Sunday, December 15, 2013

سنڌ جي نرالي ثقافت - منظور قناصرو

سنڌ جي نرالي ثقافت
منظور قناصرو
ثقافت بابت عالمي طور مڃيل وصف مطابق: ”ثقافت هڪ حقيقت آهي، جا انسانذات جي خواهش ۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ثقافت فرد کي منظم گروهن ۾ بدلائي ٿي ۽ گروهن کي قومن ۾ تبديل ڪري ٿي. انهن لاءِ رسمون ۽ رواج مقرر ڪري ٿي ۽ هر فرد کي انهن قانونن، رسمن ۽ رواجن کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.“
جڏهن ته اسان جا مڪاني محقق ان بابت چون ٿا ته؛ ”ثقافت چئن حصن تي آڌار رکي ٿي. انهن ۾: جاگرافيائي حدون، گڏيل تاريخ، ٻولي ۽ مذهب شامل آهن. انهن جزن کان متاثر ٿي، ماڻهوءَ پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي وسيلا اختيار ڪيا آهن، تن ۾ کاڌ-خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، رواج، روحاني ۽ مذهبي لاڙا، ڀروسا ۽ وهم خاص اهميت رکن ٿا. اُهي ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿا.“


دراصل، ثقافت جا ٻه اهم جُزا ٿين ٿا؛ هڪ اهڙو حصو جيڪو ڏي پسي سگهجي، ان کي Tangible Culture چئجي ٿو. جنهن ۾، عمارتون، لباس، برتن، هٿ جا هنر، ساز وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن ته ان جي ٻئي حصي کي Intangible Culture چئجي ٿو. جنهن ۾ موسيقي، راڳ، ناچ، شاعري وغيره اچي وڃن ٿا.
مٿين جزن جي تناظر ۾ ڏسنداسين ته سنڌ جي ثقافت جون وٿون ٻين ثقافتن کان ممتاز ۽ نراليون آهن. انهن شين جي اڏاوت، رنگ ڍنگ نرالو ۽ من کي مزو ڏيندڙ آهي. جنهن بابت ثقافت جي عالمي اسڪالرن پنهنجي لکڻين ۾ واضح طور ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. ڪن موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ اتان لڌل شين جي واکاڻ ڪئي آهي، ته ڪن وري ان شهر جي ٽائون پلاننگ، پاڻيءَ جي رسد ۽ نيڪال واري سرشتي جي تعريف ڪندي، لکيو آهي ته اهو اڄ به ڪارگر آهي. ڪن عالمن وري اتان جي رهائشي عمارتن، اُس، هوا ۽ اوڍر بابت لکيو آهي. اهڙيءَ ريت ان دور جي لکت Indus Script  جي به واکاڻ ڪئي ويئي آهي.
هيٺ سنڌي ثقافت جي نرالين خصوصيتن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
گهڻ ڌرمي ثقافت
سنڌي قوم، تهذيب ۽ تمدن جي حوالي سان تمام ڊگهي تاريخ رکي ٿي، جيڪا هزارن سالن تي محيط آهي. ان ڊگهي عرصي دوران هن خطي ۾ ڪيئي مذهب رائج ٿيا، جن ۾ هندو مت، ٻڌ مت، جين مت، زردشت، عيسائيت، اسلام اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ اڪثر مذهبن ۾ فطرت سان لاڳاپور رکندڙ عقيدا ۽ رجحان هڪجهڙا ٿين ٿا، تڏهن به انهن ۾ سماجي زندگي بابت مختلف نظريا ٿين ٿا، جن جا اثر اوس عام ماڻهوءَ جي سماجي زندگي، رسمن رواجن، اٿڻي ويهڻي تي پون ٿا.
