ڇلامرون
زوفين ابراهيم/ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو
ڪيترن سالن جي ڳالهه آهي ته جڏهن ميڊيا رستي خبر پيم
ته حيدرآباد جي چڙيا گهر ۾ هڪ عجيب بلا پڪڙي رکي وئي آهي. جيئن ته بلا جو ڪو فوٽو ڏنل
نه هيو، ان سبب بلا کي ڏسڻ جو تجسس وڌندو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن اها بلا ڏسڻ لاءِ چڙيا
گهر ويس. ڏسي پريشان ٿيس ته اها بلا ٻيو ڪجهه نه پر سنڌ جو ڪنهن دور ۾ هڪ عام ٿيندڙ
جانور هيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ مون سميت ڪيترا ماڻهو اتي پهتل هيا. ان بلا کي سنڌيءَ
۾ ڇلامرون ته انگريزيءَ ۾ پينگولن (Pangolin) يا اسپائني اينٽ ايٽر (Spiny ant eater) سڏجي ٿو. بدقسمتيءَ سان اها بلا خون ٿيڻ کان بچي وئي هئي نه ته اسان
وٽ اهڙن قسمن جي جانورن کي ٿڏي تي ماري ختم ڪيو ويندو آهي. بلڪل ايئن جيئن ڪجهه ڏينهن
اڳم رهڙڪيءَ ويجهو ڳوٺاڻن ٻلهڻ کي پاڻيءَ جي بلا سمجهي لٺيون هڻي ماري ڇڏيو.
اهڙن جانورن ۾ ڇلامرون، ٻلهڻ، نانگ، سيڙهه ۽ ڄاهي کي
به هروڀرو ماريو وڃي ٿو. جنهن جو هڪ سبب اسان ۾ اهڙن جانورن جي، ماحول ۾ اهميت ۽ انهن
جي اقتصادي ڪارج جي ڄاڻ جو نه هجڻ آهي. جڏهن ته اهڙن جانورن ۽ انهن جي جوئين کي بچائڻ
ان ڪري ضروري آهي جو اهي ماحول جو هڪ اڻ-ٽُٽ حصو ٿين ٿا جن جي فنا ٿيڻ سان سڄو ماحول
ڊانواڊول ٿي وڃي ٿو ۽ ان جو انسانن تي به اثر پويٿو.
هن وقت پاڪستان ۾ جنهن رفتار ۽ بي درديءَ سان جھنگلي
جيوت سميت ڇلامرونءَ جو شڪار ڪيو وڃي ٿو اها اسانجي ڪٺورائپ جي انتها جو هڪ مثال آهي.
چند روپين خاطر هن ماٺيڻي ۽ بي ضرر جانور جو قتل عام ۽ واپار ڪري ملڪ جي گوناگون جيوت
کي تباه ڪيو پيو وڃي. ڇلامرون جو شڪار رڳو ان سبب ڪيو وڃي ٿو جو ان جا ڇلهڙ ۽ گوشت
دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ گهڻا مهانگا وڪامجن ٿا بقول طارق محمود، اسسٽنٽ پروفيسر ايرڊ
ايگريڪلچرل يونيورسٽي راولپنڊيءَ جي ته، رڳو ڊسمبر ۲۰۱۱ع کان مارچ ۲۰۱۲ع
تائين کين پنجاب جي پوٺوهار ضلعي مان ۵۰
ڇلامرن جا لوٿ هٿ آيا. جيتوڻيڪ
سائيٽ (CITE) معاهدي هيٺ ايشيا جي ڇلامرن جي واپار ۽ شڪار
تي بندش آهي پر تنهن هوندي انهن جو بناهٽڪ شڪار ڪيو وڃي ٿو جو هڪ ڇلامرون چين ۽ ڏکڻ
اوڀر ايشا جي ملڪن ۾ ۱۲۵ ڊالرن ۾ وڪرو ٿئي ٿو.
چين، جيڪو هن وقت ڇلامرن جو هڪ وڏو مارڪيٽ آهي، اتي
هن جانور جي گوشت کي هڪ لذيذ طعام سمجهيو وڃي ٿو ته ان جي رت، ڇلهڙ ۽ جسم جا ٻيا عضوا
لوڪ علاج ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.
جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ڇلامرونءَ کي هڪ بي ضرر جانور سمجهيو
وڃي ٿو ۽ اها به خبر آهي ته هن جانور جي موجودگي فصلن ۽ ٻوٽن کي ڪيترن قسمن جي جيتن
جڻين کان بچائي ٿي پر تنهن هوندي به هن جانور کي بخش نٿو ڪيو وڃي.
پينگولن بچائڻ جي رٿا تي ڪم ڪندڙ هڪ ماهر خاتون جو
چوڻ آهي ته، جيتن جڻين جهڙي آزار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇلامرون هڪ قدرتي وسيلو آهي ۽ هڪ
ڇلامرون هڪ سال ۾ اٽڪل ۷۰ ملين جيت کائي چٽ ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن اسان پنهنجيءَ
ڌرتيءَ تان ڇلامرون ختم ڪري ڇڏينداسين ته اسان کي جيتن جڻين کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جيت
مار دوائن جي مقدار ۾ واڌارو ڪرڻو پوندو ته جيئن انهن جي وڌندڙ انگ تي ضابطو رکي سگهون.
موٽ ۾ اهڙين جيت مار دوائن جا ماحول سميت ماڻهن جي صحت تي اگرا اثر پوندا. سندس وڌيڪ
اهو به چوڻ آهي ته، اهو رڳو پاڪستان ناهي جتي ڇلامرن جا ڇلهڙ حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جو
شڪار ڪيو وڃي ٿو پر اهڙو باقاعدي شڪار زمبابوي، ڪينيا، موزمبيق ۽ يوگنڊا ۾ به هلي رهيو
آهي. ان سلسلي ۾ ڇلامرون پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙن جي هڪ اندازي مطابق رڳو سال ۲۰۱۱ع ۾ سڄي دنيا مان ۵۰۰۰۰ ڇلامرن جو شڪار ڪيو ويو آهي.
ڊبليو ڊبليو ايف-پاڪستان جي اعجاز احمد جو چوڻ آهي
ته، هن جانور ۾ سنگهڻ جي حس ايتري ته زبردست سگهاري آهي جو ڪيترن سوين ميٽرن جي دوريءَ
تان به اڏوهيءَ جي موجودگيءَ جي خبر پئجي وڃيس ٿي.
محمود جو چوڻ آهي ته، پاڪستان جا ڪي فائيو اسٽار هوٽلن
وارا پينگولن جو في داڻو ۱۰۵
ڊالرن ۾ پنهنجي چيني ريسٽورانٽن
لاءِ خريد ڪن ٿا. نه رڳو ايترو پر هو اهو به ٻڌائي ٿو ته، جهلم درياءَ جي آسپاس وارن
علائقن ۾ ڇلامرون خريد ڪرڻ لاءِ هيليڪاپٽر رستي اشتهار به اڇلايا ويا جن تي ڏس پتو
به لکيل هو ته اهي ڪهڙن هنڌن تي آڻي ڪنهن کي وڪرو ڪري سگھجن ٿا. پاڪستان ۾ اهڙا انگ
اکر به موجود ناهن ته انهن جو هت ڪيترو تعداد باقي موجود آهي. ڇو ته، هي هڪ راتوڻو
۽ ڊڄڻو جانور آهي. تنهنڪري پڪ سان ٻڌائي نٿو سگهجي ته؛ انهن جو ڪيترو تعداد باقي بچيو
آهي.
پاڪستان جي حوالي سان ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته هت،
رڳو ڇلامرون خطري ۾ ناهي پر جاندارن جون اهڙيون
۱۰۰ ٻيون
به جنسون ناپيد ٿيڻ جي خطري ۾ آهن. ڇو ته جڏهن ٻيلن ۽ ساوڪ جي تباهي ڏسجي ٿي، خاص طور
تي سوات ۽ خيبرپختونخواه جي پائين فاريسٽ جي تڏهن چئي سگهجي ٿو ته هتان جي گوناگون
جيوت کي سنگين نقصان رسيو آهي جنهن جي تلافي ٿي نٿي سگهي. ڊبليو ايف-پاڪستان جي احمد
جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، جيئن ته ماحول ۾ هر جاندار شئي ٻيءَ جي محتاج ٿئي ٿي تنهنڪري هن
ڌرتيءَ تي هڪ متوازن گوناگون جيوت جو هجڻ لازمي آهي. ڇو ته، گوناگون جيوت هن ڌرتيءَ
تي سڀني جاندارن جو ست-تت ٿئي ٿي. ساڳئي حالت سيسر جي آهي جيڪو ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي تائين پاڪستان ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگهبو
اهو هاڻ ناپيد ٿي ويو آهي ۽ انکي هڪ اهڙو اشارو سمجهڻ کپي ته اسانکي هر حالت ۾ سڀ حيلا
وسيلا ڪتب آڻي اهڙي جهنگلي جيوت جو بچاءُ ڪرڻو آهي. سنڌوءَ جي ٻلهڻ به پوئين پساهن
۾ آهي. اسان درياءَ تي ڊيم اڏي ٻلهڻ جون جوئيون ختم ڪري ڇڏيون آهن، کين ڄارن ۾ ڦاسايو
وڃي ٿو، گهربل مڇي جي غذا نه ملڻ سبب بک مري رهي آهي ۽ اسان انکي پاڻيءَ جي وڌندڙ گدلاڻ
۾ زنده رهڻ مجبور لاءِ ڪيو آهي. اهڙو ويچار، ماحوليات جي ماهر مناف قائمخاني جو آهي.
ڊبليو ڊبليو ايف-پاڪستان جي هڪ اندازي موجب سال ۲۰۰۶ع ۾ سنڌوءَ ۾ ٻلهڻين جو ۱۲۰۰
انگ موجود هيو. جڏهن ته بقول
سيڊ ڊائريڪٽر، ناصر پنهور جي، هر سال اٽڪل ٻه ڊزن ٻلهڻيون چئنلن ۾ پاسي پون ٿيون.
قائمخاني جو اهو به چوڻ آهي ته، برفاني چيتو،
ڳجهه، باز،
تلور، مارڪوپولو رڍ، چلتن مارخور، فلائنگ
نوريئڙو ۽ مشڪ هرڻ پاڪستان جا ڪجهه اهڙا جانور آهن جيڪي هتي پنهنجي جياپي جي جنگ جوٽي رهيا
آهن.
جهنگلي جيوت جي سانڍ ڪندڙ ان ڳالهه سبب پريشان آهن
ته سرڪار کي، ملڪ جي گوناگون جيوت جو ڪو اونو ڪونهي پر اهي سياسي ۽ سفارتي مسئلن سبب
مصلحت کان ڪم وٺندڙ آهن.
ڪسٽم آفيسر راجا ظهور جو چوڻ آهي ته، ڪيترا پرڏيهي
ماڻهو شيل شڪار خاطر ملڪ جي جانورن ۽ پکين جو قتل عام ڪن ٿا جن لاءِ کين خاص پرمٽون
ڏنيون وڃن ٿيون ته جيئن مشرق وسطيٰ جي بااثر ماڻهن سان سٺا لاڳاپا قائم رکي سگهجن.
ان سلسلي ۾ سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته، ٻاهريان ڪوڙن ڪاڳرن تي بازن جون ناياب جنسون ۽ تلور
جهڙا پکي عرب رياستن ڏانهن کڻي وڃن ٿا.
بازن رستي شڪار ڪندڙ، بين الاقوامي سطح تي تحفظ ڏنل
تلور جو، منسٽري آف فارين افيئرس پاران جاري ٿيندڙ پرمٽن جي آڌار تي شڪار ڪن ٿا. جڏهن
اچن ٿا ته پنهنجا شڪاري باز آڻين ٿا پر جڏهن هتان واپس ورن ٿا ته پاڪستان جا ناياپ
پکي کنيو وڃن ٿا. ڇو ته بقول ناصر پنهور جي، بازن جي مٽ سٽ ڪرڻ تمام سولي ٿئي ٿي.
اسانکي خبر آهي ته اهو سڄو ڪم ناجائز ۽ غير قانوني
آهي پر اسان بيوس آهيون. ڇو ته جيڪي ڪسٽم آفيسر پنهنجا ملڪي باز ٻاهرين ملڪن ڏانهن
سمگلنگ ٿيڻ نٿا ڏين تن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پون ٿا ظهور ٻڌائي ٿو. ان سلسلي ۾ سندس وڌيڪ
چوڻ آهي ته ڪسٽم وارا جيڪي جانور ۽ پکي جهلين ٿا تنکي رکڻ جون ڪي به معياري سلامتيءَ
واريون سهوليتون موجود ناهن ته جيستائين ڪورٽ اهڙن ڪيسن جو اڪلاءُ ڪري تيستائين انهن
کي صحتمند حالت ۾ رکي سگهجي نتيجي ۾ اهڙا ناياب پکي ۽ جانور قيد ۾ ئي مري وڃن ٿا.
ڇلامرن جون ڪجھه دلچسپ ڳالهيون
·
ڇلامرون اصل ۾ هڪ جيتخور جانور آهي ۽ عام طور تي ماڪوڙيون ۽ اڏوهي کائي
ٿو.
·
هن جون ست جنسون ٿين ٿيون
·
سائيز ۽ ٽن کان ڇهن فوٽن جيترو ٿي سگھي ٿو
·
هنن جون جوئيون ختم ٿيڻ ۽ شڪار ڪرڻ سبب چيني ۽ سونڊا جنسون ناپيد ٿيڻ
تي آهن
·
هي هڪ راتوڻو جانور آهي ۽ ڪيترن لحاظن کان اڃان تائين عجيب جانور سمجھيو
وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سائنسدان هن جھنگلي جانور جي سڀاءَ کي مڪمل طور سمجھي نه سگھيا آهن
·
چين ۾ ڇلامرون جي گوشت کي هڪ لذيذ غذا سمجھيو وڃي ٿو
·
ڇلامرون جا ڇلهڙ ساڳي قسم جي ڪيريٽن مادي جا ٺهيل ٿين ٿا جنهن مان سڱ،
نهن ۽ وار پيدا ٿين ٿا جيڪي چيني ۽ آفريڪي پنهنجي لوڪ علاج ۾ ڪتب آڻين ٿا
·
انڊين نر ڇلامرون، ماديءَ کان ۹۰
سيڪڙو وڏو ٿي سگھي ٿو
·
سونڍ، اکين، ڪنن ۽ پيٽ تي ڇلهڙ نه هجڻ سبب خطري جي حالت ۾ بال وانگي گول
ٿي پنهنجو بچاءُ ڪري ٿو. ان دوران پنهنجا ڇلهڙ به اڀا ڪري ڇڏي ٿو
·
سونڊ سوڙهي ۽ چهنبياري ٿئيس ٿي.
·
دشمن کي ٽاهڻ لاءِ مقعد ۾ موجود غدودن مان ڪني تيزابي بانسدار پاڻيٺ خارج
ڪريٿو
·
ڇلامرون کي ڏند نٿا ٿين ۽ نه ئي چٻاڙي سگھي ٿو. سڄو جسم زمين ڏانهن جھڪيل،
وڏن، ٽڪنڊن، هڪٻئي تي وريل ڇلهڙن سان پير، پاسن، ٽنگن جي ٻاهرين حصن سميت سڄي پڇ کي
ڍڪيندڙ ٿئي ٿو.
·
پيٽ تي ڇڊا وار ٿينس ٿا.
·
کيس لچڪدار پڇ ٿئي ٿو جيڪو نه رڳو جسم کي توازن ۾ رکڻ لاءِ ته وڻن جي
ٽارين تان لڙڪن لاءِ به استعمال ڪريٿو
·
پنهنجن طاقتور چنبن رستي وڏا وڏا بنڊ کولي سگھي ٿو.
·
ڪن قسمن جا وڻن تي رهن ٿا.
·
سڀ ڇلامرون ٿڻائتا ٿين ٿا.
·
هن جا وڏي ۾ وڏا دشمن انسان سميت شينهن، چيتو ۽ واگھ آهن
·
جيتوڻيڪ جديد دور جو ڇلامرون، آفريڪا ۽ ايشيا ۾ ٿئي ٿو جڏهن ته هنن جا
پندپهڻ يورپ ۽ اتر آمريڪا مان لڌا ويا آهن
·
ڇلامرون جي ديد تمام ڪمزور ٿئي ٿي جنهنڪري سڄو مدار سنگھڻ جي حس تي رکي
هلي چلي، رستو لهي ۽ شڪار ڳولهي سگھي ٿو
·
اڳين پيرن ۾ تمام ڊگھن نهن هجڻ سبب انهن رستي هلي چلي نٿو سگھي، جنهنڪري
گھمڻ لاءِ پويون ٽنگون استعمال ڪريٿو.
No comments:
Post a Comment