Showing posts with label تقدير، عشق، طمع، ڊاڪٽر نواز علي شوق، لقمان حڪيم،. Show all posts
Showing posts with label تقدير، عشق، طمع، ڊاڪٽر نواز علي شوق، لقمان حڪيم،. Show all posts

Friday, August 16, 2019

تقدير، عشق ۽ طمع


تقدير، عشق ۽ طمع
ڊاڪٽر نواز علي شوق
لقمان حڪيم وٽ عقل آيو. کانئس پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندو آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان عقل آهيان، انسان جي مٿي ۾ رهندو آهيان.“
پوءِ وٽس شرم آيو. ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندو آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان شرم آهيان ۽ اکين ۾ رهندو آهيان.“
وري وٽس محبت آئي. ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندي آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان محبت آهيان، انسان جي دل ۾ رهندي آهيان.“
پوءِ وري وٽس تقدير آئي. ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندي آهين“؟