حساب ڪتاب جو چڪر
رام ڪرشن
ويٺي ويٺي حساب لڳايم
ته بيهي رهندس پر سوچي نه بيٺس ۽ ويهي ويهي حساب لڳائيندو رهيس ۽ ايترا ته حساب لڳايم
جو ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ کي ذري گهٽ رياضي دان سمجهڻ لڳس ۽ جڏهن رياضي جو حساب لڳايم
ته ڪم لهي ويو.
ماڻهو حساب ڪتاب جو
ذڪر، گڏ ڪندا آهن. اسان لاءِ حساب ڏکيا ته ڪتاب آسان. ڪتاب پڙهي وينداسين، حساب ٿيندا
ڪو نه. توهان حساب نٿا ڪري سگهو ته حساب ڪتاب ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي. هڪ استاد حساب
ئي نٿو ڪري سگهي ته حساب ڪيترا نه بور ڪندڙ آهن، ٻارن لاءِ. ٻارن کان پڇيو وڃي ته سڀني
کان وڌيڪ بور ڪندڙ مضمون حسابن جو ئي هوندو. ٻار چوندا آهن ته؛ حسابن جي پيرڊ کان
پهرين، بي حساب پگهر ايندو آهي. گهڻي پريشاني ۽ هٿ پير ٿڌا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن
مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور ۽ گهڻي بي چيني شروع ٿيندي آهي. اسان جي دوست هيمو جو خيال
آهي ته گهڻا ٻار حسابن جي ڪري اسڪول ڇڏي ويا يا شايد حسابن جي ڪري انهن حساب ڪتاب
جي چڪر ۾ پوڻ نٿي چاهيو. گهڻن ٻارن جو ٿورو اهو به خيال آهي ته حسابن جو گهڻو خيال
نه ڪجي. اسڪول جي ٻارن جي اها به وڏي دعا رهي آهي ته استاد سمورا عزت لائق آهن پر
جيڪر حسابن جا استاد هجن ئي نه ها ته استادن جي عزت قيامت تائين پئي ڪجي ها!
جوڙ ڪٽ ته ٺيڪ آهن،
ڪري وٺبا. پر مٿي جا سور اڻپور ڪيئن ڪجن. ننڍي ڏنگي ته سٺي به لڳي ٿي پر وچيئن ڏنگي
ٺاهڻ ڏکي ۽ وڏي ڏنگي ڇڏائڻ ڏکي. اسان کوڙا ياد ڪرڻ ۾ سمورن هوشيار شاگردن کان مار
کاڌي پر هاڻي خبر پئي ته انهن کي کوڙن سان سواءِ ڪجهه نه ايندو هيو. هر هڪ ٿڦڙ جو حساب
ڪيون پر توهان ته خبر آهي پر حسابن ۾ جڏا. ان ڪري اسان ٿڦڙن جو ڪو ئي حساب نه رکيو.
ان ڪري ساڄي ڳل واريون ٿڦڙون کائي، کاٻي ڳل کي خبر ئي پوڻ نه ڏنيونسين.
اسان جواني ۾ جڏهن
نائين ڪلاس ۾ آياسين ته خبر پئي ته حساب نائين ۾ نه آهن. اسان خوشي ۾ نائين درجي
سان نوي ڀيرا وڌيڪ محبت ڪرڻ لڳاسين. اسان جو وس هلي ها ته نائون ڪلاس، نو سال پڙهون
ها. استاد، وڏا استاد هوندا آهن. رياضي ۾ هر مشق (جنهن کي اسان مشقت چوندا هياسين)
۾ هڪڙو آسان حساب، پاڻ سمجهائي ٻارن کي چوندا ته باقي توهان ڪيو. هر مشق جو هر
حساب، ٻئي کان مختلف. ويچارا شاگرد ڪيڏانهن وڃن. هميشه دروازي واري پاسي، استاد بيٺل
هوندو هيو. توهان حساب لڳايو ڪيڏي نه پريشاني واري حالت هوندي هئي اها. گنجو پاڪي
کان، ٻڪرو ڪاسائي کان ۽ سٺو شاگرد حسابن کان هميشه پري ڀڄندا رهيا آهن. هڪڙي شاگرد
چيو؛ جيڪي حساب ڏکيا سي ڪتابن ۾. ٻئي چيو؛ جيڪي مون کي نه اچن سي منهنجي ڪتابن ۾.
جڏهن شاگرد وڏي محنت ڪري، حساب ڪري جواب ڏسندو ته خبر پوندي، ڪتاب واري جو جواب ئي
غلط. حساب، نصاب ۾ نه هجن ها ته پڪ سان سؤ سيڪڙو ٻار ٽينشن کان آجا هجن ها. ٻار
فقط حساب ڪتاب واري ڏينهن منجهن ها ۽ دنيا ۾ سک ئي سک هجن ها. ڪلو گرام جو چڪر ئي
نه هجي ھا، نه ئي اسان کي اٽي چانور جي ڪلوگرامن جو حساب ڪرڻو پوي ها، نه ئي اسان
کي پنهنجي وڌندڙ وزن جي باري ۾ پريشان ٿيڻو پوي ها، نه ئي روڊن جي ڪنارن تي ڪلوميٽرن
جا بورڊ لڳل هجن ها ۽ نه ئي عاشق ان مونجهارن ۾ پون ها ته محبوب ڪيترو پري ٿا رهن.
نه شاعرن وانگر زندگيءَ جي فائدي ۽ نقصان بابت ڪو حساب ڪرڻُو پوي ها ۽ نه ئي ڏکن
جو اندازو رکڻو پوي ها. زندگي جو هر سيٽ لامحدود هجي ها!
نه کير وارن کان
اسان کير جي ماپ جو حساب وٺون ها ۽ نه ئي کير وارا اسان کان پيسن جو حساب ڪن ها!
پنجاهه سؤ جا نوٽ نه هجن ها ۽ اسان به بادشاهن وانگر ماڻهن جا منهن موتين سان ڀريون
ها! ڪو به ملڪ ڪنهن جو قرضي نه هجي ها ۽ نه ئي ٽڪي ٽڪي جي شين تي ٽيڪس لڳن ها! نه
ئي سالن جو حساب هجي ها نه ئي ۱۹۹۲ع جو ورلڊ ڪپ ٿئي ها ۽ نه ئي اسان ايترا خوار ٿيون
ها!
اسان جي روشني کي
نه پنهنجي رفتار جي خبر هجي ها ۽ نه ئي اسان کي سج ۽ چنڊ جي ڪلوميٽرن جي دوري جي
خبر هجي ها ته مار ڪيترو نه پري آهن. اهي ئي سامهون نظر ايندڙ سج ۽ چنڊ! نه ئي
هفتي جا ڏينهن هجن ها ۽ نه ئي اسان کي آفيسن ۾ اجايو مٿو لڳائڻو پوي ها! وقت، سال
۽ صدين جي حساب ڪتاب سان آجو هجي ها! وقت، پنهنجي مرضي سان پيو اڳتي پوئتي هلندو
رهي ها! ڪا به صدي، ڪو به ميلينيم ڪنهن لاءِ ڪو چارم نه رکي ها! راندين ۾ رنسون ڳڻپ
ڪرڻ جي ڪا ئي تڪ نه هجي ها. جنهن جي جيترو وقت بالنگ جو شوق هجي ها، پيو بالنگ ڪرائي
ها. جنهن کي وڻي اوترا پيو گول ڪري ها. نه ڪنهن رڪارڊ جو ڪو ئي حساب هجي ها ۽ نه
ئي ڪو ئي رڪارڊ ٽٽي ها! نه ئي يو ٽيوب تي ويوز جو ڪو ئي حساب هجي ها ۽ نه ئي ڪا ماڌوري
ڪنهن جي انتظار ۾ ايڪ دو تين ڳڻي بي قرار ٿئي ها! فيس بڪ تي نه لائيڪن جو انگ هجي
ها ۽ نه وري ٽويٽر تي وري ريٽويٽ رکڻ جو ڪو ئي حساب هجي ھا.
عورتن جيان مرد به
عمر جي حد بندين کان آزاد هجن ها! ڪي به اٺ يا نو، ڪنهن جي ننڊ تباهه نه ڪن ها، ڪنهن
جو لکين رپين جو نقصان، ڪنهن کي ٽڪي جو ڏک نه ڏئي ها!
اهو بس آئون چاهيان
ٿو ته ماڻهو حساب ڪتاب نه رکن ها ۽ بي حساب محبتون ڏين ها. پر دنيا هلي ئي حسابن
تي ٿي. ماڻهو حساب ڪتاب رکي ئي نيٽ وهنوار ڪن ٿا. منهنجي چوڻ سان حساب ڪتاب ختم ٿيندا
ڪو نه پر آئون نارائڻ شيام کان معافي وٺي اها ئي دعا ڪيان ٿو ته؛
الا ايئن م هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي؛
هئا حساب ۽ حسابن جي ٻولي!
No comments:
Post a Comment