جهنگ جو ننگ ۽ بيضن جا چور
خالد ڪنڀار
جهنگ جي ماڻهن جا ڪي ڪي ڪم وري اهڙا اونڌا آهن، جو ماڻهو پنهنجي منهن
ويٺو ڏند ڪرٽيندو ته هي ڪن ڇا ٿا؟ پنهنجي منهن ويٺو وڦلندو آڏيون ابتيون هڻندو ته..
جهنگ جو خيال ڪو نه اٿن، سو ننگ جي حيا وري ڌوڙ ڪندا. پر جهنگ ۾ جيڪا چوس پئجي وئي
سا پئجي وئي. پوءِ عادت آهي عضوو، سا تا حيات رهندي. هزار حيلا بهانا ڪريو، حرام جو
پنهنجي عادت کڻي ڇڏين. جهنگ جي اڪابرن جو عقل به بي اثر ٿيو وڃي. اهي اونڌا ڪم آهن.
وڻ ٽڻ جو ذيان، پکي پکڻ ۽ جانور جو شڪار، ڪنهن جهنگ جي پسوءَ تي ڪهل کائڻ بنا ظلم ڪرڻ،
اهي جهنگ ۾ اونڌا ڪم ڪندڙ سڏجن ئي شڪاري ٿا. ٻيون ڳالهيون ته رهيون پرتي، پر هرڻن جي
ٻچن کي روڙيو کڻي رڇ ۾ هڻن. پر وڏو پاپ ته اهو ٿا ڪن جو ڊيل جي بيضن ۽ ٻچن تان به ٽارو
نٿا ڪن. پوءِ ڊيلن جي وڻن ۾ ڪيهو ڪيهه ٿي هجي. ڊيلون ۽ مور، جيڪي نانگ جا جهنگ ۾ سڀ
کان وڏا ويري آهن، جي ڀلا ڪنهن نانگ جي ڊيل يا مور تي نگاهه پئي ته روڙ ڪڍي وڃي ڪنهن
وڻ ٻوٽي ۾ پناهه وٺندو. جي ڪو وڻ ٻوٽو ويجهو نه هوندس ته روڙ ڪري ويندو ٻر ۾.. پوءِ
ٻِر ڪنهن جو به هجي. ڪوئي جو هجي ڳوهه جو هجي، نانگ ڍري وڃي پناهه وٺندو. جي ڪنهن ڀيڻي
ڀيڙو نه ٿيو ته مور روڙي اچي رسندو، پوءِ چنهنب سان جهليندو پڇ مان ۽ اڏامندو مٿي،
جيترو مور مٿي اڏي سگهي ٿو، اوترو اڏامي اتان نانگ کي چهنب مان ڪڍندو ۽ نانگ اچي پٽ
تي ڦهڪو ڪندو. نانگ ڌڪ کائي سهمون ٿئي، تيستائين وري جهٽ ڏئي اڏامندو مٿي، ائين ٻه
ٽي ڌڪ ڏنائين ته نانگ جي حياتي پوري. اهو جي هڪڙو مور هوندو ته، جي هوندا ٻه ته هڪڙو
ڇڏيندو ٻيو کڻندو، بس نانگ ٽن چئن ڌڪن ۾ پورو. انهيءَ نانگ جي ماري، مور لئه شڪاري
شتاب آهي. مور پاڻ ته شڪاريءَ جي وجهه ۾ نٿو اچي، ٻيو شڪاري به مور ۽ ڊيل کان انهيءَ
ڪري ٿو پاسو ڪري، جو جهليندي ئي مور جي دل ٽٽي پوي ٿي ۽ اتي ئي مريو وڃِي. سو وڏو مور
۽ ڊيل، شڪاريءَ جي ڪم جا ناهن. شڪاريءَ جو
سچو شڪار مور جا ٻچا ۽ بيضا هوندا آهن.
هونئن پاڻ واري ٿر ۾ گهڻو مور رهي ٿو. اتي واري جهنگ جا ماڻهو چون ٿا
ته ڊيل جي بيضا ڏيڻ جي موسم پُور وسڪارو آهي. مينهن وسي اُڪامندا آهن، گاهه ڦُٽندا
آهن. مور ۽ ڊيلون مستيءَ ۾ اينديون آهن، پوءِ ڊيلون سگها ئي بيضا ڏينديون آهن ۽ جڏهن
ڇانهان پچي راس ٿيندا آهن، تڏهن انهن جون ڪُريون (ٻج) ڊيلن
جا ٻچا کائيندا آهن، پر مهراڻي واري ڪَس ۾ اهاڙ ڏيندڙ شڪارين جو ته اهو چوڻ آهي ته
جڏهن ڪڻڪن جا ڀيلاڙ ٿيندا آهن، تڏهن به مهراڻي واري ڪَس ۾ ڊيلون بيضا ڏينديون آهن.
ڪَس جي شڪارين جو چوڻ آهي ته جڏهن ڊيلون ۽ مور ڍئو ۾ هوندا آهن، تڏهن لڳ ڪندا آهن.
هڪڙي ڊيلَ ست کان يارنهن بيضا ڏيندي آهي، مور وري جهنگ کان گهڻو گهريلو پکي آهي. بس جنهن به ڳوٺ جي پاسي ۾ مور هوندا ته وڏي اسُر
جو هِتان جنڊ هلڻ شروع ٿيندا، هوڏانهن مور چونئري ۾ پيا ڦيرا ڏيندا. جنڊ تي ويٺل ڏوڪري
جي هٿن مان داڻا چڳي ويندا، ٻار جي هٿ ۾ ٽڪر ڏٺئون ته ويو.. سو مور ۽ ڊيل ٿر جي ڳوٺن
جا ڀاتي آهن. گهريلو پکي هجڻ جي ڪري مور جو ڪو آکيرو به ناهي هوندو. رات جو وڻن جي
ٽارين تي ۽ ڏينهن جو گهرن ۾ وڻن تي به ڳوٺ کان گهڻو پري نه، پر ويجهو ئي مال جي واڙن
مان پاڻي پيئڻ به سولو.. نه ته گهر ۾ پيل ڀريل دلو به اونڌو ڪندي دير ڪو نه ڪندا. انهيءَ
ڪري بيضا به ڳوٺ جي ويجهو ڏيندا آهن. وڌ ۾ وڌ گهڻو پري تڏهن به ڪنهن وسنديءَ کان ٻه
ڪلوميٽر پرتي ۽ ڏيندا به اتي جتان پير واٽ هوندي، پوءِ کپي مال هجي يا ماڻهوءَ جو،
پر انهيءَ جي ڀر ۾ ڏيندا. اتي ڊيل ڇا ڪندي، جو ڪو ٻوٽو اهڙو ڳوليندي، جنهن هنڌ اڌ ڪاڙهو
اڌ ڇانءَ هجي. جي رڳي ڇانءَ هوندي ته شڪاري چون ٿا ته بيضا ڦٽندا ڪو نه، خراب ٿي ويندا. اتي ننڍڙي کڏ کوٽي، ٿورا ٿورا هلڪا
ڪک رکي اتي بيضا ڏيڻ شروع ڪندي. چوويهه ڏينهن ڪڪڙ وانگر آري تي ويهندي آهي. ڊيل آهستي
آهستي ٻچا چُڳائيندي چُڳائيندي اٺاويهه ڏينهن تائين ڳوٺ ۾ پهچي ويندي. جي ڊيل ٻچن يا
بيضن واري هوندي ته جهنگ ۾ باز کي اڏندو ڏسندي ڪوڪون ڪرڻ شروع ڪندي، جي هوندا ٻچا ته
ڪوڪن مان سمجهي ڪنهن ٻوٽي ۾ لڪي ويندا ۽ شڪاري جيڪو جهنگ ۾ هوندو، اهو ڪوڪن مان سمجهي
ويندو ته اها ڊيل ٻچن واري آهي يا بيضن واري آهي. ڪوڪون ڪندڙ ڊيل کي خفتي ٻه ٽي منٽ
ڇڏي ڏيندو. جي صبح جو ٽائيم هوندو ته اوڏيءَ مهل پير کڻندو ابتا.. وڃي بيضن تي پهچندو.
جي شام هوندي ته وري صبح جو اتان ابتا پير کڻندو. جي ڀلا اڃا ڊيل سڀ آنا لاهي دنگ ناهن
ڪيا ۽ ڪو شڪاري پٽيل آنا کڻي ويو ته انهيءَ ڏينهن انهيءَ سيم ۾ ڊيل جي ڪيهو ڪيهه هوندي،
پر پوءِ رهيل آنا انهيءَ ساڳئي جاءِ تي ڪو نه لاهيندي، وري وڃِي نئون ٻوٽو ڳوليندي.
جي شڪاري ڏٺو اڃا بيضن جو رنگ اڇو آهي ته هوشيار شڪاري ڪو نه کڻندو، چوندو اڃا ڪچا
آهن. پر جي صفا لالچي هوندو ۽ بي رحم هوندو ته اهي به کڻي ايندو ڪپهه ۾ ويڙهي، ڪنهن
هنڌ تي رکي ڇڏيندو، پر اهو شڪ وارو ڪم آهي، پر جي بيضا ميٽا هوندا ته دير ئي ڪو نه
ڪندو. کڻي اچي ڪنهن آري واري ڪڪڙيءَ جي هيٺان رکي ڇڏيندو. جي ڪڪڙ جي آري ۾ ويهڻ ۾ دير
هوندي ته ميٽا بيضا به ڪپهه ۾ ويڙهي رکي ڇڏيندا. هونئن ته جيستائين ڊيل بيضا پئي لاهيندي،
اوترا ڏينهن بيضا لاهي هلي ويندي چُڳڻ، پر پندرنهن ڏينهن کان پوءِ پڪو آرو هوندو.
21 ڏينهن ۾ ڇهه ڏينهن پڪو آرو هوندو، جنهن ۾ نه ڪجهه کائيندي نه ڪجهه پيئندي، آري تي
ئي هوندي. نور ڊيل جا آنا کائي سگهي ٿو، پر آري تي ويٺل ڊيل جي مٿان جيڪڏهن گدڙ آيو
ته ڊيل کي کائي ويندو. جيڪي بيضا ڪڪڙ ڦوڙيندي آهي، انهن ۾ شڪارين جو چوڻ آهي ته جي
ٽرڙي ڪڪڙ هوندي، ته ڊيل جي ٻچن کي ڊوڙائيندي، پر جي اصيل هوندي ته ڪو نه ڊوڙائيندي. ڊيل جي ٻچن مان نر ماديءَ جي خبر ايئن
پوندي آهي، جو جي ٻچو نر هوندو ته کنڀ نڪرڻ شروع ئي مس ٿيندا، جو کيڙو ڪندو.
باقي مور جو ٻچو جهلڻ ڏکيو آهي، جي ٿورو وڏو هوندو ته وڻ تي چڙهي ويندو،
ڀلي پيو شڪاري ڊوڙي. جهلڻ ڪو نه ڏيندو، جي ڀلا جهلي به ويو ته ايڏي مور جي ٻچي جي دل
ڦاٽي پوندي. جي صفا ننڍڙو هوندو ته هڪڙو ته هٿ سان جهلي وٺبو. ڊوڙندڙ ٻچي کي گهڻو ڪري
هٿ سان جهلي وٺندا آهن. جي ڀلا ڍري ويا ٻچا ڪنهن وڻ ۾ ته هڪڙي پاسي رڇ هڻي ٻئي پاسي
کان هوڙ ڪندا، ٻچا سڀ رڇ ۾ ڦاسي پوندا. پوءِ شڪاري انهن ٻچن کي نر مادي جي جوڙي ڪري
وڪرو ڪندا. هن جي چوس ئي اها آهي.
انهن اونڌن ڪمن جي روڪ روڪان ڪري ته ڪري سگهجي ٿي، پر جي جهنگلي جيوت
وارو کاتو چاهي. پر اهي ويچارا ته هرڻن ۽ روجهن جو شڪار نٿا روڪرائي سگهن. سو وري بيضن
جي چوري ۽ مورن جي ٻچن جي وڪري تي ڪهڙو تحرڪ وٺندا! اها ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. سو
جهنگلي جيوت کاتي وارن کان وڌيڪ جهنگ جي ننگ جي حفاظت ڳوٺاڻن کي ڪرڻ کپي. جي ڳوٺ ڌڻي
مڙس ٿي بيهي ته ڪنهن پکيءَ جي آکيري جو ڪک بـه ڪيڏانهن نه ويندو.
No comments:
Post a Comment