خوابن جي تعبير
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
خوابن
جي تعبير ٻڌائڻ وارو بابا، پڙھندڙن کي درخواست ٿو ڪري ته؛ جيئن ئي اوهان کي ڪو ئي
خواب اچي ته اهو مهرباني ڪري وٽس جمع ڪرايو. بلڪ ڏسڻ کان پهريان ئي اهو خواب کيس
موڪلي ڇڏيو. ائڊريس، خوابن جي تعبير ٻڌائڻ کان پوءِ، ٻڌائي ويندي.
جناب الف عين لکي ٿو:
خواب:
مان خواب ۾ ڏسان ٿو هڪ ٿلهو جِن منهنجي کٽ جي ڀرسان بيٺو آھي. مون کي ٻانهن کان لوڏي
چئي ٿو؛ اُٿ! پنهنجي جنازي جي نماز پڙھ. مان شرڪ ڀري يڪدم اٿان ٿو.
مهرباني
ڪري مون کي ان ڀوائتي خواب جي تعبير ٻڌايو.
