جِت ڪَرٽ پئي
ٿو ڪاٺ ۾
تولارام سوٽهڙ
ثقافتي ورثي جي سنڀال ۽ فن جي قدرداني، زندهه قومن جي مادي ۽ روحاني ترقيءَ جو باعث بڻجي ٿي. دنيا جيڪا اڄ
حسين تخليقن جي ڪري فطري سونهن ۽ ڏاهپ جو مظهر آهي، اها سموري هنرمندن جي ڪوششن،
ڪاوشن ۽ تخيل جي حسين ترين تصور سان جڙيل آهي. سنڌ ڌرتي هزارين سالن کان جهڙيءَ
ريت فن، علم، ادراڪ ۽ ادب ۾ زندهه تاريخ رکندڙ ورثي جي مالڪ آهي، تيئن هن ڌرتيءَ
جا هنر به آڳاٽي تهذيب جا امين ۽ مظهر آهن. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي هنر مشهور آهن،
جن مان هر هڪ جي اهميت آسمان تي چمڪندڙ ٽيڙن، ڪتين، وهائو ۽ قطب تاري وانگر
انفراديت رکندڙ آهي. انهن هنرن مان ڪاٺ جو
هنر/ ڪم به سنڌ توڙي ننڍي کنڊ جو آڳاٽو هنر ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪاريگرن پنهنجي
تخليقي سگهه سان ان جي گهڙاوٽن ۽ نمونن ۾ فني حسناڪيءَ جون اوتون اوتيون ۽ جوتون
جوڙيون آهن. هن اهم هنر بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪيترا حوالا ملن ٿا. سنڌ جي قديم
تهذيب ۾ به هن هنر کي تمام وڏي اهميت حاصل رهي آهي ۽ هن هنر سان لاڳاپيل ڪاريگرن
کي به عزت جو درجو حاصل پئي رهيو آهي. اڄڪلهه جي ٽيڪنالوجيءَ جي جديد دؤر ۾
جيتوڻيڪ هن هنر طرف ماڻهن جو رجحان گهٽجڻ لڳو آهي، پر پوءِ به دنيا سميت سنڌ ۾ اڄ
به هن ڪم کي قدر جي نگاهه سان ڏِٺو وڃي ٿو. مُهين جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليل
ڏاند گاڏيءَ، ٺٽي، شڪارپور ۽ ٻين شهرن جي قديم عمارتن ۾ ٿيل ڪاٺ جي ڪم، قديم مندرن
۽ ٻين مقدس جاين تي ٿيل اُڪر، نقش نگاريءَ ۽ جنڊيءَ جي گهڙاوتن کي ڏسي، هن هنر جي
قدامت جو ڀليءَ ڀِت اندازو ٿي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ ڪاٺ جو ڪم سنڌ جي مختلف شهرن: حيدرآباد، نوشهري فيروز،
شڪارپور، مٽيارين، هالن، ٺٽي ۽ خاڻوٺ ۾ اعليٰ قسم جو ٿئي ٿو، اهڙيءَ ريت ٿر وارو
علائقو به ڪاٺ جي فن ۽ ڪاريگريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جيتوڻيڪ هن ڪرت جي ڪاريگرن
کي حڪومتي سطح تي نظرانداز ڪيو ويو آهي، پر اڄ کان جيڪڏهن فقط هڪ صدي پوئتي نهار
ڪجي ٿي ته سنڌ اندر ماڙين، مندرن، گهرن ۽ گرجائن وغيره تي ڪاٺ جي هن ڪاريگريءَ جو
اهڙو زندهه مثال معلوم ٿئي ٿو، جو انهن ڪاريگرن جي سون سريکن هٿن ۾ خدائي تخليق جي
صفتن جو گمان ويهي ٿو. هن فن/ ڪِرت کي جتي ٻين ذاتين جهڙوڪ: ڊکڻن وغيره ورثي طور
سنڀاليو آهي، اُتي سوٽهڙ/ سوٽاڙ، ننڍي کنڊ جو هڪ آڳاٽو هنرمند قبيلو به هن ڪم سان
واڳيل آهي. هن قبيلي جا ماڻهو گجرات، راجسٿان، مهاراشٽر ۽ سنڌ کان سواءِ دنيا جي
ٻين ڪيترن ملڪن ۾ رهن ٿا. سندن ذڪر سنڌ جي آڳاٽي ڪتاب رِگ ويد ۾ به موجود آهي. رگ
ويد ۾ کين تُوستر/ تُوشتر سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ ڪاٺ کي گهَڙي، سودي سنواري
خوبصورت شڪل ۾ آڻڻ آهي. رگ ويد جي اشلوڪن ۾ ڪاٺ جي رٿ جو ذڪر ملي ٿو:
”سنڌ!
