Tuesday, December 31, 2013

جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهيون - طارق عزيز شيخ

جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهيون
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه اهڙا علائقا، جڳهيون ۽ گذرگاهون آهن جيڪي هن وقت ته عام لڳن ٿيون پر تاريخي طور انهن جي اهميت تمام وڏي آهي. اهو سڄي دنيا ۾ حڪومتن ۽ انتظاميه جو فرض هوندو آهي ته اهڙن تاريخي ماڳن مڪانن ۽ گذرگاهن کي پنهنجي تاريخي حيثيت مطابق اهميت ڏين ته جيئن انهن جي تاريخي  ڄاڻ منتقل ٿيندي رهي ۽ ان سان گڏوگڏ سار سنڀال به ٿيندي رهي. سڀ کان وڌيڪ برطانيه، اٽلي ۽ روس ۾ تاريخي جڳهين کي قائم رهڻ ڏنو ويو آهي. هڪ سروي موجب فقط برطانيه ۾ ۵۰۰ اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي ميوزيم، لائبريرين ۽ عمارتن جي شڪل ۾ ملن ٿا، ان ۾ سنڌ جون تاريخي شيون به شامل آهن، سنڌ ۾ به پنهنجي تاريخ جي اهڃاڻن کي سنڀالي سگهجي ٿو پر ڪجهه تاريخي جڳهين کان سواءِ لاتعداد جڳهيون نظرن ۽ بچاءُ کان وانجهيل آهن. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، شڪارپور ۽ سکر جهڙن شهرن ۾ به اسان کي هن وقت عام لڳندڙ علائقا، عمارتون ۽ گذرگاهون اهڙا نظر ايندا جيڪي غير معمولي اهميت وارا آهن. اڃا به وقت آهي، هاڻوڪي حڪومت انهن کي بچائي سگهي ٿي. سياحت جي حوالي سان انهن تاريخي ماڳن کي اهڙو بڻائي سگهجي ٿو جيئن زيارت ۾ جناح صاحب جي رهائش کي رکيو ويو هو. اسان وٽ تاريخي حوالي سان نهايت يادگار مواد پڻ موجود آهي جيڪو انهن هنڌن تي لڳائي سگهجي ٿو. مورڙي جي قبر کان وٺي حيدرآباد جي پڪي ۽ ڪچي قلعي کي تاريخي اهميت ڏئي محفوظ ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه ماڳ مڪان هيٺ ڏجن ٿا.

Saturday, December 28, 2013

پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي - طارق عزيز شيخ

پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي
طارق عزيز شيخ
سيارو اچڻ ساڻ ئي روس جي ٿڌن علائقن کان ڊگهو سفر ڪندي مسافر پکي سنڌ ڏانهن رخ ڪن ٿا. لڏ پلاڻ ڪندڙ هنن مسافر پکين جو مرڪز سامونڊي پٽي وارو علائقو هوندو آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان وٺي بدين تائين هلندو وڃي ٿو. ان وچ ۾ لکين پکيئڙا ولرن جا ولر ڪيو ويٺا هوندا آهن. ان وچ ۾ ڍنڍون ۽ ٻيٽ به خاص مرڪز هوندا آهن، جتي نسل ڪندا اهن. صدين کان وٺي سهي سلسلو جاري آهي، جيڪو قدرتي انداز آهي. تيز ٿڌا علائقا جڏهن زندگي مفلوج ڪري ڇڏين ٿا تڏهن هيءُ پکيئڙا ٿورو اڳتي پاڻي واري پاسي منتقل ٿين ٿا، جڏهن اتي به برفاني صورتحال سبب پاڻي ڄمڻ لڳي ٿو ته هو اڃا پرتي وڌن ٿا ۽ اهڙي ريت زندگيءَ جي ڳولا ۾ هو پاڻيءَ ڏانهن وڌندي وڌندي سنڌ جي خوبصورت سامونڊي پٽيءَ تائين اچي ٺڪاڻا ٺاهين ٿا.

Sunday, December 15, 2013

سنڌ جي نرالي ثقافت - منظور قناصرو

سنڌ جي نرالي ثقافت
منظور قناصرو
ثقافت بابت عالمي طور مڃيل وصف مطابق: ”ثقافت هڪ حقيقت آهي، جا انسانذات جي خواهش ۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ثقافت فرد کي منظم گروهن ۾ بدلائي ٿي ۽ گروهن کي قومن ۾ تبديل ڪري ٿي. انهن لاءِ رسمون ۽ رواج مقرر ڪري ٿي ۽ هر فرد کي انهن قانونن، رسمن ۽ رواجن کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.“
جڏهن ته اسان جا مڪاني محقق ان بابت چون ٿا ته؛ ”ثقافت چئن حصن تي آڌار رکي ٿي. انهن ۾: جاگرافيائي حدون، گڏيل تاريخ، ٻولي ۽ مذهب شامل آهن. انهن جزن کان متاثر ٿي، ماڻهوءَ پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي وسيلا اختيار ڪيا آهن، تن ۾ کاڌ-خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، رواج، روحاني ۽ مذهبي لاڙا، ڀروسا ۽ وهم خاص اهميت رکن ٿا. اُهي ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿا.“

