Showing posts with label حساب ڪتاب جو چڪر، رام ڪرشن،. Show all posts
Showing posts with label حساب ڪتاب جو چڪر، رام ڪرشن،. Show all posts

Sunday, July 7, 2019

حساب ڪتاب جو چڪر- رام ڪرشن


حساب ڪتاب جو چڪر
رام ڪرشن
Image result for ‫حساب ڪتاب جو چڪر‬‎
ويٺي ويٺي حساب لڳايم ته بيهي رهندس پر سوچي نه بيٺس ۽ ويهي ويهي حساب لڳائيندو رهيس ۽ ايترا ته حساب لڳايم جو ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ کي ذري گهٽ رياضي دان سمجهڻ لڳس ۽ جڏهن رياضي جو حساب لڳايم ته ڪم لهي ويو.
ماڻهو حساب ڪتاب جو ذڪر، گڏ ڪندا آهن. اسان لاءِ حساب ڏکيا ته ڪتاب آسان. ڪتاب پڙهي وينداسين، حساب ٿيندا ڪو نه. توهان حساب نٿا ڪري سگهو ته حساب ڪتاب ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي. هڪ استاد حساب ئي نٿو ڪري سگهي ته حساب ڪيترا نه بور ڪندڙ آهن، ٻارن لاءِ. ٻارن کان پڇيو وڃي ته سڀني کان وڌيڪ بور ڪندڙ مضمون حسابن جو ئي هوندو. ٻار چوندا آهن ته؛ حسابن جي پيرڊ کان پهرين، بي حساب پگهر ايندو آهي. گهڻي پريشاني ۽ هٿ پير ٿڌا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور ۽ گهڻي بي چيني شروع ٿيندي آهي. اسان جي دوست هيمو جو خيال آهي ته گهڻا ٻار حسابن جي ڪري اسڪول ڇڏي ويا يا شايد حسابن جي ڪري انهن حساب ڪتاب جي چڪر ۾ پوڻ نٿي چاهيو. گهڻن ٻارن جو ٿورو اهو به خيال آهي ته حسابن جو گهڻو خيال نه ڪجي. اسڪول جي ٻارن جي اها به وڏي دعا رهي آهي ته استاد سمورا عزت لائق آهن پر جيڪر حسابن جا استاد هجن ئي نه ها ته استادن جي عزت قيامت تائين پئي ڪجي ها!