Friday, August 23, 2019

خوابن جي تعبير


خوابن جي تعبير
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارو بابا، پڙھندڙن کي درخواست ٿو ڪري ته؛ جيئن ئي اوهان کي ڪو ئي خواب اچي ته اهو مهرباني ڪري وٽس جمع ڪرايو. بلڪ ڏسڻ کان پهريان ئي اهو خواب کيس موڪلي ڇڏيو. ائڊريس، خوابن جي تعبير ٻڌائڻ کان پوءِ، ٻڌائي ويندي.

جناب الف عين لکي ٿو:
خواب: مان خواب ۾ ڏسان ٿو هڪ ٿلهو جِن منهنجي کٽ جي ڀرسان بيٺو آھي. مون کي ٻانهن کان لوڏي چئي ٿو؛ اُٿ! پنهنجي جنازي جي نماز پڙھ. مان شرڪ ڀري يڪدم اٿان ٿو.
مهرباني ڪري مون کي ان ڀوائتي خواب جي تعبير ٻڌايو.

Monday, August 19, 2019

نيوٽن جي لکڻ کان رھجي ويل ست قانون


نيوٽن جي لکڻ کان رھجي ويل ست قانون
۱. منتظر قطارن جو قانون:
جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي هڪ کان وڌيڪ قطارون آهن، ان صورتحال ۾ توهان هڪ قطار ڇڏي ٻي قطار ۾ وڃي بيهو ته پهرين قطار تيزيءَ سان هلڻ شروع ٿي ويندي آهي.
۲. مڪينڪي قانون:
ڪنهن مشين جي مرمت ڪندي جڏهن توهان جا هٿ تيل سا گريس سان ڀرجي وڃن ته اچانڪ توهان کي نڪري فوري خارش ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.

Friday, August 16, 2019

جيستائين سَسُ ۾ ساهه آھي، تيستائين سسيءَ ۾ ساهه ناهي


جيستائين سَسُ ۾ ساهه آھي،
تيستائين سسيءَ ۾ ساهه ناهي.
درياھ خان شنباڻي


اسان ڪيترن ماڻهن کي زال جي امان يعني سس کي “امان” چوندي ته ٻڌو آھي پر زال کي مڙس جي امان يعني “سس” کي امان ڪڏھن به نه چوندي ٻڌو هوندو. هوءَ کيس “ڪُراڙي يا پوڙھي” چوندي آھي. ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت آھي تڏھن ته شايد انهن پيرن کي شادي شده ماڻھو چمڻ ته ٺھيو پر سرديءَ گرميءَ ۾ چپل به آڻي ناهن ڏيندا. اها ڳالهه ياد رکو ته ماءُ جي پيرن هيٺيان ڀلي جنت هجي، پر سس جي پيرن هيٺيان وري اوهان جي زال جي جنت آھي ۽ ان جنت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته اوهان پنهنجي جنت لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندا آھيو.

تقدير، عشق ۽ طمع


تقدير، عشق ۽ طمع
ڊاڪٽر نواز علي شوق
لقمان حڪيم وٽ عقل آيو. کانئس پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندو آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان عقل آهيان، انسان جي مٿي ۾ رهندو آهيان.“
پوءِ وٽس شرم آيو. ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندو آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان شرم آهيان ۽ اکين ۾ رهندو آهيان.“
وري وٽس محبت آئي. ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندي آهين“؟
هن جواب ڏنو؛ ”مان محبت آهيان، انسان جي دل ۾ رهندي آهيان.“
پوءِ وري وٽس تقدير آئي. ان کان پڇيائين؛ ”تون ڪير آهين، ڪٿي رهندي آهين“؟

Saturday, August 10, 2019

ناڪام شاعره جو انٽرويو - ھمير گاد


ناڪام شاعره جو انٽرويو
(مزاحيه)
ھمير گاد
صحافي: پنهنجو تعارف ڪرايو.؟
ناڪام شاعره: منهنجو نالو وليمه، ادبي نالو ناڪام شاعره، منهنجي تعليم اي ايم(AM) سنڌي ادب، پي ايم (PM) اردو ادب.
صحافي: ادب ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪيئن ٿيو.؟
ناڪام شاعره: ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو شوق هو اسڪول جي امتحاني ڪاپي تي ڪنهن سوال جو جواب نه ايندو هو ته فلم جو ڪو گانو جيڪو سڄو ياد هوندو هو اهو لکي ايندي هيس ۽ ماشاءَ الله سان مارڪون به سڀ کان گهڻيون ان جواب تي ئي ملنديون هيون.

Thursday, August 8, 2019

ڏٻرا ۽ عاليشان گڏھ - دريا خان شنباڻي


ڏٻرا ۽ عاليشان گڏھ
دريا خان شنباڻي
Image result for donkey hard worker
اسان کي پرائمريءَ ۾ پڙھائيندڙ استاد، ناراض ٿيڻ پڄاڻان، چوندو هو؛ “ڇورا! صفا ڪو گڏهه جو دماغ اٿئي!”
اهو جملو مڊل، هاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ ان کانپوءِ واري زندگيءَ ۾ به سڌي يا اڻسڌي طرح پيڇو ڪندو رهيو. مثال طور؛ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائيندڙ ميڊم ذڪيه چوندي هئي؛ “صفا ڪو سادو آھين!” اسان سمجهي ويندا هئاسين ته ميڊم جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي؟

فيس بڪ جا رنگ - ھمير گاد


فيس بڪ جا رنگ
ھمير گاد
هڪ ڀيري ڪنهن دوست چيو؛ ”اسان وٽ، سڀ کان ڪامياب اداڪار، صرف سياست ۾ آھن ۽ اداڪاري ڪرڻ جو گهڻو معاوضو به سياست ۾ ملندو آھي.“
۽ مون ان کي جواب ۾ چيو؛ ”جيڪڏهن تو کي بهترين ڊراما ڏسڻا آھن ته ٽي وي بند ڪري، فيس بڪ کولي ڏس! ماشاءَ الله سان تو کي ايترا ڊراما ڏسڻ لاءِ ملندا جو تون خود حيران ٿي ويندين.“