Wednesday, July 24, 2019

وڏو ليکڪ - همير گاد


وڏو ليکڪ
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
ڪنهن نقاد، هڪ ڪتاب جي باري ۾ لکيو هو؛ هي ڪتاب، انهن ماڻھن کي پسند ايندو، جن کي اهڙا ڪتاب پسند هوندا آھن.“ ائين ئي وڏو ليکڪ، انهن ماڻھن کي پسند آ، جن کي اهڙا ماڻھو وڻندا آھن.
وڏو ليکڪ، ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي.
وڏو ليکڪ، ان جي ڪري آ، ڇو جو هو پاڻ کي ئي صرف وڏو ۽ ٻين کي ننڍو ۽ ھوائي ليکڪ سمجهندو آ.
پاڻ کي هميشه ڏاهو ۽ اعليٰ، ٻين کي بيوقوف ۽ پاڻ کان ھميشه گهٽ سمجهندو آ.


وڏو ليکڪ، قبرستان يونيورسٽيءَ ۾ پڙھيو، جتي کيس مُردن جو حساب ڪتاب ڪرڻ سيکاريو ويندو هو.
ننڍي هوندي کان تاريخ سان به ڏاڍي دلچسپي هيس.
روز پاڻ سان ڪئلينڊر ساڻ کڻي گهمندو هو. پاڙيوارن جي پڇڻ تي چوندو هو؛ مان تاريخ بدلائڻ لاءِ پيدا ٿيو آھيان. روز تاريخ بدلائيندس.
ننڍي هوندي، پاڙيوارا اڪثر کيس چيڙائيندا هئا؛ ڇا واقعي تون ۵ مارچ تي پيدا ٿيو هئين.؟
انهن کي ڪاوڙ ۾ چوندو هو؛ پيدا نه ٿيو هيم ته باقي ڇا مِينهن (Rain) سان گڏ ھيٺ ڪِريو هيم.
وڏي ليکڪ جو پهريون لکيل ڊرامو چنڊا رهين ٿو دور“ هو.
هن ڊرامي ۾ اهو ڏيکاريو ويو هو ته ماڻهو جوان به هجي ۽ چوري نه ڪري، پوءِ ڪهڙو فائدو اهڙي جوانيءَ جو.
پهرئين ئي ڊرامي ۾، کيس وڏي ۾ وڏو ايوارڊ، بس ڪر“ ڏنو ويو. حالانڪ اها ڪهاڻي، هڪ سينيئر ليکڪ جي لکيل هئي، جيڪا هن چوري ڪري، پنهنجي نالي سان لکي هئي.
“بس ڪر“ ايوارڊ ملڻ کان پوءِ به، هن چوريءَ کان بس نه ڪئي.
هُن هڪ ٽيلي فلم به لکي، جيڪا پنج پنجابي فلمن جي برابر هئي... جي ها، پنج پنجابي فلمن کي ملائي ڪري، هن هڪ فلم لکي.
هُن جي ڏسڻ سان، ماڻھوءَ جي چهري جي رهي سهي رونق به هلي وڃي.
هن هڪ ٽوٿ پيسٽ جي اشتهار ۾ به ڪم ڪيو هو. ٻئي ڏينهن تي اهو اشتهار ته بند ٿيو ئي ٿيو، پر ان سان گڏ ان ٽوٿ پيسٽ تي به پابندي لڳي وئي.
سندس پسنديده شاعر مرزا غالب آ. بقول سندس جي ته؛ غالب دنيا جو اهو واحد شاعر آ، جيڪو سمجھ ۾ نه اچي ته ڊبل مزو ڏيندو آ.“
جڏھن به گناھ ڪندو آ، ته چوندو آ؛ گناھ کي ھميشه گناھ سمجهي ڪيو آ، ان لاءِ ڪو به پڇتاءُ ناهي.
هڪ ڀيري طبيعت خراب ٿي ويس ته ڊاڪٽر ڏي ويو. ڊاڪٽر ٽي وقت دوائون لکي ڏنس؛ صبح، منجهند ۽ مرڻ کان پوءِ. ٻيهر ان ڊاڪٽر ڏي ئي ڪو نه ويو.
ڪڏھن ڪڏھن ائين به چوندو آ ته؛ مون جهڙي مھان رائيٽر جي، هن ملڪ کي ضرورت ئي ناهي. ڪاش مان ٻاهر پيدا ٿيان هان..واقعي جيڪڏهن هو ٻاهر پيدا ٿئي ها ته کيس مرچن جا هار پارائي، مڃتا ڏني وڃي ها.
ھو ايڏو وڏو ليکڪ آ جو هن جي ٽن ڊرامن کي ٽالسٽاءِ، چيخوف ۽ گورڪيءَ انگريزيءَ ۾ تجربو ڪيا، مطلب ته ترجمو ڪيا هئا. اهو به هُن جي هڪ ايڪسپائر خواب ۾.
سڄي زندگي، هن فن کي ڏئي ڇڏي. هن ايتريون قربانيون ڏنيون آھن، ايتريون جانورن به نه ڏنيون هونديون.
هن جي دؤر ۾، سنڌي ڊرامن کي عروج مليو. عروج، هن جي هڪ شاگرد جو نالو هو، جنهن کي هن زبردستيءَ ليکڪ بڻايو ۽ تقريبن هن جي شاگرد جيڪي به ڊراما لکيا، سڀ ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڪارو ڪاريءَ تي لکيا.
بقول وڏي ليکڪ جي؛ ٻين رائيٽرز جا جيڪي به ڪامياب ڊراما، شھر ۽ شھر کان ٻاهر، اڄ تائين پيش ٿي چڪا آھن، انهن جي ڪاميابيءَ پٺيان هُن جو ئي هٿ آھي. اهو ائين جو جيڪي پنج ڀيرا پرائمري فيل هئا، جن کي ڪهاڻي ڇا ٿيندي آ جي به خبر نه آھي، تن کي ڊراما ليکڪ هن مهان وڏي ليکڪ بڻايو.
هڪ ڀيري هن سِڪس پيئر (ڇھ پيءَ) (شيڪسپيئر) جي لکيل ڊرامي جي اسٽوري چورائي، پنهنجي نالي سان لکي ته ماڻھن چيس؛ اهو ته شيڪسپيئر جو لکيل مشھور ڊرامو هو، اها ڀلا اوهان جي اسٽوري ڪيئن ٿي.؟
تنهن تي وڏي ليکڪ ڪاوڙ ۾ چين؛ اهو حسين اتفاق آ، ٻيو ڪجھ ناهي. ائين ته سعادت حسين منٽو جي ڪهاڻي آرٽسٽ لوگ“ او هينري جي هڪ افساني جي چرٻو هئي.
ٻيو مان اوهان کي ٻڌايان ته شيڪسپيئر منهنجي ڪهاڻي چورائي هئي، مان نه.. مان هميشه اوريجنل ڪم ڪيو آ. ڊرامن ۾ نيون نيون ڪهاڻيون، پراڻن ڪتابن مان ڪڍي، ڏسندڙن کي ڏنيون آھن.
عشق جي باري ۾ جڏھن هن کان ڪو ئي پڇندو آ ته عشق ڪيَو.؟ ته اموشنل ٿي چوندو آ؛ نه پڇو، اها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آ...
خبر ناهي ته ڪيتري ڊگهي ڪهاڻي آ، ان ۾ گانا ڪيترا آھن؟ انٽرويل به آهي الاءِ نه؟ اها اڄ تائين ڪنهن کي خبر ناهي پئجي سگهي.
پر مون کي لڳي ٿو ته هن سان ڪنهن ڇوڪريءَ پيار ڪيو ئي نه هوندو. هن جو مُنهن ڏسي، ٿي سگهي ٿو ڇوڪريءَ کنگھ جو سيرپ پي ڪري، خودڪشي ڪري ڇڏي هجي.
هن جي شڪل ۽ صورت ماشاءَ الله سان، اهڙي آھي اگر ڪو ئي ٻار هن کي ويجهي کان ڏسي ته خوشيءَ مان رڙ ڪري چوي؛ پاپا پاپا، اڄ پوگو چئنل صفا ڪليئر ٿو هلي.
اڪثر پروگرامن ۾، ماڻھن سان ڊاڙون هڻي چوندو آ؛ منھنجا لکيل اسٽيج ڊراما بنگلاديش، ڪينيا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ سب ٽائيٽل سان گڏ لائيو (Live) پيش ڪيا ويا آھن.
ريسلنگ ڏسڻ جو تمام گهڻو شوقين آ. اڪثر ڪري ٽي وي تي ڏسندو آ، يا ڪڏھن ڪڏھن اسيمبلي هليو ويندو آ.
برنارڊشاءَ کي هڪ نوجوان، ڊرامي ڏسڻ جي دعوت ڏني ته؛ اوهان منهنجو ڊرامو ڏسي، پنهنجي راءِ ضرور ڏجو.
ڊرامي جي دوران برنارڊشاءَ سُمهي پيو ته ان نوجوان چيس؛ توهان ته سُمهي پيئو، توهان کي ته مون تبصري جي لاءِ چيو هو.
تنهن تي برنارڊشاءَ چيس؛ اهو تبصرو ئي ته آھي.
بلڪل ائين وڏي ليکڪ جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۾ اڪثر پبلڪ ننڊ پئي هوندي آ.
هڪ ڀيري ته سندس لکيل هڪ اسٽيج ڊرامي تي ڊائريڪٽر کي هلندڙ ڊرامي ۾ ننڊ اچي وئي هئي.
هاڻي ته پڇاڙيءَ ۾ هو هڪ هڪ کي اهو چوندو ٿو وتي ته؛ جيڪڏھن تون منهنجي ورسيءَ ۾ نه آئين ته مان به تنهنجي ورسيءَ ۾ نه ايندس.“

روزاني ارادو“ اخبار ۾، بتاريخ ۲۱ جولاءِ ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل، ليکڪ جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment