ڦَٽڦَٽي
حيات علي شاهه
بخاري
هڪڙي ڳالهه واضح ڪريان ته ”ڦَٽڦَٽي“
ڪنهن ويمپ يعني عورت ولين يا بادشاهن جي ڏوئي گيري مطلب ته چمچه گيري ڪندڙ ڪنهن اهڙي
عورت جو نالو ناهي، جيڪا ڦٽل ڪم ٺاهيندي آهي ۽ وري کيس خرچي پاڻي نه ڪرائجي ته ٺهيل
ڪم ڦٽائي ٻن دلين جي وچ ۾ ويڇا وجهي ڇڏيندي آهي. ڦٽڦٽي موٽرسائيڪل جو نالو آهي،
جنهن کي هاڻي جديد دور ۾ بائيڪ چوندا آهن، دوست حميد جنهن ”بائيڪ“ جهڙي سواري تي
سوار ٿي هلندو آهي، اُها اصل ۾ ڦٽڦٽي آهي. هاڻي اوهان اِهو پُڇڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا
ته ان سواري تي ”ڦٽڦٽي“ نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ هٿ ٻڌي عرض ڪريان ٿو ته موٽرسائيