ھرڻ جو شڪار ۽ شونق
خالد ڪنڀار
واريءَ وارن دڙن ۾، هڪڙي شڪاريءَ لئه، هرڻ جو پير سڃاڻڻ،
ايترو اولو به ڪونهي. جيڪڏهن هو شڪاري آهي ته هزار رڍ ۽ هزار ٻڪريءَ جي پيرن مان، هرڻ
جو پير ڪڍي ڏيندو؛ هي آهي هرڻ جو پير! جيڪڏهن ڪنهن شڪاري ڪو هرڻ اڳئين ڏينهن ڊوڙايو
هجي ۽ انهيءَ هرڻ ڪنهن به هيلي بهاني سان وجهه نه ڏنو هجي ۽ ڀڄي ويو هجي. ٻئي ڏينهن
انهي ئي هرڻ جو پير جيڪڏهن ڪو شڪاري پنجاھ هرڻن جي پير سان ڏسندو ته به ڌڪ سان سڃاڻي
وٺندو ته جيڪو هرڻ ڪالهه مون ڀڄايو هو، انهيءَ جو پير هيءُ آهي. جيڪڏهن شڪاريءَ ھرڻ
ڊوڙايو ته ڊوڙندڙ هرڻ جو پير، اگر هن پنج مهينن کانپوءِ ڏٺو ته به سڃاڻي ويندو. هڪڙي
هرڻ ۽ ٻئي هرڻ جي پير ۾ به اهو وار جيترو فرق هوندو آهي، جيئن هر جانور جي پير ۾ فرق
هوندو آهي. گهڻا شڪاري واريءَ تي هرڻ جو پير ڏسي اهو به ٻڌائي ڏيندا ته؛ اهو پير ڪيترو
پراڻو آهي. هرڻي جو پير هونئن به رڍ ٻڪري جي پير جهڙو ئي هوندو آهي. بس ٿورو فرق هوندو
آهي، جيڪو هر ڪو لکي به ڪو نه سگهندو. اڳيان ٿورڙيون چنهبڙيون هونديون. اهو صرف ۽ صرف
شڪاري ئي سڃاڻي سگهي ٿو. وڏي اسر جو اٿي، هرڻ جا پير اُهاڙيندڙ شڪاري، هرڻ جي پيرن
جي اُهاڙڻ واري خفت ۾ پيا ويندا آهن. هنن جو سمورو خيال هرڻ جي پير واري نشان تي هوندو
آهي. انهيءَ وچ ۾ هنن کي لٿي اڀرئي جي ڪا سڌ ئي ڪو نه هوندي آهي. بس مُنهن انڌاري
۾، ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي. ڪا وسندي ته قسمت سان نصيب ۾ هوندي ته هوندي.
رات ٽڪڻ لئه نه ته سيڌو، سامان ۽ سانداري پاڻيءَ جي ڪلهن تي. اهي هرڻن جا پير اهاڙڻ
ڪوهن جا ڪوھ پنڌ، هرڻ جا پير اهاڙڻ لئه چاڙهيڪو ڏبو آهي. چاڙهيڪو ايئن هوندو آهي جو
هڪڙي ڀٽ تان چڙهندي، سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکڻو آهي. جيئن هن ڀٽ تان چڙهبو وڃبو، سامهين
ڀٽ کي نظر ۾ رکبو وڃي ٽو نڪ تي چڙهبو. ايستائين ٻنهي ڀٽن ۽ ڏهرن کي هڪڙي ڀٽ چڙهڻ سان
اک مان ڪڍي وڃبو. هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ لئه، گهٽ ۾ گهٽ، نه تڏهن به ٻه ڄڻا لازمي
آهن. هڪڙو سامان کڻندو، ٻيو اهاڙ ڏيندو ويندو، جنهن کي بندوق وارو چئبو آهي. سامان
پاڻي کڻڻ وارو به پڪو پيري هجڻ کپي. اهو به پير اهاڙيندو ويندو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو
آهي جو سامان يعني پاڻيءَ وارو پوئتي رهجي ويندو ۽ بندوق وارو اڳتي نڪري ويندو آهي.
بس اهڙي آهي هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ جي چوس جو ساٿي ئي ٽٽيو وڃي ته به چوس ۾ پيو وڃبو.
بندوق وارو اشارو ڪندو ويهي رهه ته ويهي رهندو. جي چوندو هل ته هلندو. بس شڪارين جي
سموري ڳالهه ٻولهه اشارن ۾ ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پير تي ٻه ڄڻا هوندا آهن. هڪڙي پڪي
عمر جي شڪاري چيو؛ بس انهي شوق کي ڪيئن ٻڌايان ته شڪار جي شوق ۾ آهي ڇا؟
ياري، چوري ۽ شڪاري اهڙا شوق آهن،
جن تخت جي ڌڻين کان وٺي، ٻاون وير ڏاهن جي عقل کي، تاڪ ڏياري ڇڏيا آهن. سمجهه ته؛ ڪل
ئي ٿڙي ٿي وڃي. سؤ حيلا بهانا ڪري، پنهنجا پورا وس لڳايو، هٿين پيرين سوگهو ڪري ڇڏيو،
پر زور-ويڇي ملي نه آهي ته چور چوري ڪندو، شڪاري شڪار ڪندو ۽ يار وڃي محبوب جو ملڪ
جهليندو آهي. ڇا انهي جي ڪا خبر ڪونهي. بس انهي ئي خفت ۾ شڪارين کي رات جو خواب ۾ به
هرڻن جا پير کڻندي ڏسندين. هنن کي رات جو خواب ۾ به هرڻيون نظر اينديون آهن.
شڪاري جي نشاني جي ڪري ناموس، ذات شڪاري تائين هوندي
آهي. بس نالو کڻ ته شڪاري انهي جي ڪاريگري ۽ ڪمال جا ڪارناما ٻڌائڻ شروع ڪندو. حليم
پلي ڊيٻي واري ته چوڏهن سؤ ايڪڙ ٻنيءَ جا بندوق جي نال مان ڪڍي ڇڏيا. هن ته پنهنجي
زال جي بولي مان گولي مٽائي هئي. اميد علي لاشاري به پنهنجي دور جو وڏو شڪاري هو. اميد
علي لاشاري ۽ ممتاز ڀٽي جو ياراڻو به شڪار جي ڪري هو. حاجي محسن پنهور، جنهن دوربيني
واري بندوق سان ست هرڻ ماريا ۽ ستن ئي هرڻن
جي ٽنگ ۾ ڌڪ هيو هئائين. چيائين؛ مٿي ڌڪ هڻندس ته گوشت خراب ٿي ويندو. جلال ڇڇر به
پنهنجي وقت جو وڏو شڪاري هو. باقي ڇٽي آريسر ۽ سوڀاري آريسر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اهي
ته وڏا شڪاري هئا. انهن جهڙو ٿيو نڪو ٿيندو. سوڀارو، عربن کي شڪار ڪرائيندو هو. هو
پهرين چوندو هو؛ وڃي سير وجهو! پوءِ سير وجهڻ وارو روانو ٿيندو هو. هي پٺيان ڌڪ هڻندو
هو. هوڏانهن سير وجهڻ وارو پهچندو هو ۽ سوڀاري جي بندوق مان ڪارتوس نڪرندو هو، جيڪو
هرڻ کي ڪيرائيندو هو. هن کي پنهنجي نشاني تي ايترو بانور هو جو ڊانس ڪندو ڪندو ڌڪ هڻندو
هو.
هڪڙي هرڻن جي شڪاريءَ جي استاد، ٻلي
آهي. جي لِڪَ سکڻي اٿئي ته ٻلي کان سک. ڀلا ٻلي کي ڪڏهن ڪوئي جو شڪار ڪندي ڏٺو اٿئي؟ جي ڪوئو ڊوڙندو ته ٻلي
به ڊوڙندي، جي ڪوئو بيهندو ته ٻلي به بيهي رهندي. پوءِ جيئن ئي ڪوئو ٻليءَ جي جهٽ
۾ ايندو ته هوءَ جهٽ هڻندي دير ئي ڪو نه ڪندي. ايئن ئي آهي ڊوڙندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ.
جي هرڻ ڊوڙندي ته شڪاري به ٻلي وانگر ڊوڙندو. جي هرڻ بيهي رهي ته شڪاري به بيهي رهندو.
وري هرڻ ڊوڙندي ته شڪاري به ڊوڙندو. جيئن ڌڪ ۾ ايندي ته جهٽ ڪري وٺبو. جي آهي نشاني
جو چٽو ته نوڙئي ڪاتوس جا ڇرا وڃي هرڻ جا ڦڦڙ جهليندا ۽ ڪاتي مس رسندي. اهو آهي ڊوڙندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ.
