شڪاري
ڀيل
ڀٽائيءَ
جي بيتن تي نڪاح پڙهائيندڙ لادين قبيلو
نواز
ڪنڀر
سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ ڪيترا ئي اهڙا قبيلا ۽ ذاتيون رهن
ٿيون، جيڪي پنهنجي اُٿڻي ويهڻي، عادتن، مزاج يا ڪرت وغيره جي حوالي سان منفرد هجڻ جي
ڪري مشهور آهن. اهڙن ئي قبيلن مان هڪ قبيلو/ ذات تعلقي کپري ۾، اڇڙي ٿر جي ڪنڌيءَ تي
به آباد آهي، جيڪو ڪيترن ئي حوالن کان منفرد آهي. پنهنجو پاڻ کي ’شڪاري ڀيل‘ سڏائيندڙ
هن قبيلي کي هندن جي اڪثريت وڏو گوشت کائڻ، ماساتن، ڦڦاٽن، ماروٽن وغيره سان شادي ڪرڻ
۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهين سبب هندو نه ٿي سمجهي. هن قبيلي جا ڪي ڪي ماڻهو رمضان ۾، ڪڏهن
ڪڏهن روزو به رکن ٿا. محرم جي ڏهي ۾ شادي ۽ خوشي وغيره ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. مردو دفنائين،
هندن وانگر شاديءَ ۾ چونئري ڪرڻ بجاءِ، مسلمانن کان نڪاح پڙهائين ٿا. دلچسپ ڳالهه اها
آهي ته، مسلمان مولوي، هنن جي نڪاح ۾ رڳو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جا بيت
پڙهي، دعا گهريو ڇڏين. هي ڪوشش ڪري مسلمانن کان ذبح ڪرائين، نالا زالين مڙسين، مسلمانن
وارا رکن پر واضح طرح ڪنهن به مذهب ۽ فرقي کان پري رهن. ناري جي پرين ڪنڌيءَ رهندڙ
هي ماڻهو، پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي اڪثريت واري علائقي ۾، انهن جي صحبت يا اثر
هيٺ رهڻ سبب، گهرن ۾ پير صاحب جا فوٽو ضرور لڳائين ٿا.
هونئن ته شڪاري به هڪ الڳ ذات آهي ۽ ڀيل به. پر ’شڪاري
ڀيل‘ سڏائيندڙ ذات، هن ئي پٽيءَ ۾ آباد آهي. بقول هنن جي ته سندن ٻي ڪٿي به ڪا مٽي
مائٽي ناهي پر بدين، غلام نبي شاهه ۽ عمرڪوٽ واري پاسي به هنن جا ڪيترا ئي ڳوٺ ٻڌڻ
۾ اچن ٿا. بدين واري پاسي هنن جون رسمون ڪجهه مختلف قسمن جون آهن. مزي جي ڳالهه ته
ماڙيچن ۽ مارواڙين ۾ ورهايل ڀيل، هنن کي ڀيل ته ڇا بلڪ ڪنهن حد تائين هندو به نه سمجهڻ
جي باوجود هنن کي خرچ تي سَڱ به ڏين ٿا پر هي شڪاري ڀيل، پنهنجو سڱ نه ڀيلن کي ڏين
نه ئي شڪارين کي. ڀيلن وٽ هنن کي سڱ ڏيڻ جو جواز رڳو هي آهي ته، پوءِ به پاڻ کي ڀيل
ته سڏائين ٿا، آهن ته وري به ڀيل واڙي ۾ شامل نه! جڏهن ته ڪجهه ڀيلن جي راءِ آهي ته،
هنن کي ڀيلن مان سڱ پئسي ڏوڪڙ سبب ملي ٿو، نه ته هنن جي اصليت کان سڀڪو واقف آهي. جڏهن
انهن کان پڇجي ٿو ته، توهان هنن کي وڏو گوشت کائڻ، شادي ۾ چونئري نه ڪرڻ جهڙن ڪيترن
ئي سببن جي ڪري پورو هندو به نٿا سمجهو، پوءِ به سڱ ڏيو ٿا ته، ڏيندڙ ڇوڪريءَ مٿان
ڇا گذرندي هوندي؟ انهن جو هنن وٽ بس هڪڙو ئي جواب آهي ته، اها ڇوڪريءَ جي قسمت، جيڪو
هن جو نصيب!
