ٻڙها
گڏهن جي پوئين پيرن ۾ سون ٻڌندڙ
خالد ڪنڀار
هنن جي هن پيڙهي کي اها خبر ناهي ته، هنن جا ابتا پيرا اوڀر ۾ ڪٿي دنگ
ڪن ٿا. پر هنن جي لباس پولڪي ۽ پڙي مان اهو لڳي ٿو ته، اهو ڪلچر آهي اوڀر جو. پر هو
چون ٿا ته، ”اسان ست پيڙهياتا هتي جا ئي آهيون. ماتلي ۾ اسان جي پيڙهين جون هڏيون گل
غيبي قبرستان ۾ پوريل آهن. اهو تڏهن کان جڏهن اڃا ماتلي جو شهر به ڪو نه اڏاڻو هو.
”ٻڙها“ چون ٿا ”ٻڙها“ ڪا اسان جي ذات ڪونهي. اسان جي ذات ”گهيارا گهراس“ آهي. پر اسان
”گهيارا“ به ناهيون، گهيارا ”گرگلا“ آهن. ٻڙها اسان جي ذات تي نالو انهيِءَ جي ڪري
پيو، جو اسان پنهنجي ننڍي عمر جي ٻارن کي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻڙها چوندا آهيون. اسان
پنهنجي ٻارن کي ٻڙها، ٻڙها ڪري سڏ ڪرڻ شروع ڪيو، تـه ماڻهن اسان کي ئي ٻڙها چوڻ شروع
ڪيو. ٻوليءَ جي حساب سان اسين سڄي دنيا لاءِ ٻار آهيون، ڇو جو ماڻهو اسان کي ٻڙها چون
ٿا.“ انهن ٻڙهن جو ڪامل عقيدو ”شِو“ تي آهي، پر ڪجهه ڏيون جا پوڄاري به آهن جيئن ”وائنڪل“
آهي. انهيءَ ڏيو جا پوڄاري ريٻاڙي به آهن. ٻيو ”مومائي“ ۽ ”ٻيچڙا“ ڏيو تي ڪامل عقيدو
رکندڙ آهن. ٻڙهن جون چار نکون آهن؛ لڪڙيا، شودر، نڪ ڦلو ۽ ميس.
ٻڙهن جو اصل ڪم، ڪنڀارن وارو ئي آهي. هي چون ٿا ته، ”اڳي ماڻهو اسان کي
ننڍا ڪنڀار چوندا هئا. اسان ننڍا ڪنڀار انهيءَ ڪري هئاسين، جو اسان ٻارڙن جا ڪنڀار
هئاسين. اسان جو اصل ڪم مٽيءَ جا رانديڪا ٺاهي وڪڻڻ هو.“ ٻيچڙا اڃا به ٽنڊي باگي ۾
ويٺل آهن، پر شهرن ۾ پلاسٽڪ جا رانديڪڙا آيا ته انهن جي اهميت گهٽجي وئي. پوءِ انهن
ٻڙهن سوتليءَ مان رسا وٽڻ وارو ڪم شروع ڪيو، ۽ رسن جا ڇڪا به ٺاهيا، جيڪي اڪثر ڪري
ٻهراڙيءَ جي گهرن ۾ ٽنگيل هوندا هئا. انهن ڇڪن تي ٻلي ۽ ڪوئي کان بچاءِ لاءِ پڪل ماني
ٽنگبي هئي. پوءِ جڏهن انهي رسن وارو ڪم به رڪجي ويو ۽ ڇڪن جي اهميت نه رهي، تڏهن کان
ٻڙها مرد نيلامي ڪپڙي جو وڪرو ڪندا آهن، ۽ عورتون شهرن ۾ پننديون آهن. راڄ ٻائي چوي
ٿي ته؛ اسان جي قبيلي کي پنڻ واري پٽ پڪي آهي. انهيءَ کي ويهارو سالن کان مٿي وقت نه
ٿيو هوندو. انهن ٻڙهن جڏهن کان پنڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان انهن لڏپلاڻ ڪرڻ به ڇڏي ڏني آهي، ۽ ٿانيڪا ٿي ويهي رهيا آهن. ور
نه ته اڳي اهي گڏهن تي لڏا کنيو پيا رلندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اهي سون کي سٺو نه سمجهندا
هئا. سون جي ملي ويندو هونِ ته گڏهن جي پوئين پيرن ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا. چوندا هئا ته
اهو اسان جي ڪم جو ئي ناهي. هونئن تـه هنن جو مرڪز لاڙ وارو شهر ماتلي آهي، پر اهي
بدين، ٽنڊو باگو، ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به رهن ٿا. ڪجهه ٻڙها حيدر آباد ۾ به رهن ٿا. حيدرآباد
وارا ٻڙها ساڳيءَ طرح هتي وارن ٻڙهن وانگر نيلامي ڪپڙي جو ڪم ڪن ٿا. پر اتر ۾ سکر واري
پاسي ٻڙها سرون وجهڻ جو ڪم به ڪندا آهن.
انهن ٻڙهن جون ريتون رسمون وري عجيب ۽ سڄي جڳ کان نراليون آهن. سڄي جڳ
۾ ڇوڪريون پرڻجي ساهرن وينديون آهن. پر ٻڙهن ۾ وري ڇوڪرا پرڻجي اباڻو گهر ڇڏي، وڃي
ساهرن ۾ رهندا آهن. پوءِ انهيءَ ڇوڪري جو مائٽن سان ڪو به واسطو ناهي رهندو. جنهن ڏينهن
تي ٻڙهن جا ڏينهن پڪا ٿيندا آهن، انهيءَ ڏينهن پٽيل پنهنجي پٽڪي جي ڇڳي ۾، ڳنڍ ڏيندو
آهي. جيڪو وري شاديءَ واري ڏينهن کوليندو آهي. ڳنڍ ڏيئڻ مهل پٽيل کي ويهه رپيا گهور
به ڏيندا آهن، ۽ شادي واري ڏينهن کان ست ڏينهن اڳ ۾ ٻه ڪورا گهڙا ڀري انهن ۾ ڳڙ وجهي
ڍڪي ڇڏيندا آهن. مٿان وري ڳاڙهي ڪپڙي سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. پوءِ شادي مهل پهرئين گهوٽ
۽ پوءِ ڪنوار کي انهي ڳڙ واري مٺي پاڻيءَ سان وهنجاريندا آهن. گهوٽ کي پهرئين هڪڙي
وڏي ٿالهه جي مٿان بيهاري پوءِ ان جي مٿان انهيءَ گهڙي وارو پاڻي هاريندا ويندا آهن.
گهوٽ مٿان هاريل پاڻي ٿالهه ۾ گڏ ٿيندو ويندو آهي. پوءِ انهيءَ پاڻيءَ سان وري ڪنوار
کي وهنجاريندا آهن. انهن ٻڙهن جي شاديءَ جون باقي رسمون هندن واريون ئي هونديون آهن. لاڙ جي ٻڙهن جون سموريون شاديون ماتلي ۾ ئي ٿينديون
آهن. ماتلي ۾ چونئري جا ڦيرا ٿيڻ کانپوءِ ڇوڪرو مائيٽن کان موڪلائي هميشه هميشه جي
لاءِ پنهنجي ڪنوار سان گڏ ساهوراڻي گهر هليو ويندو آهي. ٻڙها چون ٿا ته اها باقاعدي
پڪي لکت ٿيندي آهي. انهيءَ کي ٻڙها ”جنڊو پاڙو“ چوندا آهن. جنهن کي عام طور ”گهر جوائي“
به چوندا آهن. ٻين رولاڪ قبيلن وانگر ٻڙهن جي به پئنچائت ٿيندي آهي. پر انهيءَ پئنچائت
۾، اڪثر ڪري فيصلا اهي ئي ايندا آهن جيڪي عام معاشرن ۾ٿيندا آهن.
ٻڙهن جي ٻي خاص رسم آهي ”جڙيو“ پائڻ، اها رسم به ماتلي ۾ ئي ٿيندي آهي. گهڻو ڪري سڀ
ٻڙها انهيءَ رسم لاءِ به هفتو کن ماتلي ۾ لڏا لاهي اچي وهندا آهن. راڄ ٻائي ٻڙهو چوي
ٿي ته؛ جنهن جڙيو نه پاتو اهو ڪنهن ڪم جو ناهي. جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جوان ٿيڻ تائين
جڙيو نه پاتو ته، اها جيڪڏهن گهر ۾ اچي ته گهر پليت ٿيو. انهيءَ ڪري سڀني مردن توڙي
عورتن کي جڙيو پارائبو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته جئين مسلمان، ڇوڪرن جي طهر ڪرائي مسلمان
ڪن ٿا، ايئين اسان وري جڙيو پارائي ٻڙها يا کڻي هندو چئون اهو ڪريون ٿا. اها رسم ”آکاٽ“
جي مهيني ۾ ٿيندي آهي.
ٻڙهن ۾ ٻي ذات يا ٻي مذهب ۾ ڏيئڻ واري ريت ڪونهي. هڪڙي ماتلي جي ٻڙهي
حاجياڻن سان وئي هئي. انهيءَ پنهنجي مرضي سان اتان شادي ڪئي. انهيءَ کي وارائڻ لاءِ
شادي کان اڳ ۾ وڏي ڪوشش ڪئي وئي، ست راڄي جا چڱا به ٻڙهن سان بيٺا، پر مائي حاجياڻن
سان هئي. انهيءَ مائيءَ سان ملڻ وري ٻڙهن جو ڪو ٻار به ڪو نه ويو، ۽ نه وري هولي يا
ديوالي تي هن کي ٻڙهن جي ڏيري ۾ اچڻ ڏنو ويو. ٻڙهن خلاف ٿاڻي تي ڪا به ايف آءِ آر ڪونهي.
تنهنڪري هنن ڪورٽ ڪڏهن ڏٺِي ئي ڪانهي. بس ٻين رولاڪ قبيلن کان وڏو ٻن ٽن ڪمرن جيترو،
بانس جي لڪڙن سان ٺهيل هڪڙو پکو هر ٻڙهي جو گهر آهي. ٻڙها ٿانيڪا ٿي ويٺل آهن پر عادتون
رولاڪن واريون آهن.
No comments:
Post a Comment