ٻڙها
گڏهن جي پوئين پيرن ۾ سون ٻڌندڙ
خالد ڪنڀار
هنن جي هن پيڙهي کي اها خبر ناهي ته، هنن جا ابتا پيرا اوڀر ۾ ڪٿي دنگ
ڪن ٿا. پر هنن جي لباس پولڪي ۽ پڙي مان اهو لڳي ٿو ته، اهو ڪلچر آهي اوڀر جو. پر هو
چون ٿا ته، ”اسان ست پيڙهياتا هتي جا ئي آهيون. ماتلي ۾ اسان جي پيڙهين جون هڏيون گل
غيبي قبرستان ۾ پوريل آهن. اهو تڏهن کان جڏهن اڃا ماتلي جو شهر به ڪو نه اڏاڻو هو.
”ٻڙها“ چون ٿا ”ٻڙها“ ڪا اسان جي ذات ڪونهي. اسان جي ذات ”گهيارا گهراس“ آهي. پر اسان
”گهيارا“ به ناهيون، گهيارا ”گرگلا“ آهن. ٻڙها اسان جي ذات تي نالو انهيِءَ جي ڪري
پيو، جو اسان پنهنجي ننڍي عمر جي ٻارن کي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻڙها چوندا آهيون. اسان
پنهنجي ٻارن کي ٻڙها، ٻڙها ڪري سڏ ڪرڻ شروع ڪيو، تـه ماڻهن اسان کي ئي ٻڙها چوڻ شروع
ڪيو. ٻوليءَ جي حساب سان اسين سڄي دنيا لاءِ ٻار آهيون، ڇو جو ماڻهو اسان کي ٻڙها چون
ٿا.“ انهن ٻڙهن جو ڪامل عقيدو ”شِو“ تي آهي، پر ڪجهه ڏيون جا پوڄاري به آهن جيئن ”وائنڪل“
آهي. انهيءَ ڏيو جا پوڄاري ريٻاڙي به آهن. ٻيو ”مومائي“ ۽ ”ٻيچڙا“ ڏيو تي ڪامل عقيدو
رکندڙ آهن. ٻڙهن جون چار نکون آهن؛ لڪڙيا، شودر، نڪ ڦلو ۽ ميس.