ڏاڏي ٻانھي جي ڪچھري
ڊاڪٽر الطاف
جوکيو
ڏاڏو ٻانھو آهي ته نوي کان چڙهيل،
پر قد ڪاٺ، ڪم ڪار، ڳالھائڻ ٻولھائڻ وغيره ۾ پوڙهي اُٺ چواڻي گهڻن کان ڏاڍو آهي. ڪتريل
ڏاڙهي، پورا پنا شھپر، کسي ڳچيءَ تي پھراڻ، موڪري شلوار، پير ۾ کيترو، مٿي تي
محرابي ٽوپي- اهي سندس حليا آهن. پراڻي جڳ جي ناتي ڳوٺ وارا کيس چڱو مڙس ئي
سمجهندا آهن. سنڌ جي مٽيءَ سان ملھائڻ ناتي سگهڙ، مھماندار ۽ محبتي ماڻھو آهي. ڪنھن
سان ڏاڍائي نه ڪبي، نه سھبي!
ننڍن ٻارن ۽ شاگردن سان پيو وچڙندو؛
سوال جواب، آڏيون پڇائون، ڪچھريون، کل ڀوڳ رڳو ٻارن سان! ڪچھريءَ دوران ڪا علمي
گفتگو ڇِڙي ته ان دوران سنگت ساٿ، ننڍي وڏي، پڪي پوڙهي مان ڪنھن جي به نه ٻڌبي.
وقت رڳو ٻارن ۽ شاگردن کي ئي ڏبو. چوندو: ”هي اسان جي قوم جا رکوالا ۽ اڏيندڙ آهن،
آئيندي جا ابا آهن. هنن تي پنھنجو وقت خرچ ۽ جان مال کپايو، اهي ئي اسان توهان جو ڳاٽ
اوچو ڪندا!“
شاگردن مان سانول اچانڪ ڪَرُ کڻي
ڏاڏي ٻانھي سان ڳالھايو، ڪچھريءَ ۾ سڀ ويٺل خاموش ٿي ويا: ”ڏاڏا، اڄ استاد اسان کي
ڳجهارت ڏني هئي، ڪنھن به نه ڀڳي، مان ڀڃي ڏيکاريمانس.“
ڏاڏو ٻانھو، جيڪوکٽ تي ٺوٺ ڀر
ليٽيل هيو، پڇيائين: ”ابا، ڪھڙي؟“
سانول: ”اها ڪھڙي جنڙي آهي، جيڪا
نڪ تي ويھي ٿي، ٻئي ڪنَ پڪڙي ٿي؟“
مھراڻ امالڪ بُدڙڪو کائي، وراڻيو:
”ڏاڏا، مان ٿو ٻڌايانس، مان ..... عينڪ!“
ڪچھريءَ ۾ وهه واهه ٿي ويئي.
امالڪ جواب تي سانول جا تارا گول ٿي ويا. ڏاڏي ٻانھي دانھن ڪر چيُن: ”اها ڳجهارت
ته ڪانھي!“
سرواڻ: ”ڏاڏا، اها ڳجهارت ناهي
ته ڪھڙي بلا آهي؟“
ڏاڏو ٻانھو: ”اها اصل ۾ پرولي
آهي. اهڙي قسم جي ڳجهه لھڻ جون ڪافي صنفون آهن، جھڙوڪ: پرولي، دستياڳ، گرو- چيلو
پرولي، ڏٺ، ڳجهارت، هنر، دراهو، ڏور وغيره.“
درواڻ: ”ڏاڏا، پوءِ تون ئي کڻي
سمجهاءِ. اسان کي ته انھن جي سمجهه ئي نه لڳي. اسان جي ليکي ته سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون!“
ڏاڏو ٻانھو: ”اها سٺي ڳالھه
آهي، جو توهان ڪنھن شيءِ جي بنياد تائين رسڻ جي جستجو رکو ٿا. هاڻي ڌيان سان ٻڌو!