هي شڪاري ڀيل پنهنجي اصليت بابت پڇڻ تي ٻڌائين ٿا ته،
اسان جا وڏا دودي سومري واري وقت، بادشاهه کي شڪار ڪرائيندا هئا. دودي سومري واري جنگ
۾ هنن کي به وڙهڻو پيو، ڇو جو هي به هن ئي بادشاهه جي راڄ جا ماڻهو هئا. جنگ وقت سڀني قبيلن جي جنگ ۾ شرڪت باوجود، جڏهن بادشاهه
کي اڃا به وڌيڪ ماڻهن جي ضرورت پئي، ته شڪارين کان به پڇيو ويو ته. هو به وڙهندا؟ هنن
به ها ڪئي. هنن جا ڪيترا ئي ماڻهو جنگ ۾ مارجي ويا. هنن جي بقول ته، جڏهن دودي سومري
جي جنگ ۾، هڪ بادشاهه جو، ڀاءُ مارجي ويو، ۽ ڪيترن ماڻهن جي سامهون ان جي مئل ڀاءُ
کي لت/ ٿڏو هنيو ويو ته، ڀاءُ کي اها ڳالهه ڏُکي لڳي ۽ هنن پنهنجي ئي لشڪر جي ان ماڻهوءَ
خلاف تلوار هٿ ۾ کنئي ته، اها ماجرا هنن شڪاري ڀيلن کي سمجهه ۾ نه آئي!! هنن پاڻ ۾
صلاح ڪئي ته، هاڻ ته ٻنهي پاسن کان ٿا مارجون، باقي بچيا به وڃي ڪي چند ماڻهو آهيون،
سڄو قبيلو مارجي چڪو آهي، ڀڄو ته ڀڄي ٻج بچايون. ائين هي پنهنجي نسل بچائڻ لاءِ جنهن
کي ’ٻج بچائڻ‘ چون ٿا، وٺي ڀڳا ۽ موجودھ انڊيا پاڪستان جي بارڊر واري علائقي ۾ اچي
آباد ٿيا. انڊيا واري پاسي هي’هوڏو‘ ۽ ’موهار‘ تڙن جا نالا ٻڌائين ٿا، جڏهن ته پاڪستان
واري پاسي کينهرو، سيجوئي، جهلوئي، ويراهي، کُوهي، ڪاربائو، ڏيسائون تڙن ۾ اچي آباد
ٿيا. جتي هنن جي بقول ته سندن گذارو مال تي هو. پوءِ آهستي آهستي هي انهن تڙن مان لڏيندا
کنڀري، کرهڙيون (ڀٽ جو نالو) جوراڙو، مئو، سامنو ۽ ڀوٻي ٻيلي وارن علائقن ۾ اچي آباد
ٿيا. اهي ڳوٺ هڪٻئي جي ويجهو، کپري تعلقي جي يو سي کنڀرو ۾ آهن. کرهڙيون ڀٽ، لڳ سرن
واري، ٿڌو مشين تي آباد هنن شڪاري ڀيلن بابت مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته، هي شڪاري ڀيل،
1952ع ۾ حرن جي لوڙهن کڄڻ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي آباد هئا. کرهڙيون ۾ آباد هي ماڻهو
اڳ ۾ اڇڙي ٿر ۾ واڻين جي ’کوهي تڙ‘ ۾ آباد هئا. هي قبيلو ڪجهه سال اڳ تائين ’مئل‘ جانور
کان علاوه سيڙهه به کائيندا هئا، ته گلويون به، پر مسلمان نه هجڻ باوجود هنن وٽ سيڙهه
۽ گلوين بابت تصور مڪروهه جو آهي، حرام جو نه. گلوين جي ڳالهه نڪرڻ تي جڏهن عاربو
(عارب) کان ’مائي اوڍياڻي شڪارڻ‘ پاران، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جن جي دعوت تي
گلويون رڌڻ واري ڳالهه بابت پڇان ٿو ته هو چوي ٿو ته ها، اسان اها ڳالهه ٻڌي آهي پر
جي تو وٽ اها ڳالهه آهي ته پهرين تون ٻڌاءِ. هو به لڳ ڀڳ اها ئي ڳالهه ٻڌائي ٿو، جيڪا
تر ۾ جتي ڪٿي مشهور آهي.
