سنڌ جي نرالي ثقافت
منظور قناصرو
ثقافت بابت عالمي طور مڃيل وصف مطابق: ”ثقافت هڪ حقيقت آهي، جا انسانذات
جي خواهش ۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ثقافت فرد کي منظم گروهن ۾ بدلائي
ٿي ۽ گروهن کي قومن ۾ تبديل ڪري ٿي. انهن لاءِ رسمون ۽ رواج مقرر ڪري ٿي ۽ هر فرد کي
انهن قانونن، رسمن ۽ رواجن کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.“
جڏهن ته اسان جا مڪاني محقق ان بابت چون ٿا ته؛ ”ثقافت چئن حصن تي آڌار
رکي ٿي. انهن ۾: جاگرافيائي حدون، گڏيل تاريخ، ٻولي ۽ مذهب شامل آهن. انهن جزن کان
متاثر ٿي، ماڻهوءَ پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي وسيلا اختيار ڪيا آهن، تن ۾ کاڌ-خوراڪ،
لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، رواج، روحاني ۽ مذهبي لاڙا، ڀروسا ۽ وهم خاص اهميت رکن
ٿا. اُهي ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿا.“