گهوڙن ۾ شاهوڪار، رَٿن ۾ شاهوڪار،
ڪپڙن ۾ شاهوڪار، سهڻن ڳهڻن ۾ شاهوڪار،
کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازيءَ اُن ۾ شاهوڪار آهي،
ڀاڳوند سنڌوءَ جا ماکي ڏيندڙ ڪنارا آهن گلن سان سينگاريل آهن.“
سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب ‘Mohen
Jo Daro & Indus Civilization’ جلد
پهرئين (ص ۹۲) ۾ ڄاڻايو آهي
ته پٿر جي نئين دؤر(Neolithic
Period) جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ وارن جبلن، کيرٿر جبل جي
قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن. هن دؤر جي هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي هڪ وڏي
صنعت هئي. روهڙيءَ جي پهڻن جا اوزار، ڏکڻ گجرات کان وچ ايشيا تائين موڪليا ويندا
هئا.
مشهور محقق ۽ عالم ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ‘
۾ سوٽهڙن بابت لکيو آهي ته: ”رگ ويد واري زماني ۾ ٻيا مکيه ڪاسبي واڍا هوندا هئا،
جيڪي ’تُوستر‘ (Taustra) (منڊل
ڏهون: ۱۱۹، ۵)
۽ ’تڪشت‘ (ڊکڻ) سڏبا هئا (منڊل نائون: ۱۱۲، ۱). اهي گهر ته جوڙيندا هئا، پر گهرن لاءِ سامان
(صندل وغيره) ۽ گهر جي ورتڻ جا باسڻ (ٿانوَ) به ٺاهيندا هئا، جي ’درون‘ (ڪاٺ جا
ٿانءَ) سڏبا هئا (منڊل نائون: ۶۵،
۶). اهي واڍا رٿ يا گاڏيون، ٻيڙيون ۽ دنگيون به
جوڙيندا هئا. رٿن جي مٿان ڌمڻ چمڙي جي ٺهيل هوندي هئي، پر جنگ ۾ ڪم اچڻ لاءِ رٿن
جي ڌمڻ ڪنهن ڌاتوءَ جي ٺهيل هوندي هئي. رواجي گاڏين ۾ گهوڙا ۽ ڍڳا ٻڌندا هئا. گاڏين
۽ رٿن جوڙيندڙن جو ججهو مانُ هوندو هو، جو گاڏيون اَنُ وغيره ڍوئڻ لاءِ ۽ رٿ جنگين
مهل ۽ شرطن پُڄائڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندا هئا.“
ڪاٺ جي هنر جي قدامت ان ڳالهه مان پڌري آهي ته شري ڪرشن پڻ مهاڀارت
جي يُڌ دوران هڪ موقعي تي رٿ جوڙيو هو، جنهن جو ذڪر هن دوهي ۾ ملي ٿو ته:
ڪَر بانسولو پڪڙيو، ٽُوٺو ڪِرشن مُرار،
رَٿ گهَڙيو سُورج تَڻو، وَنس پاليو سُوٿار.
[شري ڪرشن، وانهولو کڻي، سوٽهڙ جو روپ ڌاري، سورج جيڏو رٿ ٺاهيو.]
