Sunday, January 20, 2019

زمين جي ورنن جا قسم - ولي محمد طاھرزادو


زمين جي ورنن جا قسم
ولي محمد طاھرزادو
#نئين نڪور ڌرتي يا زمين کي ”نهوَر“ ڪوٺين.
#اڳي پوکي وري ڇڏي ڏنل زمين کي ”کرڙ“ چون.
#بنا ريج واري زمين کي اروٺ، ڪرءُ يا اَريج،
#درياءَ جي ڀرواري ريٽ، پڪي زمين سڏين،
# ۽ چيڪيءَ زمين کي ٽاڪ يا رِپَ نالا ڏين.
# انهن کان سواءِ ٻيا قسم هيءُ آهن:
# بٺ، جنهن ۾ ڪو سلو نه اُڀري،
# قدرتي بيٺل گاهه واري کي ريل چون،
# ۽ جنهن ۾ ٿورڙو گاهه هجي، ته ان کي آڍوري ڪوٺين.

Saturday, January 19, 2019

فلاپ ڊائريڪٽر- همير گاد


فلاپ ڊائريڪٽر
همير گاد
چوندا آھن ته ڊائريڪٽر ڪيپٽن آف دي شپ هوندو آ، پر هي فلاپ ڊائريڪٽر ڪيپٽن آف دي شيپ آ.
فلاپ ڊائريڪٽر ان جي ڪري ڇو جو سندس اڄ تائين ڪو به ڊرامو ڪامياب ٿي نه سگهيو اٿس.

Wednesday, November 7, 2018

ادب، سياست ۽ رياضيءَ سان شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ست ٽوٽڪا


ادب، سياست ۽ رياضيءَ سان شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ست ٽوٽڪا
پروفيسر ڊاڪٽر نور مصطفيٰ شيخ
ٽوٽڪو نمبر ۱:
وڪيل جي غلطيءَ سان سندس اصيل زمين کان ۵ فوٽ مٿي ٽنگبو، ڊاڪٽر جي غلطيءَ سان سندس مريض زمين ۾ ۵ فوٽ هيٺ پوربو، اديب جي غلطيءَ سان زحمت کي رحمت، نامزد کي نامرد ۽ فرض کي قرض پڙهبو، رياضي دان جي غلطي سان صحيح جواب کي غلط ۽ غلط جواب کي درست ڪرڻ سبب پوزيشن، گريڊ ۽ داخلا نااهلن کي ملندي پر سياستدان جي غلطيءَ سان تخت بدلي تختو ۽ ريل بدلي جيل ملندي.

ڦَٽڦَٽي - حيات علي شاهه بخاري


ڦَٽڦَٽي
حيات علي شاهه بخاري
هڪڙي ڳالهه واضح ڪريان ته ”ڦَٽڦَٽي“ ڪنهن ويمپ يعني عورت ولين يا بادشاهن جي ڏوئي گيري مطلب ته چمچه گيري ڪندڙ ڪنهن اهڙي عورت جو نالو ناهي، جيڪا ڦٽل ڪم ٺاهيندي آهي ۽ وري کيس خرچي پاڻي نه ڪرائجي ته ٺهيل ڪم ڦٽائي ٻن دلين جي وچ ۾ ويڇا وجهي ڇڏيندي آهي. ڦٽڦٽي موٽرسائيڪل جو نالو آهي، جنهن کي هاڻي جديد دور ۾ بائيڪ چوندا آهن، دوست حميد جنهن ”بائيڪ“ جهڙي سواري تي سوار ٿي هلندو آهي، اُها اصل ۾ ڦٽڦٽي آهي. هاڻي اوهان اِهو پُڇڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا ته ان سواري تي ”ڦٽڦٽي“ نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ هٿ ٻڌي عرض ڪريان ٿو ته موٽرسائيڪل جي اوائلي شڪل صورت عجيب هُئي ۽ ان جي هلڻ سان ”ڦٽ، ڦٽ“ جهڙو وڏو آواز نڪرندو هو، جو ميلن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو، سو مون جهڙن اڻ پڙهيلن موٽرسائيڪل جي ان آواز جي مناسبت سان ان جو نالو ”ڦٽڦٽي“ رکي ڇڏيو.

Monday, June 18, 2018

رسا ڪشي - مٺل جسڪاڻي


رسا ڪشي
مٺل جسڪاڻي
”رسا ڪشي“ ھڪ قسم جي راند آھي. ھن راند ۾ ھڪ رسو هوندو آهي، ان جي ھڪ ڇيڙي ۾ ھڪ ٽولي ۽ ٻئي ڇيڙي ۾ ٻيءَ ٽولي، رسو جھلي بيھندي آھي. رسي جي وچ تي هڪ نشان ھوندو آھي. جيئن ئي ريفري سيٽي وڄائيندو آھي، ته ٻئي ٽوليون زور لڳائينديون آهن، ھر ٽولي ٻي ٽولي کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي آھي.
تمام مزيدار راند آھي. روبرو ڏسڻ جو لطف ئي پنھنجو آھي. گھڻ ۾ اھا راند ٿيڻ جي صورت ۾، تماشائين مان ڪجھه ماڻھو، جنھن ٽولي جا ھمدرد ھوندا آھن، ان ٽولي کي کٽائڻ جا ھربا استعمال ڪندا آھن.

Thursday, August 3, 2017

مُنگھو - مٺل جسڪاڻي - گل بھار باغائي

مُنگھو
سٽون: مٺل جسڪاڻي
تصوير: گل بھار باغائي
مُنگھو (واحد) مُنگھا (جمع) جابلو ميوو آھي. جيئن کنڀي برسات کان پوءِ ٿئي، ھيءُ به ائين برسات کان پوءِ ٿئي. فرق اھو آھي جو کنڀي، زمين مان سڌي نڪري ٿي، پر ھيءُ ھڪ ننڍي قد جي ٻوٽي ۾ ٿئي ٿو. ٻوٽو پنن وارو ٿئي ٿو. منگھو، پنن ۾ اندر ائين لڪل ھوندو آھي، جو پري کان ھن جي ھجڻ جي يا نه ھجڻ جي خبر به نه پوندي آھي.
ميوي جي ٻاھران، ڪنڊن وانگر چُنھبياريون سُيون نظر ته اينديون آھن، پر ميوو کائڻ مھل محسوس نه ٿينديون آھن.

Sunday, June 11, 2017

ڪاڇي جو واڻ - ممتاز علي جمالي

ڪاڇي جو واڻ
ممتاز علي جمالي
جوهي کان وٺي واهي تائين، واهي کان وٺي ٽندو رحيم خان. ٽنڊو رحيم خان کان وٺي ڇني، شاه حسڻ، منڇر ۽ جوهي تائين. انهيءَ وچ واري علائقي کي ڪاڇو چيو ويندو آهي. اهو علائقو تقريبن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي بسر ڪري رهيو آهي. انھيءَ ڪري ڪاڇي جا ماڻهو نـه غريب آهن بلڪ ساده سٻاجهڙا ۽ محنت ڪش بـه آهن. ڪاڇي جي ٻين شين جيان واڻ بـه پوري سنڌ توڙي ملڪ ۾ مشهور آهي.