هن ماڻهن جي هڪ خاص ڳالهه اها به آهي، ته هي وڏڙن کان
وٺي ڇڄ، گاگڙا (وائر ڪرڻ وارا وڏا ڇڄ) پيرون چونڊڻ لاءِ ڇڄ وارن ڪانن مان مُوتڪ يا
ٽُٻڪا، فراسيون، ٻورا، اٺن تي سامان کڻڻ وارا ٽَپرَ، (ٻورن جو هڪ قسم) اٺ جي پاکڙي
کي پيٽ سان ٻڌڻ وارا تنگ به ٺاهين. جيڪي تمام گهڻا خوبصورت، ڏسڻ جهڙا ۽ سوکڙي ڏيڻ جهڙا
هوندا آهن. هنن جي ٺاهيل ڇڄن جي خاص نشاني، ڇڄ جي ڪانن جو کَل سان ٻڌل/ ٺاهيل هجڻ هجي
ٿي. هي ڇڄ کي اڄ به کَل سان ٺاهين ٿا. ڌاڳي يا سُٽ سان نه. انهن جون ڏاس/ اُن مان ٺاهيل
فراسيون تمام گهڻيون مضبوط هجن ٿيون. هي فخريه ٻڌائين ٿا ته اڳي سندن ڪاريگر ڇڄ ۽ فراسين
۾ مختلف پکين، جانورن، ويندي ماڻهن جون ڊزائينون به ٺاهيندا هئا پر هاڻ اهي ڪاريگر
نه رهيا آهن. اڄڪلهه هي هارپي ۽ مزدوري ڪرڻ سان گڏ ڪجهه ٻني جي ٽڪرن جا مالڪ به آهن.
چوپايو مال به اٿن، ته ڪجهه ٻين ڪرتن، مثال، ڊرائيوري وغيره ۾ به اچي چڪا آهن. ٻه سال
کن اڳ هنن شڪاري ڀيلن جا سوَ کان مٿي ماڻهو، ڪاماري شريف جي بزرگن جي هٿ تي اسلام قبول
ڪري مسلمان ٿيا. اهي مسلمان ٿيل ماڻهو به هتي ڀرسان ئي پنهنجو الڳ ڳوٺ ٺاهي آباد آهن
۽ شيخ سڏائين ٿا. هنن جون پاڻ ۾ اڳوڻيون مٽيون مائٽيون اڄ به قائم آهن. هي هڪٻئي وٽ
اچن وڃن پر ٿانو الڳ ٿي چڪا اٿن. هنن ۾ ڪنهن وڏي عمر جي ماڻهوءَ جو حياتي نه هجڻ ۽
پنهنجي ماضيءَ تي، نئين ماڻهوءَ اڳيان پردو وجهڻ سبب، هي فوري طور کُلڻ کان ڏکيا آهن.
شاديءَ ۾ هنن جون سڀ رسمون سماٽن واريون ئي
هونديون آهن.
هنن جي ڪنواري ڇوڪريءَ جي سڃاڻپ قميص شلوار ۽ شادي
شده جي نٿ پڙو، ٻانهن ۾ هيٺ ۽ مٿي چانديءَ جون چوڙيون هجن ٿيون. بيواهه جي نشانيءَ
۾ نٿ ۽ مٿين چوڙين جو لهڻ آهي. هي نه تلڪ لڳائين نه سينڌور. جڏهن ته مرد به مرتئي تي
مٿو ڪو نه ڪوڙائين. رڳو وقت ۽ حالتون ڏسي ڪاڄ ڪن. موت تي هي تڏو به ڪن ته عام هندن
وانگر، هٿ سان افسوس جو اظهار به ڪن.
شڪارين کان ڀيل ۽ ڀيلن کان شيخن تائين جو سفر ۽ پوءِ
پير صاحب جي مريدن وانگر سنڌي ٽوپي بجاءِ، اڇي ٽوپي پائڻ تائين جو سفر ڪندڙ هي قبيلو،
هميشه وقت ۽ حالتن کان ٺاهه ڪري هلڻ واري راهه تي هلندي نظر اچي ٿو. هي قبيلو سماجيات
۽ انسانيات/ اينٿروپالاجي جي شاگردن لاءِ ڏاڍي دلچسپي جا باعث ٿي سگهي ٿو. هنن تي تفصيلي
ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڀيل: هڪ قديم قبيلو
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي/سيوهڻ
۱۲ جولاءِ ۲۰۱۳ع واري ڪاوش ۾، نواز ڪنڀر جو ڀيلن
متعلق شايع ٿيل مضمون پڙهي، مفيد معلومات حاصل ٿي. ان قبيلي جي حوالي سان مان پڻ ڪجهه
ڳالهيون عرض رکان ٿو.
ڀيل اصل ۾ مارواڙ جو هڪ قديم دراوڙي هندو قبيلو آهي،
جن کي ”پار ڌمي“ به (سارنا مذهب) چون ٿا. هي ٻن وڏن حصن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا ”ڀيل“
۽ ٻيا ”ميگهواڙ“. اسان هتي ”ڀيل“ قبيلي جو ذڪر ڪريون ٿا.
تاريخي حوالن موجب، ڀيل لفظ دراوڙي لفظ (Bow) ”جُهڪڻ“
تان ورتل آهي. ڪن جي راءِ مطابق، يوناني لفظ (Beel) ۽ ڪن
جي خيال مطابق، (Bil-vil) تان ورتل آهي، جنهن جي مراد (Bow) ئي آهي.
هن وقت ڀيل قبيلي جي آدمشماري اٽڪل ۵ لکن کان مٿي آهي. هي هندستان جي گجرات، مڌيا پرديش،
چتيس ڳڙهه، مهاراشٽرا، تريپور، راجستان، ٿرپارڪر، بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه
ضلعن ۾ رهائش پذير آهن.
ڀيل، اصل ۾ راجپوتن جا شڪاري ۽ جنگجو هئا. مها راڻا
پرتاب سنگهه ڀيل ۽ چتر پتي شيوا جي ڀيل گوريلا جنگ جا ماهر هئا، جن مغلن سان چوٽون
کاڌيون. هن وقت هندستان جي فوج ۾ هڪ ڪور جو نالو ”ميواڙ ڀيل ڪور“ آهي.
بک، بدحالي ۽ اندروني خلفشار سبب ڪجهه صديون اڳ ڀيلن
جا ڪجهه ڪيڙ مارواڙ ڇڏي، گجرات ۽ ڪَڇ کان ٿيندا، اچي ٿر واري علائقي ۾ رهڻ لڳا. سندن
مکيه ڪِرت مال چارڻ ۽ پوک ڪرڻ هو. هن وقت اهي سرڪاري نوڪرين ۽ واپاري ڪمن ۾ به رُڌل
آهن. هندو ڀيل ديوي ۽ واگهديو جا پوڄاري آهن. پنهنجن مان شاديون ڪن ٿا، مري ويلن کي
قبرون کوٽي پورين ٿا. سنسڪرت سان گڏ ميرٺي، گجراتي، مارواڙي، هندي، ڀيلڪي، سنڌي ۽ مقامي
ٻوليون ڳالهائين ٿا. گهومر ناچ، گواڙي ناچ، پواڙي ناچ ۽ سنڌي ناچ سندن مکيه خوشيءَ
جو اظهار آهن. ڀيلن ۱۸۵۷ع ۾ انگريزن جي حمايت ڪئي هئي. سندن طاقت کي ڏسندي پوچيا، پارڌي،
ٻاليشاهي، ٽوڙي، جاکٽيا، چوهڙي، شڪاري، ڏاگهوري، ڍيڍاتا، گرگلا وغيره ذاتين جي ڪجهه
ڪيڙن، ڀيلن ۾ شموليت اختيار ڪئي.
ڀيلن ۾ هڪ وڏي تعداد ٻن ڀائرن لائکا ۽ تائکا ڀيل جي
سربراهيءَ ۾ اجمير شريف ۾ مسلمان ٿيا. انهن مسلمان ٿيلن جي اولاد کي ”ڀيلزاده“ چون
ٿا. انهن ٻنهي ڀائرن حضرت خواجه معين الدين چشتيءَ جي خدمت ۽ خادمي حاصل ڪئي ۽ پاڻ
کي ”خادم مسلمان ڀيل“ ۽ مسلمان ”ڀيلزاده“ سڏايائون. ڪن وري ”لائکا ۽ تائکا“ مسلمان
ڀيلزاده سڏائڻ ۾ پاڻ کي چڱو سمجهيو. هنن ڪيڙن وارا هندستان ۾ رهن ٿا. اهڙيءَ طرح سان
ڀيلن جي ٻين ڪيڙن مان پڻ ڪجهه مسلمان ٿيا آهن، ليڪن پاڻ کي ڀيل ئي سڏائين ٿا.
ڀيلن جا اٽڪل ۵۰ پاڙا آهن، جن مان ڪجهه هن طرح آهن:
بدوا، بردا اهير، آهيري، بائوريا، پلالا، بري، اديواسي، پواڙي، ڌتڪي، ڊانگ، ڊنگري،
ڍوڍيا، چوڌري، شڪاري، سانسي، شباري، ڪوٽوال، گارا، گراسيا، شيخ، گوها، ليگا، ليکا،
تيڪا، لانگوٽيا، وساوا، برهنا، سوراڻي، جاداڻي، ڪوڪانا، گامٽ ۽ گاوٿ وغيره.
ڀِيل قبيلي بابت دُرستگي
فاروق بجاراڻي/تنگواڻي (ڪنڌڪوٽ)
۵ آگسٽ
۲۰۱۳ع جي هائيڊ پارڪ ۾ ڀيل قبيلي بابت سيوهڻ جي خير محمد
ٻرڙو سيوهاڻي جو خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ ليکڪ راڻا پرتاب سنگهه ۽ چترپتي شيواجي کي ڀِيل
قبيلي جا فرد ڪري لکيو آهي پر اها ڳالهه صحيح ناهي. دراصل راجپوتانا (موجوده راجستان)
جي علائقي ميواڙ جي مشهور راجپوت راجا پرتاب سنگهه جو تعلق راجپوت قبيلي سان هو، جنهن
۱۵۷۶ ۾ مغل شهنشاهه اڪبر سان ٽڪر کاڌو ۽ مغل فوج هٿان شڪست
کائي پهاڙين ۾ روپوش ٿي، گوريلا ويڙهه ڪندو رهيو ۽ ۱۵۹۷ ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته مشهور مرهٽا سردار چتر پتي شيواجي جو تعلق پونا
جي مرهٽا قوم جي هڪ قبيلي ”ڀونسلي“ سان هو، جنهن مرهٽن کي متحد ڪري مغل شهنشاهه اورنگزيب
عالمگير سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ۱۶۷۴
۾ پونا ۾ مرهٽا سلطنت جو بنياد رکيو، سو راڻا پرتاب سنگهه ۽ چترپتي شيواجي جي لشڪر
۾ ته ڀيل قبيلي جا سپاهي ضرور هئا، پر اهي پاڻ ڀيل قبيلي جا نه هئا.
No comments:
Post a Comment