سنڌي ادب جي محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’سنڌ جا هنر‘
۾ الهبچائي آريسر ’مشتاق‘، پنهنجي مقالي ’ڪاٺ/ واڍڪو هنر‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”پٿر
جي قديم ثقافتي دور (۲۵۰۰۰-
۱۰۰۰۰ ق. م) ۾ انسان گهرن ٺاهڻ جي شروعات ڪندي، وڻن ۽
ڪاٺ جو جائزو ورتو ۽ پٿر جي اوزارن ذريعي انهن کي استعمال ۾ آندو... ۽ سنڌ ۾ ڪاٺ
تي چٽساليءَ جو ڪم ٿيڻ لڳو ... سنڌ جي قديم شهرن مان ڪاٺ جي ٻين شين سان گڏ ڍڳي
گاڏيءَ جو نمونو به مليو آهي.... اڳتي هلي سنڌ ۾ ڪاٺ جو ڪم اصل کان واڍا ڪندا اچن.
واڍن جا ڪي خاندان اهڙا به آهن، جيڪي هُرلا ۽ نار ٺاهين. سنڌ ۾ واڍن کي مختلف نالن
سان سڏيو وڃي ٿو. جهڙوڪ: واڍا، سوٽهڙ، ڊکڻ، اوستا، لاکا، وگهامل، ڪاريگر، استاد،
مستري وغيره ... سنڌ ۾ جيئن ته هنرمند ماڻهن کي قدردانيءَ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو
آهي، ان ڪري ڪيترين قومن (ذاتين) جي ماڻهن واڍڪو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ بعد ۾ پيڙهين
گذرڻ سان اڳ وارين ذاتين بدران سندن ڌنڌي/ ڪِرت جي مناسبت سان واڍا، سوٽهڙ ۽ ڊکڻ
وغيره سڏجڻ لڳا.“
ٿر ۾ به وسيلن جي اَڻهوند ۽ ٿوري خرچ سان ڪاٺ جو خوبصورت ۽ پائيدار
ڪم گهڻي وقت کان ٿيندو پيو اچي. اڄ به ٿر جي مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، چيلهار ۽
عمرڪوٽ کان سواءِ سنڌ جي مڙني شهرن ۾ ٿر جا سوٽهڙ واڍا، بيڊولي ڪاٺ/ ڪاٺين کي
گهَڙي، اُن مان فرنيچر، ٽپايون، دَريون، دَر ۽ ڪَٻٽ وغيره ٺاهي، گهرن جي زينت
بڻائڻ سان گڏ ڪيتريون گهريلو ڪارج جون شيون ٺاهي تمدني ترقيءَ ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪن
ٿا.
ٿر، جيئن ته وارياسو علائقو آهي. هن خطي کي پنهنجو مُنفرد ڏيک ويک
آهي ۽ هتان جي سماجي زندگي سادي ۽ بنهه ڪٺن آهي. ٿر جا ماڻهو مقامي طور ڀٽن ۾ هڪ
هنڌ تان ٻئي هنڌ سفر ڪرڻ لاءِ اُٺ ۽ گهوڙا ڪتب آڻين ٿا. اهڙيءَ ريت انهن جي روزمره
جي زندگي فطرت کي گهڻي قدر ويجهي آهي. ڪنهن مشينري سوارين جو سهارو وٺڻ بجاءِ هو
اڄ به اٺن ۽ گهوڙن تي سواري ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو اُٺن جي پاکڙن، پلاڻن ۽
گهوڙن جي هنَنَ کان وٺي، سنڌ جي ثقافت جي خوبصورت نشاني ائٽ (چرخي) ٺاهڻ تائين، هن
خطي جا هنرمند ڪاٺ جي فن ۾ خاص دسترس رکن ٿا. جيتوڻيڪ اُٺن ۽ گهوڙن جي سواريءَ جو
معمول اڄڪلهه جيئن پوءِ تيئن معدوم ٿي رهيو آهي، پر تنهن هوندي به پارڪر ۾ اُٺ
خوبصورت جهُلن، پاکڙن ۽ گاشين سان سينگاريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پارڪر ۾ ساڪر ويري جو
رهواسي هَٺُو جي سوٽهڙ، پاکڙن ۽ هنَن ٺاهڻ جو ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو.
