو گيھ)
جواب: اوهان روزانه ٽي وقت گوري ”جي سوريا“ کائيندا ڪريو سال پورو کائيندا رهو جيڪڏھن ڊوز توهان کي فائدو نه ڏي ته ان کي ۲ سال تائين کائو فائدو ٿي ويندو. جيڪڏھن ۱۰ سيڪڙو به فائدو نه ٿئي ته رات جو سمهڻ کان بعد ۾ ۵۷۰ ڀيرا شيلا ڪي جواني پڙهي محبوبه جي مڙس جي گهر ڏي منهن ڪري شوڪاريندئو ته پڪ ئي پڪ اوهان جو ٻيڙو هميشه لاء ٻُڏي ويندو.