گهڻ نسلي ثقافت
تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪيترن ملڪن جي آبادي مخصوص آبهوا، زميني لنگهه نه هجڻ، مناسب پيداواري ذريعن سبب پنهنجي خطي تائين محدود رهي آهي. البت ڪن ملڪن ۾ ساڳي نسل جي فردن جي لڏ پلاڻ به نظر اچي ٿي. جڏهن ته سنڌ جي صورتحال نرالي آهي. هتي قديم دور کان دراوڙ، آريا، منگول، ايراني، بلوچ، عرب، ارغون، ترخان، مغل، يورپي نسل جا ماڻهو ايندا رهيا آهن. ڪي قبيلا هتي قابض ٿيا ته ڪي وري واپار، هنر ۽ علم سانگي آيا ۽ هتي رهي پيا. انهن قبيلن پنهنجي دورن ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون ته هو هتي پنهنجي ثقافت، ٻولي رائج ڪن، پر کين هر دور ۾ مايوسي ٿي. هو سنڌ کي ڪنهن حوالي سان متاثر ڪري ڪين سگهيا. سنڌ ساڳي رهي ۽ رهندي ايندي. سندس سگهارن تهذيبي روين ۽ ثقافتي قدرن سبب، اڄ مٿين  قومن جي ڪا به ريت روايت هتي رائج ناهي. البت ’ڪارو ڪاري جي رسم جيڪا سنڌ جي تهذيبي روين جي ابتڙ آهي، اها ڪن قبيلن ۾ اڃا تائين رائج آهي، پر وقت پڄاڻا ان جو انت اچڻو آهي.
اهڙي ريت مٿي ذڪر ڪيل قومن وڏي ڪوشش ڪئي ته هو هن ڌرتيءَ تي پنهنجي ٻولي چالو ڪن، پر هزارن سالن جي تاريخ رکندڙ، مخصوص لب لهجي ۽ نرالي صوتي اثرات رکندڙ سنڌي زبان، انهن سڀني زبانن تي حاوي رهي.
عربن ساڍا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي ۽ عربي سنڌ ملڪ جي سرڪاري ۽ درٻاري زبان هئي، پر پوءِ به سواءِ مذهبي اثرن جي سنڌي ٻوليءَ ان جو اثر قبول نه ڪيو. فارسي، هن خطي ۾، تقريباً هزار سال حڪمرانن ۽ دفترن جي زبان رهي، پر ان جا به ڪي چند لفظ ۽ محاورا اسان وٽ نشانيءَ طور رائج آهن. ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان پنهنجي جوڙجڪ، ويا ڪرڻ ۽ لغات جي حوالي سان، ڪيڏي سگهاري ٻولي آهي، جنهن تي ڪنهن به جابر حاڪم جو وس نه هليو ۽ اڄ اُها قدامت، فصاحت توڙي سلاست جي حوالي سان دائم قائم آهي. وقت سان گڏ ڦهلجندي رهي آهي. هن وقت دنيا جي ۲۲ ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ عالمي سطح تي، سنڌي ثقافت جي ترجمان آهي.
لباس ۽ اٿڻي ويهڻي
سنڌي قوم کي اهو فخر حاصل آهي ته پنج هزار سال اڳ به ان وٽ پنهنجو لٽو ڪپڙو، اجهو ۽ اٽو ميسر هو. اجرڪ جي ڊزائن اسان کي موهن جي دڙي مان ملي آهي، جڏهن ته ان دور جي ديسي ڪپڙي جي هاڪ ملڪين مشهور هئي. ’سنڌ جي ململ کي مصر، ايران، عراق ۽ ٻين ڀرپاسي وارن ملڪن جا حاڪم شاهي ڊريس طور پائيندا هئا.
سنڌي ڪپڙو، سنڌ جي مخصوص آبهوا مطابق ٺهندو هو. سانوڻ  ۾ سوٽي ۽ اونهاري ۾ پشم جو. اهڙا اهڃاڻ اسان کي دنيا جي تهذيبي آثارن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
اسلام جي رائج ٿيڻ سان، نماز لاءِ سهولت خاطر ٽوپي پائڻ جو رواج پيو، جنهن ۾ به سجدي خاطر اڳيان محرابي جاءِ ڇڏي ويئي. اها اسان جي ٽوپيءَ جي خاص سڃاڻپ آهي. جڏهن ٻين قومن جي ٽوپين ۽ ٽوپن ۾ اهڙي ڪا به علامت نه آهي. اسان وٽ ته شادي مرادي، ميلن ملاکڙن ۾ پٽڪي جو رواج به آهي.
جيتريقدر اٿڻي ويهڻي جو تعلق آهي ته ان مان به سنڌ جي شرافت، حيا، لڄ ۽ نهٺائي نظر ايندي. هٿ جوڙ، جيتوڻيڪ ٻڌ ڌرم جي خاص روايت رهي آهي، پر هن وقت اها اسان جي ثقافت جونمايان گڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ به عاجزي ۽ انڪساري آهي.
صوفي مت
تصوف بابت مختلف مذهبن ۾ الڳ الڳ رايا آهن. ڪي ان کي ’همه اوست ڪي ’همه از اوست ڪي ’وحدت في ڪثرت ڪي ’ڪثرت في وحدت، ڪري مڃن ٿا ته ڪي وري وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جا حامي آهن. انهيءَ مطابق راهه رمن ٿا. جڏهن ته اسان وٽ تصوف هڪ سماجي رَويو آهي، جنهن جي جوهر ۾، ويدانيت، وحدانيت، ٻڌ مت، زردشت ۽ اسلامي فڪر اچي وڃن ٿا. حقيقت اها آهي ته سنڌي تصوف جو رنگ ئي نرالو آهي. ان جي ڀيٽ ڪنهن به ٻئي رائج  متي ۽ فڪر سان نٿي ڪري سگهجي. لڳ ڀڳ ٻن هزار سالن کان اهو سرشتو اسان جي سرشت ۾ شامل آهي. اسان جي عام وهنوار واري زندگيءَ جو نمايان پهلو آهي. اهڙو ڪهڙو سماجي قدر آهي، جنهن ۾ اهوشامل نه هجي. سنڌي تصوف جي تشريح لاءِ قاضي قادن کان وٺي مييي شاه عنات تائين هر شاعر پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن، پر حتمي صورت اسان کي شاه سائين جي ڪامل ڪلام ملي ٿي.
مهمان نوازي
سنڌي ثقافت جي اظهار جون سوَين صورتون آهن، جن کي هن مختصر مضمون ۾ قلمبند ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مهمان نوازي به سنڌي ثقافت جو اهم گڻ آهي، جنهن جي تعريف، عرب سياحن سان گڏ يورپي ليکڪن به ڪئي آهي. لکن ٿا ته؛ ”سنڌ ۾ مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ گهر کان الڳ ڪمرا ٺهيل هوندا آهن، جن کي هو ’اوطاق‘ سڏين ٿا، جتي مسافر مڙي کي، بنا ذات پات پڇڻ جي، ماني ۽ بسترو مهيا ڪيو وڃي ٿو. ميزبان ڪڏهن به مهمان کان اهو نه پڇندو آهي ته هو ڪيترا ڏينهن رهندو. ڏسڻ ۾ اهو به آيو آهي ته ڪي رولاڪ جٿا به انهن اوطاقن ۾ ترسيا پيا هوندا آهن.“
مهمان کي الله جي رحمت سمجهڻ، سنڌي سماج جي خاصيتن مان هڪ آهي. خدا ڪارڻ خدمت ڪرڻ، جنهن تنهن قوم قبيلي جي وس جي ڳالهه نه آهي.

بهرحال، پنهنجي جوهر ۾ ثقافت اهو گُڻ آهي، جيڪو ٻين سڀني اهڃاڻن جهڙوڪ مذهب، نسل، فرقي، قبيلي تي حاوي رهي ٿو. ان گُڻ وسيلي ئي اسان پاڻ ۾ ٻڌيءَ جو اظهار ڪري سگهون ٿا نه صرف اظهار ڪري سگهون ٿا، بلڪ ان ٻڌي جي احساس سان اڳتي وڌي ٻين قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهون ٿا ۽ پنهنجو وجود قائم رکي سگهون ٿا. ٻي صورت ۾ عالمي طور بلدجندڙ ماحول مطابق، جنهن ۾ دنيا هڪ عالمي ڳوٺ جي صورت اختيار ڪري رهي آهي، پنهنجو الڳ قومي تشخص بحال رکڻ انتهائي ڏکيو ٿي رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment