Tuesday, July 23, 2013

شڪاري ڀيل - نواز ڪنڀر

شڪاري ڀيل
ڀٽائيءَ جي بيتن تي نڪاح پڙهائيندڙ لادين قبيلو
نواز ڪنڀر
سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ ڪيترا ئي اهڙا قبيلا ۽ ذاتيون رهن ٿيون، جيڪي پنهنجي اُٿڻي ويهڻي، عادتن، مزاج يا ڪرت وغيره جي حوالي سان منفرد هجڻ جي ڪري مشهور آهن. اهڙن ئي قبيلن مان هڪ قبيلو/ ذات تعلقي کپري ۾، اڇڙي ٿر جي ڪنڌيءَ تي به آباد آهي، جيڪو ڪيترن ئي حوالن کان منفرد آهي. پنهنجو پاڻ کي ’شڪاري ڀيل‘ سڏائيندڙ هن قبيلي کي هندن جي اڪثريت وڏو گوشت کائڻ، ماساتن، ڦڦاٽن، ماروٽن وغيره سان شادي ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهين سبب هندو نه ٿي سمجهي. هن قبيلي جا ڪي ڪي ماڻهو رمضان ۾، ڪڏهن ڪڏهن روزو به رکن ٿا. محرم جي ڏهي ۾ شادي ۽ خوشي وغيره ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. مردو دفنائين، هندن وانگر شاديءَ ۾ چونئري ڪرڻ بجاءِ، مسلمانن کان نڪاح پڙهائين ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، مسلمان مولوي، هنن جي نڪاح ۾ رڳو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جا بيت پڙهي، دعا گهريو ڇڏين. هي ڪوشش ڪري مسلمانن کان ذبح ڪرائين، نالا زالين مڙسين، مسلمانن وارا رکن پر واضح طرح ڪنهن به مذهب ۽ فرقي کان پري رهن. ناري جي پرين ڪنڌيءَ رهندڙ هي ماڻهو، پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي اڪثريت واري علائقي ۾، انهن جي صحبت يا اثر هيٺ رهڻ سبب، گهرن ۾ پير صاحب جا فوٽو ضرور لڳائين ٿا.

Friday, July 19, 2013

نٽ راج ڪبوترا قبيلي جي رهڻي ڪهڻي - خالد ڪنڀار

نٽ راج ڪبوترا قبيلي جي رهڻي ڪهڻي
خالد ڪنڀار
ڪبوترين جي ڪام جيئن ورندڙ بدن هنن جي قبيلي جو نالو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، نه ته هي نٽ راج آهن، چون ٿا ته نٽ ويڌ به آهي، نٽ جي معنيٰ ئي ناچ آهي. بانس واري راند هن قبيلي جي سڃاڻپ آهي. انهيءَ ئي بانس واري راند جي پُٺيان هنن تي ڪبوترا نالو پيو آهي. انهيءَ راند ۾ ڇا هوندو هو جو وِچَ ۾ بانس کوڙيو ويندو هو، انهيءَ ئي بانس کي چار رَسن سان ڪلا کوڙي چئن ڪنڊن تي ٻڌو ويندو هو، پوءِ انهيءَ ڪلي سان ٻڌل رسيءَ تان ڪبوتري چڙهي بانس ڏانهن ويندي هئي، بانس تي پيرن سان هلندڙ ڪبوتري، جڏهن وچ تي پهچندي هئي، تڏهن هيٺيان بيٺل ڪبوترو رسيءَ کي لوڏو ڏيندو هو. انهيءَ لوڏي اچڻ سان ئي ڪبوتري وڏي ڦڙتيءَ سان پنهنجا ٻئي پير رسيءَ ۾ اٽڪائي ڇڏيندي هئي. پوءِ انهيءَ رسيءَ ۾ پيرن جي مدد سان پئي لُڏندي هئي. انهيءَ رسيءَ تان هلندي هلندي وڃي بانس جي چوٽيءَ تي پهچندي هئي. انهيءَ بانس جي چوٽيءَ تي وري هڪڙو ڪاٺَ مان ٺهيل چرکو هوندو هو، انهيءَ  چرکي تي ڪبوتري سمهي رهندي هئي....ائين ئي نٽ راج مان ڦِري هي ڪبوترا ٿيا.

Sunday, June 2, 2013

غربت جا رنگ - عبدالعزيز چنڊ

غربت جا رنگ
عبدالعزيز چنڊ
جتي ڪٿي چڱا مٺا هوندا آهن. اميرن ۾ به ڀلا ۽ معتبر ماڻهو ٿي گذريا آهن ۽ اڄ به آهن، اُهي خدا ترس، خلق کي فائدو پهچائڻ وارا ۽ چڱائي ڪرڻ وارا هوندا آهن. امير ڇاڪاڻ ته طاقت جو Symbol هوندا آهن، انهيءَ ڪري طاقت جي صحيح يا غلط استعمال ڪرڻ ڪري، چڱايون يا خرابيون پيدا ٿينديون آهن. طاقت يا اميريءَ جو پنهنجو مزاج يا نشو ٿيندو آهي. جيئن مست درياهه، پنهنجين موجن ذريعي، زمين سيراب به ڪندو آهي ۽ ستياناس به ڪندو آهي، تيئن امير ۽ طاقتور انسان جي هر حرڪت، فائدو ۽ نقصان به اهڙو ئي پيدا ڪندي آهي.

Saturday, May 4, 2013

جهنگ جو ننگ ۽ بيضن جا چور - خالد ڪنڀار


جهنگ جو ننگ ۽ بيضن جا چور
خالد ڪنڀار
جهنگ جي ماڻهن جا ڪي ڪي ڪم وري اهڙا اونڌا آهن، جو ماڻهو پنهنجي منهن ويٺو ڏند ڪرٽيندو ته هي ڪن ڇا ٿا؟ پنهنجي منهن ويٺو وڦلندو آڏيون ابتيون هڻندو ته.. جهنگ جو خيال ڪو نه اٿن، سو ننگ جي حيا وري ڌوڙ ڪندا. پر جهنگ ۾ جيڪا چوس پئجي وئي سا پئجي وئي. پوءِ عادت آهي عضوو، سا تا حيات رهندي. هزار حيلا بهانا ڪريو، حرام جو پنهنجي عادت کڻي ڇڏين. جهنگ جي اڪابرن جو عقل به بي اثر ٿيو وڃي. اهي اونڌا ڪم آهن. وڻ ٽڻ جو ذيان، پکي پکڻ ۽ جانور جو شڪار، ڪنهن جهنگ جي پسوءَ تي ڪهل کائڻ بنا ظلم ڪرڻ، اهي جهنگ ۾ اونڌا ڪم ڪندڙ سڏجن ئي شڪاري ٿا. ٻيون ڳالهيون ته رهيون پرتي، پر هرڻن جي ٻچن کي روڙيو کڻي رڇ ۾ هڻن. پر وڏو پاپ ته اهو ٿا ڪن جو ڊيل جي بيضن ۽ ٻچن تان به ٽارو نٿا ڪن. پوءِ ڊيلن جي وڻن ۾ ڪيهو ڪيهه ٿي هجي. ڊيلون ۽ مور، جيڪي نانگ جا جهنگ ۾ سڀ کان وڏا ويري آهن، جي ڀلا ڪنهن نانگ جي ڊيل يا مور تي نگاهه پئي ته روڙ ڪڍي وڃي ڪنهن وڻ ٻوٽي ۾ پناهه وٺندو. جي ڪو وڻ ٻوٽو ويجهو نه هوندس ته روڙ ڪري ويندو ٻر ۾.. پوءِ ٻِر ڪنهن جو به هجي. ڪوئي جو هجي ڳوهه جو هجي، نانگ ڍري وڃي پناهه وٺندو. جي ڪنهن ڀيڻي ڀيڙو نه ٿيو ته مور روڙي اچي رسندو، پوءِ چنهنب سان جهليندو پڇ مان ۽ اڏامندو مٿي، جيترو مور مٿي اڏي سگهي ٿو، اوترو اڏامي اتان نانگ کي چهنب مان ڪڍندو ۽ نانگ اچي پٽ تي ڦهڪو ڪندو. نانگ ڌڪ کائي سهمون ٿئي، تيستائين وري جهٽ ڏئي اڏامندو مٿي، ائين ٻه ٽي ڌڪ ڏنائين ته نانگ جي حياتي پوري. اهو جي هڪڙو مور هوندو ته، جي هوندا ٻه ته هڪڙو ڇڏيندو ٻيو کڻندو، بس نانگ ٽن چئن ڌڪن ۾ پورو. انهيءَ نانگ جي ماري، مور لئه شڪاري شتاب آهي. مور پاڻ ته شڪاريءَ جي وجهه ۾ نٿو اچي، ٻيو شڪاري به مور ۽ ڊيل کان انهيءَ ڪري ٿو پاسو ڪري، جو جهليندي ئي مور جي دل ٽٽي پوي ٿي ۽ اتي ئي مريو وڃِي. سو وڏو مور ۽ ڊيل، شڪاريءَ جي ڪم جا ناهن.  شڪاريءَ جو سچو شڪار مور جا ٻچا ۽ بيضا هوندا آهن.

Saturday, January 12, 2013

تترن جو شڪار ۽ خفتين جا گُر - خالد ڪنڀار

تترن جو شڪار ۽ خفتين جا گُر
خالد ڪنڀار
تترن Partridge جي پنهنجي جوءِ هوندي آهي. تتر پنهنجي جوءِ ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيندو. ڪيڏانهن به وڃي پر ڦري گهري وري ايندو پنهنجي جوءِ ۾. انهي جوءِ ۾ تتر جوڙي ۾ رهندو آهي. ڪڏهن به هيڪلو نر يا مادي ڪٿي ڪو نه هوندي. جي ڀلا نر ڪنهن شڪاري هٿان جهلجي ويو ته مادي وري ٻئي نر جي ڳولا ڪندي، جوءِ جوءِ ڦرندي ۽ ڳوليندي. پوءِ جنهن نر جي مادي جهلجي وئي هوندي، اهو به اڪيلو هوندو ته سامهون ٻوليندو. ايئن وري جوڙي ٿي ويندا ۽ وڃي تتري واري يا تتر واري جوءِ جهليندا. انهي ئي جوءِ واري ڳالھ جو شڪاري پورو پورو فائدو وٺندا آهن. نه ته تتر ڪو جهل ڏي! پر تتر جڏهن به جوءِ ۾ ڪنهن نولي تتر جي ٻولي ٻڌندو آهي ته نه رڳو هن جي سامهون ٻوليندو آهي، پر انهيءَ ٻوليندڙ تتر سان وڙهڻ لاءِ جهٽ ۾ اچي پڄندو. تتر ئي ٻي تتر جي ٻولي سڃاڻي ٿو. ماڻهو جي وس جي ڳالھ ڪونهي. ماڻهوءَ لاءِ سڀئي تتر هڪجهڙا ۽ سڀني تترن جون ٻوليون به هڪجهڙيون. پر هڪڙي ڳالھ آهي جيڪي خفتي آهن اهي پنهنجي تترن جي ٻولي پنجن ڪوهن تي به سڃاڻي ويندا ته اهو منهنجو تتر پيو ٻولي. ڇو جو خفتي ته پنهنجي تتر کي هٿن سان پالي وڏو ڪن ٿا. انهن لاءِ ٻولي سڃاڻڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي ۽ شڪاري گهڻو ڪري تتر سان ئي تترن کي ڦاسائيندا آهن. بس گهڻو ڪري تتر ئي تتر کي مارائي ٿو. ڦاسرائي تتر ٿو ۽ ڦاسائي شڪاري ٿو. تترن جي شڪاري جو شڪار گهڻو تڻو آهي ئي تتر سان. جيڪڏهن هن وٽ تتر آهي ته  هو شڪار ڪري سگهي ٿو نه ته ويٺو سيم ۾ پير اهاڙي پوءِ جيڪو بخت. ڇو جو شڪار آهي ئي بيڪار. جي لڳي ته جهٽ ۾ جهولي ڀري اچي، جي نه لڳي ته سڄو ڏينهن ويٺو، سڃي سيم هڻي، پر حرام جي ڪو جهٽ لڳيس. تتر جو شڪار تتر کانسواءِ ڪري ئي نٿو سگهجي پر جي ڪير تتر کانسواءِ تتر جو شڪار ڪري ٿو ته اهو ايترو سولو ڪونهي. تتر کانسوءِ تتر جو شڪار ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. جيڪي شڪاري تتر کانسوءِ تتر جو شڪار ڪن ٿا، انهي جا به گهڻا ئي طريقا آهن. پوءِ جهڙو وڻي اهو طريقو استعمال ڪري.

ڇلامرون - زوفين ابراهيم - ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو


ڇلامرون
زوفين ابراهيم/ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

ڪيترن سالن جي ڳالهه آهي ته جڏهن ميڊيا رستي خبر پيم ته حيدرآباد جي چڙيا گهر ۾ هڪ عجيب بلا پڪڙي رکي وئي آهي. جيئن ته بلا جو ڪو فوٽو ڏنل نه هيو، ان سبب بلا کي ڏسڻ جو تجسس وڌندو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن اها بلا ڏسڻ لاءِ چڙيا گهر ويس. ڏسي پريشان ٿيس ته اها بلا ٻيو ڪجهه نه پر سنڌ جو ڪنهن دور ۾ هڪ عام ٿيندڙ جانور هيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ مون سميت ڪيترا ماڻهو اتي پهتل هيا. ان بلا کي سنڌيءَ ۾ ڇلامرون ته انگريزيءَ ۾ پينگولن (Pangolin) يا اسپائني اينٽ ايٽر (Spiny ant eater) سڏجي ٿو. بدقسمتيءَ سان اها بلا خون ٿيڻ کان بچي وئي هئي نه ته اسان وٽ اهڙن قسمن جي جانورن کي ٿڏي تي ماري ختم ڪيو ويندو آهي. بلڪل ايئن جيئن ڪجهه ڏينهن اڳم رهڙڪيءَ ويجهو ڳوٺاڻن ٻلهڻ کي پاڻيءَ جي بلا سمجهي لٺيون هڻي ماري ڇڏيو.

ھرڻ جو شڪار ۽ شونق - خالد ڪنڀار


ھرڻ جو شڪار ۽ شونق
خالد ڪنڀار
واريءَ وارن دڙن ۾، هڪڙي شڪاريءَ لئه، هرڻ جو پير سڃاڻڻ، ايترو اولو به ڪونهي. جيڪڏهن هو شڪاري آهي ته هزار رڍ ۽ هزار ٻڪريءَ جي پيرن مان، هرڻ جو پير ڪڍي ڏيندو؛ هي آهي هرڻ جو پير! جيڪڏهن ڪنهن شڪاري ڪو هرڻ اڳئين ڏينهن ڊوڙايو هجي ۽ انهيءَ هرڻ ڪنهن به هيلي بهاني سان وجهه نه ڏنو هجي ۽ ڀڄي ويو هجي. ٻئي ڏينهن انهي ئي هرڻ جو پير جيڪڏهن ڪو شڪاري پنجاھ هرڻن جي پير سان ڏسندو ته به ڌڪ سان سڃاڻي وٺندو ته جيڪو هرڻ ڪالهه مون ڀڄايو هو، انهيءَ جو پير هيءُ آهي. جيڪڏهن شڪاريءَ ھرڻ ڊوڙايو ته ڊوڙندڙ هرڻ جو پير، اگر هن پنج مهينن کانپوءِ ڏٺو ته به سڃاڻي ويندو. هڪڙي هرڻ ۽ ٻئي هرڻ جي پير ۾ به اهو وار جيترو فرق هوندو آهي، جيئن هر جانور جي پير ۾ فرق هوندو آهي. گهڻا شڪاري واريءَ تي هرڻ جو پير ڏسي اهو به ٻڌائي ڏيندا ته؛ اهو پير ڪيترو پراڻو آهي. هرڻي جو پير هونئن به رڍ ٻڪري جي پير جهڙو ئي هوندو آهي. بس ٿورو فرق هوندو آهي، جيڪو هر ڪو لکي به ڪو نه سگهندو. اڳيان ٿورڙيون چنهبڙيون هونديون. اهو صرف ۽ صرف شڪاري ئي سڃاڻي سگهي ٿو. وڏي اسر جو اٿي، هرڻ جا پير اُهاڙيندڙ شڪاري، هرڻ جي پيرن جي اُهاڙڻ واري خفت ۾ پيا ويندا آهن. هنن جو سمورو خيال هرڻ جي پير واري نشان تي هوندو آهي. انهيءَ وچ ۾ هنن کي لٿي اڀرئي جي ڪا سڌ ئي ڪو نه هوندي آهي. بس مُنهن انڌاري ۾، ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي. ڪا وسندي ته قسمت سان نصيب ۾ هوندي ته هوندي. رات ٽڪڻ لئه نه ته سيڌو، سامان ۽ سانداري پاڻيءَ جي ڪلهن تي. اهي هرڻن جا پير اهاڙڻ ڪوهن جا ڪوھ پنڌ، هرڻ جا پير اهاڙڻ لئه چاڙهيڪو ڏبو آهي. چاڙهيڪو ايئن هوندو آهي جو هڪڙي ڀٽ تان چڙهندي، سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکڻو آهي. جيئن هن ڀٽ تان چڙهبو وڃبو، سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکبو وڃي ٽو نڪ تي چڙهبو. ايستائين ٻنهي ڀٽن ۽ ڏهرن کي هڪڙي ڀٽ چڙهڻ سان اک مان ڪڍي وڃبو. هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ لئه، گهٽ ۾ گهٽ، نه تڏهن به ٻه ڄڻا لازمي آهن. هڪڙو سامان کڻندو، ٻيو اهاڙ ڏيندو ويندو، جنهن کي بندوق وارو چئبو آهي. سامان پاڻي کڻڻ وارو به پڪو پيري هجڻ کپي. اهو به پير اهاڙيندو ويندو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي جو سامان يعني پاڻيءَ وارو پوئتي رهجي ويندو ۽ بندوق وارو اڳتي نڪري ويندو آهي. بس اهڙي آهي هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ جي چوس جو ساٿي ئي ٽٽيو وڃي ته به چوس ۾ پيو وڃبو. بندوق وارو اشارو ڪندو ويهي رهه ته ويهي رهندو. جي چوندو هل ته هلندو. بس شڪارين جي سموري ڳالهه ٻولهه اشارن ۾ ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پير تي ٻه ڄڻا هوندا آهن. هڪڙي پڪي عمر جي شڪاري چيو؛ بس انهي شوق کي ڪيئن ٻڌايان ته شڪار جي شوق ۾ آهي ڇا؟