ٻيو وري چرندي هرڻ
جو شڪار ڪرڻ. اوهين ڏسو ٿا، اوهان
کان گهڻو پر-ڀرو هرڻ ڪنڌ هيٺ ڪري چري پيو ۽ اوهان تي اک ڪو نه پئي آهيس. پوءِ ته ايئن
ڪندا جو بندوق جي نال ۾ سڻ يا ٻوھ ڏئي پاڻُ لڪائيندا، ٺونٺين ۽ پيٽ-ڀر گسڪندا گسڪندا
ويندا. جي بندوق ۾ آهي پلاسٽڪ جي ڪور وارو ڪارتوس ته پنجاھ وکن تي ۽ جي گتي جي ڪور
وارو ڪارتوس ته ستر وکن تي. هاڻ ته گتي وارو ڪارتوس اچي ئي ڪو نه ٿو پر ايتري پنڌ تي
بندوق مار ڪندي ۽ رڳو گهوڙو دٻائبو ته هرڻ پٽ تي.
هرڻ جي شڪار جو ٽيون طريقو
اهو آهي جو اوهان هرڻ ڏٺي ئي ڪونهي.
پير پيا اهاڙيندا وڃو پر پير اهاڙيندي اهاڙيندي جي آهيو شڪاري ته پير ڏسي، اوهان کي
خبر پئجي ويندي ته؛ هن ٻوڙي ۾ هرڻ آهي. وڏن شڪارين کي ته ويهه پنجويهه وکن تان خبر
پئجي ويندي ته هن ٻوڙي يا ٻُٿَ ۾ هرڻ آهي. پوءِ کڙڪو ته پرتي رهيو، ساھ کڻڻ به وساري
ڇڏڻو آهي ۽ ٺا وڃي ويٺل هرڻ کي بندوق هڻجي. پر شڪارين جو اصول چوي ٿو ته؛ هرڻ ويٺل کي بندوق نه هڻجي. پر ڊوڙائي بندوق هڻجي. جي آهي شڪاري ته اهو هرڻ جو شڪار ڏينهن جو ڪندو
۽ اهي طريقا ڏينهن جي شڪار جا آهن. باقي جي شڪاري ئي ناهي، مڙئي هلڪو ڦلڪو شڪاري ۽
وڏو سرياند آهي ته پوءِ رات جو شڪار ڪندو. انهي کي شڪاري ته چور-شڪاري چوندا آهن. هرڻ، رات سڄي چرندو آهي ۽ ڏينهن جو ويٺل هوندو آهي.
هي وري ڊسڪو شڪاري
ڇا ڪندا آهن جو رات جو گاڏي
جي آواز ۽ سرچ لائيٽن تي، شڪار ڪندا آهن. هرڻ وري اهڙو ته ڊڄڻو آهي جو گاڏي جي آواز
۽ سرچ لائيٽن تي هو وک به ڊوڙي ڪو نه سگهندو ۽ ڊپ ۾ هن جون ٽنگون پيون رڦنديون. پوءِ
ته هڪڙي ڌڪ ۾ ٽي ٽي چار چار هرڻ، پٽ تي. هڪڙي ڌڪ ۾، ڪم ٿيو وڃي. پر اهي شڪاري ته ڪو
نه چئبا.
شڪاري چوندا آهن ته؛ هرڻ جو شڪار ايترو سولو ڪونهي؛
ڪلو رت چوساڙي، پاٰءُ گوشت جو ملي ٿو. انهيءَ جو رات وارو ٻيو طريقو وري اهو آهي جو چار
پنج ڪلو واري ٽامي جي لوٽي ۾، پندرنهن ويهه بلور وجهي، اهي گهمائبا ۽ سرچ لائيٽ هڻبي
ته هرڻ جتي هوندا اتي بيٺا رڦندا. پوءِ کپي جيترا مار. گهڻا خفتي ته وري ايئن ڪندا
آهن جو هڪڙو اها لوٽي پيو گهمائيندو ۽ ٻه ڄڻا، ايئن ڪندا جو آهستي آهستي وڃي هرڻ جي
پوين ٻنهي ٽنگن مان جهليندا، هرڻ ڌو پٽ تي، اهو به انڌاري راتين ۾.
چور-شڪاري اهو طريقو به استعمال ڪندا آهن. ڏينهن جا
شڪاري وڌ ۾ وڌ هڪڙي ڌڪ ۾ ٻه هرڻ
ڪيرائي سگهن ٿا ۽ هڪڙي ڏينهن ۾ وڏي ۾ وڏو شڪاري به وڌ ۾ وڌ چار هرڻ ماري سگهي ٿو. باقي
چور-شڪارين جي ڳالهه نٿا ڪريون. هرڻ کي پيٽ ۾ نوڙئي ڪارتوس جا ڪيترا به ڇرا لڳن پر
نڪرندو ڪو نه .ڀلي آنڊا اوجهريون نڪري وڃن. ٻٽ ڀڄي ويندي، جيستائين انهي کي ڦڦڙ، ڪرنگهي،
ٽنگ يا دماغ ۾ ڌڪ نٿو لڳي. باقي جي هرڻ کي هڪڙو ڇرو به لڳو ۽ هن رات جو تارن ۾ ڏٺو
ته هن جو ساھ نڪري ويندو. وڃي پساھ پورا ٿيندس. هرڻ جو بندوق جي ٺڪاءَ سان ساھ دماغ
تي چڙهي ويندو آهي. هنن جو چوڻ آهي؛ جي هرڻ کي ڌڪ لڳي ويو ۽ اها گهڻي ويڇي تي آهي پر
جيڪڏهن شڪاري ڪنهن سان به نه ڳالهائي ۽ سڌي وڃي بسم الله ڪري سير وجهي ته اهو هرڻ حلال
آهي.
هرڻ جي شڪارين جو اهو به چوڻ آهي ته؛ هرڻ کي ماڻهوءَ
جي خوشبوءِ ايندي آهي ۽ ماڻهوءَ جي خوشبوءِ ايندي ئي، هرڻ اتي ڇڪون ڏيڻ شروع ڪندو،
ڦونگار پئي پوندي. شڪاري انهيءَ خيال جا به آهن ته؛ هرڻ کي بندوق جي خوشبوءَ به ايندي
آهي. انهيءَ ڪري هو ڪڏهن به هوا کي پٺيرا شڪار تي ناهن ويندا. جي واءُ ڪاڇي هوندو
ته شڪاري واءِ کي سامهون ڏکڻ ويندا ۽ جي واهوندي هوندي ته هي شڪار تي الهندي ويندا. جي اگتيو واءِ هوندو
ته اڀرندي شڪار تي ويندا. جيڪا هوندا هوندي، انهيءَ کي سامهون شڪار تي ويندا. اهو شڪار جو اصول آهي.
شڪار جو ٻيو اصول اهو آهي ته؛ هو صبوح جو الهندي ۽ شام جو اڀرندي شڪار تي ويندا. هوا کي
سامهون ويندڙ شڪاري، سج کي سامهون شڪار تي نه ويندا. ڇو جو جيڪڏهن سج سامهون هوندو
ته هنن جي نگاھ پري پري تائين نه ويندي ۽ يقينًا هرڻ ته سج کي پٺيري هوندي، انهيءَ
ڪري هيءُ ته هرڻ کي ڪو نه ڏسي سگهندا پر هرڻ هنن کان پهرين هنن کي ڏسي وٺندي. هونئن
شڪار جي موسم، سيارو آهي پر هتي ته ٻارنهن ئي مهينا شڪار ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري جو سياري جو ڏينهن
ٿڌو ٿئي ٿو. انهيءَ ۾ پير کڻڻ ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي ۽ گوشت کائڻ جو به سياري جو پنهنجو مزو آهي. هرڻ جي آهي ئي سيخ، اتي ئي ماريو اتي ئي ڪٺو، اتي ئي سيخون ٺاهي، اتي
ئي کاڌيون. پوءِ آهي مزو. شڪاري رڳو شڪار واري چوس پوري ڪندو آهي، باقي کائيندي دنيا
آهي. شڪاري ڪڏهن به سوئا هرڻ کي ڌڪ نه هڻندو. جي هن سڃاڻي ورتو ته ۽ نه وري ڌڪي هرڻ
کي ڌڪ هڻندو. اهو شڪار جو اصول آهي. بس هڪ نالي جو ڪارتوس هڪڙو هوندو آهي، دو نالي
۾ ٻه ڪارتوس پون ٿا. هڪڙو گٿو ته ٺا وري ٻيو.
هرڻ، رات جو چرندو آهي ۽ ڏينهن جو وڃي ويهي رهندو آهي.
هو هڪڙي هڪڙي رات ۾ ڏھ ڏھ ميل پنڌ ڪندو آهي. سانوڻيءَ جي مهيني ۾ هن جو ٿاڪ هڪڙو هوندو
آهي. چرڻ لئه ڀلي ڏھ جا پندرنهن ڪوھ پرتي وڃي پر رات سڄي چري چري وري اچي انهيءَ ٿاڪ
تي ويهندو آهي. اتي ڪنهن ٻوڙي ۾ کڏ هڻي ويهندو آهي. ڇو جو سانوڻيءَ جي مهيني ۾ هن کي
مک تنگ ڪندي آهي. اها کڏ هو گهاٽي ٻوڙي ۾ هڻي ويهندو آهي. ٻڪري ٽيهه وڻ کائي ٿي پر
هي انهيءَ کان ٻه وڻ مٿي ٻٽيهوڻ کائي ٿو. هرڻ جي اوجهري، کاري زهر آهي. انهيءَ ڪري جو هي سال جا ٻارنهن مهينا سواءِ برساتي پاڻي جي ٻيو ناهي
پيئندو. اهو به گاھ تي ڪريل پاڻي ۽ اڪ جي پنن تي پيل پاڻي، ڪٿي ڪٿي ننڍن ننڍن ڇلرن
کي زبان سان چٽيندو آهي پر وڏي پاڻيءَ کي ويجهو ئي ڪو نه وڃي. اهي هرڻ جيڪي گهر ۾ پالين
ٿا اهي آهستي آهستي انهن کي پاڻي پيارڻ سيکاري ڇڏين ٿا پر اهو هرڻ جيڪو عام جام پاڻي
پئي ٿو اهو هن جهنگلي هرڻ وانگر ڀڄي ڪو نه سگهندو آَهي. اهي جيڪي هرڻ جا ٻچا پاليندا
آهن، اهي انهن ٻچن کي ٻڪري جي هيٺان هن جي ٿڻن مان کير به پياريندا آهن. پر اهو هرڻ
اهڙو نٿو هجي جهڙا جهنگلي هرڻ هوندا آهن. اهو رڳو نالي جو هرڻ ۽ گهر جي سونهن هجي ٿو.
گهر وارو هرڻ، جهنگلي هرڻ وانگر ڀڄي ڪو نه سگهندو. ٿورڙو ڊوڙندو ۽ ڪري پوندو. غش ٿي
ويندو.
هرڻن جا ٽي قسم ته هتي پڪا پڪا آهن. هڪڙا چانورا جنهن جي منهن تي اکين وٽان ليڪا آهن. هرڻ جو ٻيو قسم جنهن جي مٿي تي اڇو ٽڪو هوندو
آهي ۽ قد جو ڊگهو هجي ٿو. ٽيو
بَرڙو هرڻ جيڪو بدن ۾ ڳرو ۽ قد ۾ برڙي
ٻڪري وانگر ننڍو هجي ٿو. ڪاريل
هرڻ هتي پاڻ واري ٿر ۾ ڪڏهن ڏساڻو
ڪونهي. پر اهو بارڊر پار چون ٿا ته آهي. اڇو هرڻ به
ٿئي ٿو. نر هرڻ جا سڱ وڏا ڊگها ۽ ٿلها ٿين ٿا، مادي هرڻ جا سڱ ننڍڙا ٿين ٿا. هڪڙا چون ٿا؛ ڍڪي هرڻ جي مُٽ مان اها خبر پوي ٿي
ته هو ڪيترن ڪلاڪن يا ڏينهن ۾ ويامندي. ٻيا وري انهيءَ ڳالهه کي چون ٿا ته؛ اها ڪوڙي
آهي. مُٽ مان ڪيئن خبر پوندي؟ صرف اوھ کي ڏسي ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته؛ هوءَ ڪيتري
ٽائيم ۾ ويامندي. پوءِ شڪاري اوھ مان اندازو ڪري، انهيءَ هرڻ جي پٺيان پيا هلندا آهن.
ڪڏهن ٿي ويامي، ڪڏهن انهيءَ جا ٻچا کڻجن. هرڻ جو ٻچو، ويامڻ کانپوءِ چوويهه ڪلاڪن
۾ اٿي ويندو آهي ۽ جي هرڻ جو ٻچو اٿي ويو ته پوءِ جهلڻ ڪو نه ڏيندو. جي اڃا ٽن ڏينهن
جو ٿي ويو، پوءِ ٿيا ست خير. پيو ڊوڙ پٺيان، پر جهلائيندو ڪو نه، ڀلي ڪجهه به ڪري ڇڏينس.
پر شڪاري انهيءَ ٻچي کي به جهليندا. هرڻ جي ٻچي جي ماءُ، ڪڏهن به هن سان گڏ ڪو نه ويهندي.
پندرنهن ويهه وکون سدائين پرتي ويهندي آهي. اڃا اهو هرڻيءَ جو ٻچو پندرنهن ڏينهن جو
ٿيو، پوءِ صفا وڃي پري ويهي رهندي. ڇو جو ويجهي ٿي ويهي ته شڪاري هن جا پير اهاڙي هن
جا ٻچا ٿا کڻي وڃن. جو اٿي ويل ٻچا جهلڻ نه ڏيندا ته شڪاري وري مڇي وارو رڇ لانگهي
۾ ڦاسائي رڇ ۾ جهليندا آهن. ڇو جو هرڻ جو ٻچو جيڪو گس جهلي ويندو آهي، جيڪڏهن هن جو
اڳ جهلبو ته اهو ئي گس جهلي واپس ورندو. سو اتي ڄار ۾ ڦاسي پوندو. هونئن ته هرڻ جي
ٻچن جي جوڙي ٽيهه هزار ۾ وڃي ٿي. انهيءَ ڪري هي چور شڪاري هرڻ جا ٻچا جهلين ٿا، نه
ته شڪار جي اصول ۾ ٻچا جهلڻ پاپ آهي.
هڪڙو جانور آهي پڙنگ، اهو هرڻ کي
ماري ٿو. انهيءَ جو هڪڙو پاسو ٻلي جو آهي ۽ هڪڙو پاسو هرڻ جو. گهڻن شڪارين پڙنگ جانور
ڏٺو به آهي. اهو پڙنگ ٽل سان هرڻ کي ماري ٿو. اهو ڇا ڪندو آهي جو هرڻ کي پري کان ڏسندو
آهي ته رڳو هرڻ وارو پاسو، هرڻ ڏانهن ڪندو آهي ته؛ هرڻ اهو سمجهندو آهي ته ڪو هرڻ آهي.
جيئن هرڻ ويجهو ايندو آهي ته هي سٽ ڏئي، هرڻ جي پينڊي ۾ چڪ هڻندو آهي. هن جي ڏندن
۾ ڪو اهڙو زهر آهي جو هرڻ پڙنگ جو چڪ به سهي ناهي سگهندو.
گهڻا هرڻ، اڇڙي ٿر ۾ ٿين ٿا. هرڻ هر موسم ۾ ويامندي
آهي. ڦر ٻڪري وانگر هڪڙو يا ٻه ڏيندي آهي. هرڻ جي اوجهري سڪائي، پوءِ گهوٽي رکبي آهي.
پوءِ دم جي مريضن کي کارائبي آهي ۽ هرڻ جي سڱ جي اندرين هڏي ڪٽي گهوٽي جيڪڏهن ڪنهن
نر لٿل کي کارائبي ته اهو ٺيڪ ٿي ويندو. چون ته اهو ٿا ته؛
سڱ واري هڏي، چيلهه جي سور ۽ گوڏن جي سور لئه به سٺي آهي. پر اهو سڱ، کٽ واڻيندڙ کي
سانکا اڳتي پوئتي ۽ ساريکا ڪرڻ
۾، ڪم ايندو آهي.
هڪڙي شڪاريءَ جي پڇاڙي؛ بڇڙي آهي. جڏهن پساھ پورا ٿيڻ تي هوندا اٿس ته ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. هڪڙي شڪاري
ٻڌايو ته؛ شڪارپور واري پاسي جو هڪڙو تترن جو شڪاري پڇاڙي آئي ته تترن جون ٻوليون ڪرڻ
لڳو. جڏهن شڪاري کٽ تي ڪرندو آهي ته رڙيون ڪندو آهي؛ گهوڙا ڙي گهوڙا پکي ٿا مارين،
هرڻ ٿا مارين. جيئن محبت علي شاه جي ڳوٺ وارو لونگ خاصخيلي، پڇاڙيءَ جو ڪون ڪون ڪندو
هو ته تلور ٿا مارين. هو ڪارتوس به پاڻ ٺاهيندو هو. اهي رڙيون ته پاڻ به هنن گناھگار
ڪنن سان ٻڌيون هيون. بس اهي آهن هرڻ ۽ انهن جي شڪارين جا شوق.
No comments:
Post a Comment