پرولي، پھيلي، چيستان لُغز يا رڊل (Riddle) اهي مختلف ٻولين ۾ پروليءَ جا نالا آهن. هن ۾ پڇندڙ ڪنھن شيءِ جي
شڪل، خاصيت يا ڪم، ڪنھن ٻيءَ شيءِ سان ڀيٽي پرولي ٺاهيندو آهي. ڀڃڻ وارو سوچي
ويچاري نيٺ وڃي رَسندس. مثال: ڇھين مھيني جي ڇوڪري، ڍڪيل ته زائفان، اگهاڙو ته
مرد!“
سرواڻ: ”ڏاڏا، ڀڃئون!“
ڏاڏو ٻانھو: ”بابا، پھرين انھن
صنفن کي سمجهو، پوءِ ويھي ڀڃنداسين ۽ ٽِڪيون به باسينداسين. ها ته ڳالھه پئي هلي
پروليءَ جي، ته اها اٿوَ، ’سارِي‘ جمع ’ساريُون‘ ڇھين مھيني جي ڇوڪريءَ مان مراد ڇھن
مھينن جو فصل، جيڪڏهن ڇلر ڇلڪي سان ڍڪيل هوندي ته سارِي (مؤنث) سڏبي، پر جي ڇلڪو
لاهبس ته چانور (مذڪر) ٿي پوندو. اهڙي نموني پروليءَ جا ٻيا به نمونا آهن، پر
ايترو ڪافي اٿوَ.“
”ٻيو نمونو آهي دستياڳ جو، جنھن
۾ تشبيھه سان اهڃاڻ يا اشارو ڏيئي وري ڦري وڃبو، جيئن:
اڏامي ٿو عرش تي پکي به ناهي،
ڪن پڇ ڪُئي جھڙا، ڪئو به ناهي،
ڏينھن جو ويھي هجري ۾، مُلو به
ناهي،
رات ساري سمھي ڪونه، فقير به
ناهي،
اوندهه ۾ اُلرون ڪري، چور به
ناهي،
ڀلا ٻڌايو ڇاهي؟“
سانول،مھراڻ، سرواڻ هڪ آواز
چيو: ”مان ٿو ٻڌايان..... چمڙو!“
ڏاڏو ٻانھو: ”اڙي بابا، مان رڳو
سمجهايان ٿو، وارو آيو ته توهان جون مَتيون منجهائيندس. هاڻي وارو آهي، گرو- چيلو
پروليءَ جو. هن ۾ گُرو (مرشد) پنھنجي چيلي کان ٽن سوالن جو هڪ ئي سبب پڇندو آهي.
يعني هڪ ئي لفظ سان ٽنھي سوالن جا جواب اچي ويندا، جيئن:
رِلھي کٽ تي وڇائي، ٺھي ئي نه ٿي،
ڇوڪرڙي روئي ٿي، چپ ڪري ئي نه ٿي،
مٽيءَ مان دانگي ڪُني ٺھي ئي نه
ٿي،
چئه چيلا ڪھڙي ڳالھه؟
پوءِ چيلو جواب ڏيندو: ”گڏِي
ناهي“. پرولي سِڌي ايئن ٿيندي ته رلھي کٽ تي نه ٿي ٺھي، جو ان کي گُڏي لڳل ناهي، ڇوڪرڙي
ڪروڌ پئي ڪري، جو کيڏڻ لاءِ گڏي ناهيس، مٽيءَ مان ٿانوَ وغيره نه ٿا ٺھن، جو ڪنڀر
مٽي چڱيان گُڏِي ناهي.“
ڪچھريءَ جي رونق وڌندي ويئي، ننڍن
توڻي وڏن وهه واهه ڪئي ۽ چيائون: ”ڏاڏا، وارو ڪر، اڃا الله جي ڏني مان سمجهاءِ،
اسان ته جھڙوڪر کوهه جي ڏيڏر جيان اوندهه ۾ هياسين.“
ڏاڏو ٻانھو: ”وري ڏٺ بابت ٻڌو! ڏٺَ
ڪنھن شيءِ، واقعي يا عمل کي ڏسي ڪري ٺاهبي آهي. اها صنف ڪجهه ڏکيرڙي آهي. ڪيئن خبر
پوي ته ڏٺ ڏيندڙ ڇا ڏسي آيو آهي! ٻڌو، هڪ همراهه سانپي کي ڪنڍيءَ ۾ وجهي، مڇي مارڻ
لاءِ درياهه جي ڪپ تي ويٺو، ٺاهڻ واري ٺاهيو:
مان مري آيو آهيان تنھنجي لاءِ،
تون نه مرجان منھنجي لاءِ،
جي تون مرين ٿي، منھنجي لاءِ،
ته يار ويٺو اٿئي، تنھنجي لاءِ.