اڄ جتي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ بجليءَ تي هلندڙ خودساخته اوزان ۽ جديد
طريقن سان نازڪ ۽ فيشني ڪم ٿئي ٿو، اتي ٿر جي ٻهراڙين ۾ اڄ به بنا لائيٽ جي
اوزارَ: ڪهاڙا، واهولا، چورسِيون، ڪانيرا، هٿ رَندا، فلفَل، سُونهڻ، رَنبا،
گِرمَٽ، هٿوڙِيون، پِلاس، خط ڪش، گُونيا، ٽِڪوريون، سُنبا، ڇيڻيون، وينجهڻيون
وغيره ۽ ٻيا اوزار ڪاٺ مان مختلف شيون ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿين
ٿا. هي اوزار ٿري واڍا پاهوريءَ ۾ وجهي، ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڃي، روزمرهه جي زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ شيون، جهڙوڪ: ائٽ، اُکرلا، ٻيانا،
ٽنگڙيون، پاٽيون، جَنڊ، پاکڙا، پلاڻ، کٽون، هندورا، پينگها، ڪُرسيون، ميزون، لڪڻ، مُنهن
رکيون، هر، هُرلا، هَنا، تورڻ، در، دريون وغيره ٺاهيندا ۽ انهن جي مرمت ڪندا آهن. اهي
گهرن جي ڀرسان مَنهيون/ ڇپرا ٺاهي، انهن ۾ جنڊيون رکي ڪم ڪندا آهن، جتي آسپاس جي
ڳوٺن جا ماڻهو کانئن گهريلو استعمال جون ڀڳل شيون جوڙائڻ توڙي نيون ٺهرائڻ ايندا
آهن. لطيف سرڪار به واڍڪي ڪم جو تشبيهاتي ذڪر ڪيو آهي:
مون تَنِ اندر تيئن وَهي، جيئن وَڻ وڍي واڍو،
ڪرمَ جو ڪاڍو، نه ته پٿِر ڪير پنڌ ڪري!
اهي واڍن جون مَنهيون انهن ڪاريگرن جي روزگار جو ذريعو ته آهن ئي، پر
اهي آڳاٽي ڪم جي طرز، آڳاٽي دؤر جو ثقافتي ورثو سنڀالڻ توڙي فن کي محفوظ رکڻ جو
ذريعو بڻيل آهي.
مطلب ته جهڙيءَ ريت هي فن سنڌ اندر قديم دؤر جي ورثي جو زندهه مثال
آهي، اتي ٻين ڪن مخصوص ذاتين سان گڏ سوٽهڙ جاتيءَ وارن جو هن ڪم ۾ وڏو حصو رهيو
آهي، جنهن جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ روايت موجب ڀٽائيءَ جو
تنبُورو ٺٽي جي سُوٽهڙن تيار ڪيو هو.
سنڌ جي ثقافتي قدرن جي همت افزائي ۽ پوئواري نه ٿيڻ سبب ڌرتيءَ جا
ڪيترائي فن معدوم ٿيندا پيا وڃن، جن مان گهڻا ته ناپيد ٿي چڪا آهن. ائين ئي اڄڪلهه
جنڊيءَ جي آڏاڻن، ڊکڻن جي ڪاريگريءَ جا جوهر ۽ انهن جي گهڙيل ٺاهيل فرنيچر وارو فن
به پنهنجو اوج وڃائيندو پيو وڃي. سرڪاري سطح تي هن ڪم جي نگهباني ٿيڻ سان هن ورثي
جو بچاءُ ٿي سگهي ٿو. هيءُ فن پنهنجي مهارت سان گهڙاوتن جي نمونن ۾ زندهه به رهي
سگهي ٿو ۽ اُن جو زيب زينت به بحال رکي سگهي ٿو، پر جتي ڪاريگر کي سندس جائز
پورهيي جو اُجورو نه ملي سگهي، اُتي تمدني ترقي ڪيئن ٿي ممڪن بڻجي سگهي!
حڪومت سنڌ جو ثقافت کاتو، واڍن جي هن قديم هنر کي هٿي ڏياري سگهي ٿو.
ان ڏس ۾ ٿر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هُنري ميلا (Crafts
Mellas) لڳائي، ٿر ۽ ٻين هنڌن جي هُنري شين کي عالمي
منڊيءَ ۾ موڪلڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. ان ريت يقيناً قُدرتي حُسناڪين سان گڏ هي
آڳاٽو هُنر به پنهنجو وڃايل اڳيون اوج ماڻڻ سان گڏ عالمي سطح تي ترقي ڪري سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment