ناڪام شاعره جو انٽرويو
(مزاحيه)
ھمير گاد
صحافي: پنهنجو
تعارف ڪرايو.؟
ناڪام شاعره:
منهنجو نالو وليمه، ادبي نالو ناڪام شاعره، منهنجي تعليم اي ايم(AM) سنڌي ادب،
پي ايم (PM)
اردو ادب.
صحافي: ادب ڏانهن
اوهان جو لاڙو ڪيئن ٿيو.؟
ناڪام شاعره: ننڍي
هوندي کان ئي لکڻ جو شوق هو اسڪول جي امتحاني ڪاپي تي ڪنهن سوال جو جواب نه ايندو
هو ته فلم جو ڪو گانو جيڪو سڄو ياد هوندو هو اهو لکي ايندي هيس ۽ ماشاءَ الله سان
مارڪون به سڀ کان گهڻيون ان جواب تي ئي ملنديون هيون.