منڇر
جيڪا ڪڏهن ايشيا
جي وڏي ڍنڍ هئي
واحد پارس هيسباڻي
هن وقت منڇر ڍنڍ جي حالت انتهائي خراب آهي، اتان مڻين مڇي مرڻ واري ڪهاڻي
ته ماضيءَ جو داستان ٿي چڪي، پر هاڻي اتي پاڻيءَ جي حالت اها وڃي رهي آهي جو اهو مڪمل
طور تي زهر ٿي چڪو آهي. ننڍي هوندي جڏهن نصاب جي ڪتاب ۾ منڇر ڍنڍ جي حوالي سان اها
سِٽ پڙهندا هئاسين ته ”اک کٽي وڃي پر پاڻي نه کٽي.....“ ته ذهن ۾ پاڻيءَ جي وسعت جي
باري ۾ ڪيترا ئي خاڪا جڙي ايندا هئا ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته منڇر به سمنڊ وانگر آهي،
جنهن جو ڪنارو پري پري تائين نظر نٿو اچي. هي ڍنڍ ڪڏهن 180 چورس ميلن تي ڦهليل هوندي
هئي ۽ ڪنارن تائين پاڻيءَ سان تار هوندي هئي. مينهن جي موسم ۾ هن جي پاڻي جي سطح خطرناڪ
حد تائين وڌي ويندي هئي، جنهن ڪري هن ۾ لهڻ وقت تارو مهاڻا به خير سان شڪار ڪري واپس
موٽڻ جون دعائون گهرندا هئا. هاڻي ان جي حالت ڪنهن تلاءُ جهڙي رهجي وئي آهي. هن کي
نه رڳو مٺي پاڻي جي حوالي سان هن ملڪ جي وڏي ڍنڍ جو درجو حاصل آهي، پر کيس ايشيا جي
وڏي ۾ وڏي ڍنڍ به چيو وڃي ٿو، پر اڄ هن جي حالت کي ڏسي سچ به اکين ۾ پاڻي تري اچي ٿو.
هاڻي نه سندس پيٽ ۾ اڳ وارو اهو پاڻي رهيو آهي ۽ نه پاڻيءَ جي اها مٺاس باقي بچي آهي.
اهي مهاڻا جن جي روزي روٽي جو ذريعو منڇر هئي اهي اڄ دربدر بڻيل آهن
۽ مزدوريءَ جا ٻيا طريقا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. منڇر جي هي تباهي ائين رات پيٽ
۾ ڪو نه آئي آهي، پر ان پٺيان هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. منڇر جي صاف شفاف پاڻيءَ کي هٿ سان
گدلو ڪري نه رڳو ان ۾ رهندڙ آبي جيوت کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، پر ان جي ڪنڌيءَ تي
رهندڙ مسڪين ماڻهن جي پيٽ تي به لت ڏني وئي. هڪڙن مهاڻن کي ته غربت ۽ بک ماري ڇڏيو
آهي جڏهن ته ڪيترا ئي مهاڻا منڇر جو گندو پاڻي پيئڻ جي ڪري به پنهنجي زندگين تان هٿ
ڌوئي ويٺا آهن ۽ انهن جو ڪو به داد فرياد نه ٿيو آهي. منڇر جي تاريخي قدامت جو سڀ اعتراف
ته ڪري رهيا آهن ۽ ان جي ماضيءَ جي سونهن جو ذڪر ته سڀ ڪري رهيا آهن، پر ڪير به اهڙو
ڪونهي جيڪو هن تباهي جا سبب تلاش ڪري ۽ هن جو اڳ وارو عروج واپس آڻڻ لاءِ هٿ پير هڻي.
هي تاريخي ڍنڍ درد جو هڪ طويل داستان بيان ڪري رهي آهي.
ڪو دؤر هو جڏهن بوبڪ اسٽيشن تان ريل گاڏين جا گاڏا مڇيءَ سان ڀرجي ويندا
هئا ۽ اها ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سپلاءِ ٿيندي هئي. هن اسٽيشن تي هر وقت رونق لڳل هوندي
هئي ۽ هر پاسي خوشحال مهاڻن جا مرڪندڙ چهرا نظر ايندا هئا، پر اڄ اها اسٽيشن ڪنهن ويراني
جو ڏيک ڏئي رهي آهي. هاڻي ته نه اڳ واريون ريل گاڏيون رهيون آهن ۽ نه هن اسٽيشن تي
اها اڳ واري رش رهي آهي. هاڻي جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون هلن ٿيون اهي بنا اسٽاپ جي هتان
گذري وڃن ٿيون. بوبڪ اسٽيشن جي ڪاروباري مرڪز هجڻ جو داستان هاڻي بس تاريخ جي ڪتابن
۾ رهجي ويو آهي. منڇر ڪنڌيءَ تي قائم مهاڻن جا اجها جيئن پوءِ تيئن خالي ٿي رهيا آهن
۽ اهي ڀرپاسي جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. محنت ذريعي پنهنجي ٻچن جي روزي ڪمائيندڙ
هي ماڻهو جڏهن ماضي جي ڏينهن کي ياد ڪن ٿا ته سندن ڏرا ڏئي ويل اکين مان لڙڪ ٽمي قميص
۾ جذب ٿي وڃن ٿا. صبح کان شام تائين هٿ پير هلائڻ باوجود هنن کي ايترو شڪار به نٿو
لڳي جو هي ٻچن جي لاءِ اٽي ۽ دال جي پورت ڪري سگهن. نه ته ماضيءَ ۾ ائين ڪٿي هو! ڪلاڪ
ٻن جي محنت ۾ ئي هنن کي ايترو ڪجهه ملي ويندو هو جو سندن گهرن جون چلهيون زبردست نموني
ٻرنديون هيون. ڪو به اهڙو شڪاري نه هوندو هو جيڪو شڪار تان خالي هٿين موٽي. هر ڪو پٺاڙا
ڀري ايندو هو. هاڻي نه ڪنارن تي اهي رونقون رهيون آهن ۽ نه اهي رنگ رهيا آهن. اتي هاڻي
نه اڳ وارا رنگ برنگي گل رهيا آهن ۽ نه گاهه رهيو آهي. ڍنڍ جي حالت کي ڏسي هاڻي ته
ڏيهي پرڏيهي پکين به هن پاسي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. انتظامي بي ڌياني ۽ لاپرواهي جي نتيجي
۾ سنڌ جي هي قديم ڍنڍ پنهنجو جوڀن وڃائي رهي آهي. اها ڍنڍ جنهن جي صفائي سٿرائي کي
پهرين ترجيح حاصل هئي ان ۾ هٿ سان زهريلو پاڻي شامل ڪري کيس تباهه ڪيو ويو آهي. ائين
محسوس ٿي رهيو آهي ته منڇر ڍنڍ گدلي پاڻي جمع ڪرڻ جو ڪو تلاءُ هجي، جنهن ۾ پري اوري
جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. مقامي ماڻهن طرفان احتجاجن، دانهن، ڪوُڪن باوجود هن
پاسي ڪنهن جو به ڌيان نه رهيو.
پوري دنيا ۾ هٿرادو ڍنڍون قائم ڪري پنهنجي عوام کي تفريح جا موقعا فراهم
ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن کي روزگار جا ذريعا مهيا ڪيا وڃن ٿا، پر اسان وٽ جيڪي قدرتي
ڍنڍون قائم آهن ۽ جن کي پوري کنڊ ۾ وڏين ڍنڍن هجڻ جي حيثيت حاصل آهي انهن کي به سنڀاليو
نه پيو وڃي، بلڪ هٿ سان انهن جي تباهيءَ جا سامان گڏ ڪيا پيا وڃن. ڍنڍون جيڪي قدرت
جي وڏين نعمتن ۾ شامل آهن، انهن سان اهڙو رويو دنيا ۾ ڪٿي به نظر نه ايندو جهڙو اسان
وٽ نظر اچي پيو. قصو رڳو منڇر ڍنڍ جو ناهي پر هاليجي ڍنڍ کان وٺي ڪينجهر ۽ مکي ڍنڍ
تائين اسان کي اهڙا ئي لاپرواهيءَ وارا رويا نظر ايندا. جيڪڏهن ٿورڙي سنجيدگي اختيار
ڪئي وڃي ۽ ٿورڙي ڪوشش ورتي وڃي ته هي بهترين قسم جا تفريحي ماڳ ٿي سگهن ٿا، جيڪي ماڻهن
کي تفريح فراهم ڪرڻ سان گڏ وڏي آمدنيءَ جو ذريعو به ٿي سگهن ٿا، پر خبر ناهي ڇو انهن
سان اهڙو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي. منڇر ڍنڍ جي هي تباهي سچ هڪ تهذيب جي تباهي آهي.
اڃا به وقت نه ويو آهي جيڪڏهن ڪوشش ڪئي وڃي ته هن کي مڪمل طور تي تباهه ٿيڻ کان بچائي
سگهجي ٿو. منڇر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻيڙيون تري سگهن ٿيون ۽ ان جو پاڻي وري ڇوليون هڻي سگهي
ٿو. جيڪڏهن هن کي گدلي پاڻيءَ کان آجو ڪري هن ۾ صاف پاڻي داخل ڪيو وڃي ته هن جي اها
اڳ واري مٺاڻ وري موٽي سگهي ٿي ۽ ملاحن جا ويران ٿيل ويڙها وري وسي سگهن ٿا. هي ڍنڍ
هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروبار جو مرڪز بڻجي سگهي ٿي. بوبڪ ريلوي اسٽيشن جي ويراني ختم ٿي سگهي
ٿي، پر ٿورڙي سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. حڪومت کي هن ڍنڍ جي نئين سر بحالي لاءِ اسپيشل
فنڊ جاري ڪرڻ گهرجن ۽ هن جي سونهن لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن. منڇر ڍنڍ جي
هاڻوڪي حالت هڪ وڏو الميو آهي ۽ هن جي بحالي لاءِ فوري طور تي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي.
No comments:
Post a Comment