هاڻي اها ڏٺ سڌي ايئن ٿيندي ته
سانپو (مذڪر) مڇيءَ (مؤنث) کي ٿو چوي ته مون کي تنھنجي مارڻ لاءِ ماريو اٿن. هاڻي
تون مون کي کائڻ لاءِ نه مرجان (سڪجان). جيڪڏهن تون، مون کي کائڻ لاءِ وس ڪندينءَ
ته مارِي تنھنجي مارڻ لاءِ تيار ويٺو اٿئي!“
”هاڻي اچون ٿا ڳجهارت تي! اهو
لفظ ڳجهه = لِڪُ + ارٿ = مطلب، مان جڙيو آهي. ڳجهارت گهڻو ڪري نيم تاريخي داستانن
مان ئي ڏبي آهي. هيءَ شيءِ اهو ڀڃي سگهندو، جنھن وٽ ٻوليءَ جي لفظن جا ڀنڊار هجن،
هوش عقل هجي- ڄاڻ هجي. هن ۾ ٻه يا وڌيڪ پاوا رکي مقصد کي ڳجهو رکبو آهي. پوءِ ڀڃندڙ
هڪ پائي جي حوالي سان لفظ کڻندو ويندو، جتي گهربل لفظ آيو ته وهه واهه ٿي ويندي.
بعد ۾ ڏيندڙ سڌي ڪري ٻڌائيندو. پائي ۾ مؤنث- مذڪر ۽ واحد- جمع جو خيال وڌ ۾ وڌ رکڻو
پوندو آهي. مثال:
’ذات جا ڪنديس ڪپڙا، پوک جا ڪنديس
ڪانه!‘
ٻه پاوا: ’ذات جا‘ ۽ ’پوک جا‘
جمع مذڪر آهن. ڀڇندڙ پھرين ويندو ذاتيون کڻندو؛ جي پورو نه پيو ته پوءِ ٻئي پائي
لاءِ اهڙا لفظ کڻندو، جيڪي ’پوک جا‘ سان ٺھڪاءَ ۾ اچن. مثال: ’پوک جا‘: چارا-
سنگَ- ڪانا- لابارا- دَنَ وغيره. پر جڏهن لفظ ٻيجا (سارِيءَ جو ٻيجو يا بصرن جو ٻيجارو)
تي آيو ته وهه واهه ٿي ويندي- پوءِ ڏيندڙ سڌي هيئن ڪندو:
’مڱڻيجا ڪنديس ڪپڙا، ٻئي جا ڪنديس
ڪانه!‘
ڳجهارت کي سمجهڻ لاءِ پھرين سُر
ڳولھبو آهي ۽ هيءُ سُر مارئيءَ مان آهي. مارئي، عمر کي چوي ٿي: ’جنھن کيت سان
منھنجو مڱڻو ٿيل آهي، مان ان جا ئي ڪپڙا ڪندَس، ٻئي ڪنھن جا به ڪونه ڪندَس. ’ڪپڙا ڪرڻ‘
اصطلاح آهي، جنھن جي معنى آهي: ’شاديءَ جو سعيو ڪرڻ- تياريون ڪرڻ!‘ لفظ ڪپڙي/ لٽي
سان اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪافي اصطلاح، پھاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون آهن.“
مھراڻ: ”ڏاڏا، معنى ته ڳجهارت
اسان کي زور آهي نه!“
ڏاڏو ٻانھو: ”انسان لاءِ زور ۽
مشڪل ڪابه شيءِ ناهي. محنت ۽ مشق سان هر شيءِ آسان آهي، چڱو هاڻي ٿا اچون هنر تي!“
”هنر فارسي لفظ آهي، معنى اٿس:
فن- ڪاريگري. ڪنھن به شيءِ- ڪاٺ- لوهه کي موزون شڪل ڏيڻ ’هنر‘ سڏبو آهي. هن جا ٻه
نمونا آهن: رواجي ۽ چيروون. رواجي ٻڌو:
رليون تنھنجون سومرا، سوڙين ڪين
سمھان،
فراسي پٽن تي، ڏسان مان ميان،
وهاڻا وڻن ڪين ڪي، چادرون چوان،
پٿرڻيون ڏسان، پنھنجي ملڪ ملير
۾.“
”سانول، هيڏي حوصلو ڪر! هن قسم
جي بيتن ۾ ’صنعت مراعات النظير‘ هوندي
آهي، جنھن ۾ ساڳئي جوڙ جي جنسن، وکرن، اسمن وغيره جو ذڪر ڪبو آهي. هنر جي لفظن جي
مراد انھن سان ملندڙ جلندڙ لفظن مان وٺبي آهي، جيئن: رليون = رُليون؛ سوڙين = سَو
وَڙ احسان ڪرڻ باوجود؛ فراسي = اهي ٻڪرين جا ڦر؛ وهاڻا = وِههَ يا زهر لڳندڙ وکر؛
چادرون = اندر جي چاهه سان؛ پٿرڻيون = پوءِ ٿرڻيون (ٿر واريون سھيليون).“
”مھراڻ ٻڌ، مارئي عمر کي چوي ٿي
ته اي سومرا، تو اسان کي روليو آهي، شل تنھنجون مايون رلي وڃن؛ تون ڀلي مون تي
سَوين ٿورا ڪر، پر مان هتي نه رهندَس؛ شل
ملير وڃي پنھنجي مارن جي پَھُرن جا اهي ڦر ۽ ڇيلا ڏسان. تنھنجون چين آرام جون شيون
مون کي وِهُه لڳن ٿيون. اها ڳالھه مان اندر جي چاهه سان ٿي چوان. شل پنھنجي ملڪ
جون ٿري سھيليون وڃي ڏسان ته سڪون ملي!
ٻيو نمونو هڪ ئي لفظ قافيي/ تڪ
طور ڪم ايندو، ليڪن مفھوم جي لحاظ کان ان کي اشتقاق وانگر ٽوڙي معنى وٺبي:
مارن پاس ملير ۾، ميان مڪڙي،
دل منھنجي سومرا، ميان مڪڙي،
هُري پيئي هنئين ۾ ميان مڪڙي،
آهي ملڪ ملير ۾، ميان مڪڙي،
ميان مڪڙي، ڏسندين ملڪ ملير ۾.
هاڻي مڪڙي لفظ تير پِتير ٽوڙبو:
مَ = نه + ڪَڙِي = ڪوڙِي؛ مَ = نه + ڪَڙِي = اٽڪي- ڦاٿي؛ مڪڙِي = جنڊ جي ڪِير تي آڪيڙا
ڏيئي، چاڙهيل ڪاٺڙو؛ مَڪَ = کٻڙ جو ميوو + ڙي = اَڙي- اشارو؛ مَ = نه + ڪَڙِي = هٿ
ڪرائي يا پيرن جو زيور.“
”مارئي، عمر کي چوي ٿي ته اي
ميان سومرا، مان پنھنجن مارن کي ڪوڙي ناهيان، بلڪ مِٺي آهيان. تو هزارين حيلا
هلايا پر منھنجي دل توسان ڪانه ڦاٿي. منھنجي دل ته جنڊ جي مڪڙِيءَ وانگر، مارن سان
آڪيڙا ڏيئي جڪڙيل آهي. انھن مارن جو قُوتُ گذر ڏٿ ۽ کٻڙ جو ڦر (پُسيون- پيرون- پڪا)
آهي. اهي ايترا ته مسڪين آهن، جو هنن کي ٻانھن يا پيرن ۾ زيوَر طور ڪَڙِي به پائڻ
لاءِ ڪانھي، پر پوءِ به ڪو فڪر فاقو ڪونھين!
درواڻ: ”ڏاڏا، اوندهڙِي ٿي ويئي
آهي، بک به پاسا ورتا آهن، هاڻي جند ڇڏ!“
مھراڻ: ”درواڻ، تون ته صفا ڪو
وائڙو آهين، هھڙي رسِيلي ڪچھري ايئن ٿوروئي ڇڏبي! ڏاڏا، باقي دراهو ۽ ڏور بابت
سمجهاءِ، اسان به اسڪول ۾ دوستن سان اهڙي ڏي- وٺ اوَس ڪنداسين.“
ڏاڏو ٻانھو: ”دراهي لفظ جو
اشتقاق آهي: ’دو = ٻه + راهو = دڳ وارو‘، يعني ٻن دڳن وارو، ٻن سُرن وارو! چڱو ڌيان
ڌيرج سان ٻڌو:
جهل مھار، ڏي مَ ڏيرَن،
قطار جي ڪمال چئي، ڪڙڪ نه پئي ڪَن،
جاڙ ڪئي جتن، وَتُ روهن ۾ رڙندي.“
”مٿيون بيت ظاهر سُر سسئي پنھون
مان لڳي ٿو، پر هنر وانگر چير ڪبي ته اهو ئي بيت سر ليلان چنيسر مان لڳندو. مھار =
مَ = نه + هار = ڳچيءَ جو زيور؛ ڏيرن = رَنَ کي ڏي؛ قطار = ڪي تال- چالاڪيون؛ جتن
= جا تَن- جيڪا انھن؛ روهن ۾ = روح ۾- اندر ۾.“
”چڱو ڀلا مفھوم چڱيان ٻڌو:
1. سُر سسئي: شاعر سسئيءَ کي
چوي ٿو ته پنھونءَ جي ڏاگهي جي مھار ڏيرن جي حوالي نه ڪر! پر تو ٻڌو ڪونه، نيٺ تو
وارا ڏير، اُٺن جي قطار ڪيون، پنھونءَ کي کڻي وِيَئي ۽ توکي ڪن کڙڪ ئي ڪانه ٿي.
توسان انھن جتن اهڙي جٺ ڪئي جو هاڻي انھن جبلن ۾ وتُ رکندي!
2. سُر ليلان چنيسر: ليلان، ڪنئرو
کان مڙس جي هڪ رات عيوض نَوَ لَکو (نَو قسمن جي موتين وارو) هار وٺي، مڙس وڃائي چُڪي.
شاعر ليلان کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته اي ليلان، جيڪڏهن ڪانڌ کي راضي ڪرڻ گهرين ٿي ته
اهو ورتل هار نه جهل، بلڪ انھيءَ رَنَ کي ڏيئي ڇڏ ني! انھن (ڪونئرو ۽ ماڻھس) جيڪي
تال ۽ چالاڪيون ڪيون، تن جي ڪَن کڙڪ ئي ڪانه پيئِي! تن جيڪا توسان جٺ ڪئي آهي، هاڻي
روح ۾/ اندر ۾ وَتُ رڙندي ڪوڪندي!“
”آخر ۾ ٿورڙو ڏور بابت: ڏور لفظ
ڏورڻ- لوچڻ- ڳولھڻ جي معنى ۾ آهي. چوندا آهن: ’ڏور شھزور، ڏور سان ڪونھي زور‘. هن
بيت ۾ ’صنعت تلميح‘ ڪم آندل هوندي آهي، جنھن ۾ ڪنھن اسلامي واقعي ڏانھن اشارو
هوندو آهي. ڏور ٻن نمونن جي هوندي آهي، هڪڙي: ’پنج تني‘، جنھن ۾ پنجتن پاڪ جي
زندگيءَ جي واقعن جو ذڪر اچي، ٻي: ’گنج‘، جنھن ۾ ڪل نبين جي واقعن جو ذڪر هجي. گنج
مان هڪ مثال ٻڌو:
ريءَ پاڻيءَ پيدا ٿيو، هڪ گلابي
گل،
باغن ۽ بستانن ۾ ڪونھي هن جو ڪو
مُل،
جوکيو چئي جھان ۾، شاهه ڪيو
شغل،
اهڙو گل امل، آرياڻي ڏسي ارهي ٿي.
هن ڏور بيت ۾ حضرت عيسى عليہ
السلام جي ڄمڻ جو واقعو آهي، جيڪو بغير پيءُ جي نطفي سان پيدا ڪيو ويو. جنھن جي ڄم
سان عجيب شغل ٿيو، ليڪن سندس امڙ حضرت مريم عليہ السلام ناخوش ٿي- پريشان ٿي ته ماڻھن
سان ڪيئن منھن ڏبو!“
”سو سڄڻَو، لوڪ ادب ته انسان جي
تاريخ وانگر ڪھنو ۽ بي انت بحر آهي. ان ۾ سنڌ جي ڏاهپ سمايل آهي. وقت ويري سان ڪچھريون
پيون ڪبيون، في الحال، ايترو کوڙ اٿوَ! ياد رکو، ان بابت آڏيون پڇائون پيو ڪندومانوَ.
چڱو الله واهي!“
(ماھوار گل ڦل حيدرآباد جي ڊسمبر ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment