Friday, July 19, 2013

نٽ راج ڪبوترا قبيلي جي رهڻي ڪهڻي - خالد ڪنڀار

نٽ راج ڪبوترا قبيلي جي رهڻي ڪهڻي
خالد ڪنڀار
ڪبوترين جي ڪام جيئن ورندڙ بدن هنن جي قبيلي جو نالو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، نه ته هي نٽ راج آهن، چون ٿا ته نٽ ويڌ به آهي، نٽ جي معنيٰ ئي ناچ آهي. بانس واري راند هن قبيلي جي سڃاڻپ آهي. انهيءَ ئي بانس واري راند جي پُٺيان هنن تي ڪبوترا نالو پيو آهي. انهيءَ راند ۾ ڇا هوندو هو جو وِچَ ۾ بانس کوڙيو ويندو هو، انهيءَ ئي بانس کي چار رَسن سان ڪلا کوڙي چئن ڪنڊن تي ٻڌو ويندو هو، پوءِ انهيءَ ڪلي سان ٻڌل رسيءَ تان ڪبوتري چڙهي بانس ڏانهن ويندي هئي، بانس تي پيرن سان هلندڙ ڪبوتري، جڏهن وچ تي پهچندي هئي، تڏهن هيٺيان بيٺل ڪبوترو رسيءَ کي لوڏو ڏيندو هو. انهيءَ لوڏي اچڻ سان ئي ڪبوتري وڏي ڦڙتيءَ سان پنهنجا ٻئي پير رسيءَ ۾ اٽڪائي ڇڏيندي هئي. پوءِ انهيءَ رسيءَ ۾ پيرن جي مدد سان پئي لُڏندي هئي. انهيءَ رسيءَ تان هلندي هلندي وڃي بانس جي چوٽيءَ تي پهچندي هئي. انهيءَ بانس جي چوٽيءَ تي وري هڪڙو ڪاٺَ مان ٺهيل چرکو هوندو هو، انهيءَ  چرکي تي ڪبوتري سمهي رهندي هئي....ائين ئي نٽ راج مان ڦِري هي ڪبوترا ٿيا.

ڪبوترين جو چوڻ آهي ته، انهيءَ بانس واري راند ۾ ڪيتريون ئي ڪبوتريون اتان وڃي ڪريون به سهي. هنن جو ته اهو چوڻ به آهي ته، اسان وٽ ڪو جادو ته هو ڪو نه، بس راند هئي. راند ۾ ته ائين به ٿي سگهي ٿو. خير اها ڪبوتري وري انهيءَ ئي رسيءَ تان واپس لهندي هئي، انهيءَ ئي رسيءَ تان لهڻ کانپوءِ اها ئي نٽ راج ڪبوتري وري اُتي ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪندي هئي؛ بانس تي ناچ، زمين تي بال وانگر ويڙهجي بولاٽيون کائڻ، ورندڙ جسم جي ڪلا ۽ ڪرتب ساري هجوم کي منڊي ڇڏيندو هو. جتي ڪبوتريون پنهنجي جسم جا ڪرتب ڏيکارينديون هيون، اتي  وري ڪبوترا لٺ واري ويڙهه جا وڏا ڪاريگر هئا. ڪبوترو هڪڙو لٺ سان هجي، سامهون ڀلي پنجاهه همراهه لٺين سان هجن پر سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جو ڪبوتري کي هارائي سگهن. ڪبوترن جو چوڻ آهي ته، انهيءَ زماني ۾ اسان کي جانباز به سڏيندا هئا. انهن لاٺڙين ڪبوترن جو درٻارن ۾ وڏو قدر ۽ عزت هئي. اهي نٽ راج ڪبوترا ۽ ڪبوتريون جڏهن راجائن ۽ مها راجائن جي درٻارن ۾ ڪرتب ڏيکاريندا هئا، تڏهن ڪبوترن جو چوڻ آهي ته، هڪڙي ڏينهن جي ڪمائي، سڄو سال پيا کائيندا هئا. درٻارن ۾ هنن جي ڪلا جا قدردان هئا. درٻارن وارو دور پورو ٿيو ته، هن قبيلي جي دربدريءَ جو دور شروع ٿيو. اتان هنن گڏهن تي لڏا کنيا پوءِ جپسي ٿي دربدر ٿيا. ڪبوترن جو چوڻ آهي ته، اڳي جڏهن ايتري آبادي اڃا ڪو نه هئي، تڏهن ڪبوترا لڏن جي صورت ۾ پيا گهمندا هئا. ڪنهن وڏي ڳوٺ کان پرتي ميدان ڏسي اتي ئي لڏو لاهيندا هئا، پوءِ انهيءَ ڳوٺ ۾ بانس واري راند ڪندا هئا. ڪبوترن جي لڏي جي سڃاڻپ ئي اها هوندي هئي، ته انهيءَ لڏي جي گڏهن تي بانس ٻڌل هوندا هئا. پوءِ جڏهن آبادي وڌي ۽ غير آباد زمينون آباد ٿيون ته، ڪبوترن به لڏا کڻڻ ڇڏيا. پوءِ وڃي زميندارن جي ڳوٺن کان ٿورو پرتي انهيءَ زميندار کان پنهنجي ويهڻ جي اجازت ورتي، اتي ئي پکا هڻي ٿانيڪا ٿي ويهي رهيا. مٿان وري ميلن ۾ سرڪس لڳڻ شروع ٿيا، ته ڪبوترن جي بانس واري راند به بيهي رهي. اتان ڪبوترين جي لَڪُڻ جيان ورندڙ جسم وارو ڪرتب ڪنهن ڪمائي جو ذريعو نه رهيو، نسلن کان ڪلا جو پورهيو کائيندڙ هنن ڪلاڪارن جي ڪلا بيهي رهي. تڏهن هنن وٽ ٻي ڪا واه ته هئي ڪو نه، سو هنن ۾ پنڻ واري پٽ اُتان پڪي، پوءِ هنن ڪبوترن ۽ ڪبوترين پنڻ شروع ڪيو، راجائن جي درٻارن جا روح رلي در در تي پنندا رهيا. جڏهن اهي ڪبوتريون پنڻ لئه ”پيڙن“ تان نڪتيون. (”پيڙو“ ڪبوترن جي ڳوٺ کي چئبو آهي) تڏهن خفتين جون اکيون به ڪڪڙيون ٿيون. اتان ئي انهن پيڙن جون راتڙيون روشن ٿيڻ شروع ٿيون. ڪيترن ئي پجيرو ۽ ويگو گاڏين سان گڏ پيادن جا راتين وارا پنڌ پيڙن تي کُٽڻ شروع ٿيا. ڪيترن جاگيردارن جون جاگيرون پيڙن پوريون ڪري ڇڏيون. ڪبوتريون پيڙي تي ايندڙ کي ’ڪيجو‘ چونديون آهن. هڪڙا ڪيجا، ٻيا وري دل وارا ڪيجا. دل واري ڪيجي وٽ ڪبوتريون پاڻ هلي وينديون آهن. اهي ڪيجن ۽ ڪبوترين جي عشق جا داستان ڪيترين ئي اونداهين ۽ ساهين راتين ۾ ڪچهرين جا موضوع رهيا. ناري جي وڏن وڏن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي گهرن ۾ ڪبوتريون وينهائجي به ويون، انهن مان هنن کي اولاد به ٿيا. اڄ به ڪيترن ئي وڏيرن جي گهرن ۾ ڪبوتريون ناري ۾ ته آهن ئي آهن. اهڙي ڪا ورلي ناري جي وڏ گهراڻي واري ذات هوندي، جنهن جي گهر ۾ ڪبوتري نه هجي پر ڪبوترن جو چوڻ اهو آهي ته، ڪبوترن ڪڏهن به ڪا ڪبوتري پيڙي تان ڪنهن کي پرڻائي ناهي ڏني. ڀلي اهو ڪيڏو وڏي جاگيردار يا اثر رسوخ وارو ماڻهو ڇو نه هجي پر انهيءَ جي چئونري جا ڦيرا پيڙي تي ٻي ذات واري جا ڪو نه ٿيا هوندا. ڪيتريون ئي ڪبوتريون ڀڄي وڃن ٿيون، ڪيتريون ئي شادي شده ڪبوتريون پنهنجي عاشقن سان گڏ ڀڄي ويون پر ڪبوترا چون ٿا ته، اسين مسڪين ماڻهو ڇا ٿا ڪري سگهون، ڏاڍن ماڻهن کي. ڪبوترن جو ته اهو چوڻ به آهي ته، اسان انهيءَ معاملي ۾ مرحوم ڀٽي صاحب تائين به پهتا هئاسين پر ڪجهه نه ٿيو. بس ڪبوترن جو سنڌ ۾ مڙهه مقام رئيس اميد علي خان لاشاري جو ڳوٺ آهي. سنڌ ۾ ڪبوترو ڪٿي به راههِ رباني وٺي پر انهيءَ جي مڙهه کي هتي اچي مٽيءَ حوالي ڪبو آهي. پوءِ جي اهو گهر غريب هجي ته، به پني سني مڙهه کي اتي ئي پهچائيندو. ڪبوترن ۾ صرف هڪڙي نک ٻاريندي آهي، باقي سڀ پوريندا آهن. ڪبوترن جو چوڻ آهي ته، رئيس اميد علي خان هو، ته اسان جي داد رسائي اتي ئي ٿيندي هئي پر اسان ڪبوترن جو ڪو ڪيس اڄ ڏينهن تائين ڪورٽ ۾ ناهي ويو، بس پنچائت ۽ برادريءَ جا چار چڱا گڏجي ڪبوترن جو فيصلو ڪندا آهن، ڏوهاريءَ  تي ڏوهه ڏنڊ هڻندا آهن، اهو ڪو سرداري نظام ڪونهي، اهو پنچائتي نظام آهي. ڪبوترا ساڳئي نک ۾ شادي به ناهن ڪندا، ڪبوترن جو اهو چوڻ آهي ته، اسان جي ڪپڙي لٽي ۽ اوڍڻ پهرڻ سان ڪو نواب به ڪو نه پهچندو. ڪپڙي لٽي مان ڪو اهو ليکيندو ئي ڪو نه، ته هي ڪبوترا آهن. هاڻي ڪو چڱو ماڻهو ته ڪبوترن جي پيڙي کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ته ٺهيو، پر ڳوٺ کان پنج ڪوهه پرتي به ناهي سهندو. انهيءَ ڪري ڪبوترن اچي شهرن جا ڀر پاسا ورتا آهن. شهر جي ڀر ۾ ڪنهن نالي جي پاسي يا روڊ جي پاسي ۾ سرڪاري زمين ڏسي پکا هڻي ويهي ٿا رهن، هاڻ ڪبوترن جو مرڪز وري شهر آهن. هنن جي پيڙي ۾ راما پير جو مندر به هوندو آهي. هي راما پير تي پيرين پنڌ قافلي جي صورت ۾ ويندا آهن، هنن جو ڪامل عقيدو ۽ ايمان جو مرڪز وري اهو آهي.


No comments:

Post a Comment