Showing posts with label زمين جي ورنن جا قسم ، ولي محمد طاھرزادو،. Show all posts
Showing posts with label زمين جي ورنن جا قسم ، ولي محمد طاھرزادو،. Show all posts

Sunday, January 20, 2019

زمين جي ورنن جا قسم - ولي محمد طاھرزادو


زمين جي ورنن جا قسم
ولي محمد طاھرزادو
#نئين نڪور ڌرتي يا زمين کي ”نهوَر“ ڪوٺين.
#اڳي پوکي وري ڇڏي ڏنل زمين کي ”کرڙ“ چون.
#بنا ريج واري زمين کي اروٺ، ڪرءُ يا اَريج،
#درياءَ جي ڀرواري ريٽ، پڪي زمين سڏين،
# ۽ چيڪيءَ زمين کي ٽاڪ يا رِپَ نالا ڏين.
# انهن کان سواءِ ٻيا قسم هيءُ آهن:
# بٺ، جنهن ۾ ڪو سلو نه اُڀري،
# قدرتي بيٺل گاهه واري کي ريل چون،
# ۽ جنهن ۾ ٿورڙو گاهه هجي، ته ان کي آڍوري ڪوٺين.