Saturday, December 14, 2013

ٻڙها - خالد ڪنڀار

ٻڙها
گڏهن جي پوئين پيرن ۾ سون ٻڌندڙ
خالد ڪنڀار
هنن جي هن پيڙهي کي اها خبر ناهي ته، هنن جا ابتا پيرا اوڀر ۾ ڪٿي دنگ ڪن ٿا. پر هنن جي لباس پولڪي ۽ پڙي مان اهو لڳي ٿو ته، اهو ڪلچر آهي اوڀر جو. پر هو چون ٿا ته، ”اسان ست پيڙهياتا هتي جا ئي آهيون. ماتلي ۾ اسان جي پيڙهين جون هڏيون گل غيبي قبرستان ۾ پوريل آهن. اهو تڏهن کان جڏهن اڃا ماتلي جو شهر به ڪو نه اڏاڻو هو. ”ٻڙها“ چون ٿا ”ٻڙها“ ڪا اسان جي ذات ڪونهي. اسان جي ذات ”گهيارا گهراس“ آهي. پر اسان ”گهيارا“ به ناهيون، گهيارا ”گرگلا“ آهن. ٻڙها اسان جي ذات تي نالو انهيِءَ جي ڪري پيو، جو اسان پنهنجي ننڍي عمر جي ٻارن کي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻڙها چوندا آهيون. اسان پنهنجي ٻارن کي ٻڙها، ٻڙها ڪري سڏ ڪرڻ شروع ڪيو، تـه ماڻهن اسان کي ئي ٻڙها چوڻ شروع ڪيو. ٻوليءَ جي حساب سان اسين سڄي دنيا لاءِ ٻار آهيون، ڇو جو ماڻهو اسان کي ٻڙها چون ٿا.“ انهن ٻڙهن جو ڪامل عقيدو ”شِو“ تي آهي، پر ڪجهه ڏيون جا پوڄاري به آهن جيئن ”وائنڪل“ آهي. انهيءَ ڏيو جا پوڄاري ريٻاڙي به آهن. ٻيو ”مومائي“ ۽ ”ٻيچڙا“ ڏيو تي ڪامل عقيدو رکندڙ آهن. ٻڙهن جون چار نکون آهن؛ لڪڙيا، شودر، نڪ ڦلو ۽ ميس.

Saturday, November 16, 2013

منڇر - واحد پارس هيسباڻي

منڇر 
جيڪا ڪڏهن ايشيا جي وڏي ڍنڍ هئي
واحد پارس هيسباڻي
هن وقت منڇر ڍنڍ جي حالت انتهائي خراب آهي، اتان مڻين مڇي مرڻ واري ڪهاڻي ته ماضيءَ جو داستان ٿي چڪي، پر هاڻي اتي پاڻيءَ جي حالت اها وڃي رهي آهي جو اهو مڪمل طور تي زهر ٿي چڪو آهي. ننڍي هوندي جڏهن نصاب جي ڪتاب ۾ منڇر ڍنڍ جي حوالي سان اها سِٽ پڙهندا هئاسين ته ”اک کٽي وڃي پر پاڻي نه کٽي.....“ ته ذهن ۾ پاڻيءَ جي وسعت جي باري ۾ ڪيترا ئي خاڪا جڙي ايندا هئا ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته منڇر به سمنڊ وانگر آهي، جنهن جو ڪنارو پري پري تائين نظر نٿو اچي. هي ڍنڍ ڪڏهن 180 چورس ميلن تي ڦهليل هوندي هئي ۽ ڪنارن تائين پاڻيءَ سان تار هوندي هئي. مينهن جي موسم ۾ هن جي پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي ويندي هئي، جنهن ڪري هن ۾ لهڻ وقت تارو مهاڻا به خير سان شڪار ڪري واپس موٽڻ جون دعائون گهرندا هئا. هاڻي ان جي حالت ڪنهن تلاءُ جهڙي رهجي وئي آهي. هن کي نه رڳو مٺي پاڻي جي حوالي سان هن ملڪ جي وڏي ڍنڍ جو درجو حاصل آهي، پر کيس ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ به چيو وڃي ٿو، پر اڄ هن جي حالت کي ڏسي سچ به اکين ۾ پاڻي تري اچي ٿو. هاڻي نه سندس پيٽ ۾ اڳ وارو اهو پاڻي رهيو آهي ۽ نه پاڻيءَ جي اها مٺاس باقي بچي آهي.

Friday, November 15, 2013

نِم جي اهميت - غلام علي شاھ

نِم جي اهميت

غلام علي شاھ
[هي مضمون مختلف طبي ڪتابن جي مطالعي کانپوءِ تيار  ڪيو ويو آهي ته جيئن ديسي ستين ڦڪين کي استعمال ڪري، عام ماڻهو لاڀ حاصل ڪن ۽ ڳاٽي ڀڳن خرچن کان به بچي سگهن]

نم کي عربيءَ ۾ نيم، فارسيءَ ۾ نيب، هنديءَ ۽ اردويءَ ۾ نيم، پراڪرت ۾ رڪ، انگريزيءَ ۾ Neem ۽ سنسڪرت ۾ ارشٽ چيو ويندو آهي.

سنڌ ۾ ٻٻر جي اهميت - جيئل اوڏ

سنڌ ۾ ٻٻر جي اهميت

جيئل اوڏ


هن مضمون جي لکڻ جو مقصد، تحقيق ذريعي ۽ طبي ڪتابن جي حوالن سان اڀياس ڪري، سنڌ ۾ ڪثرت سان پيدا ٿيندڙ وڻ ٻٻر جي اهيمت ۽ اُن جي اٽڪل گڻن کي ظاهر ڪري عوام آڏو پيش ڪرڻ آهي، ته جيئن هو ان مان ضرورت آهر فائدو وٺن.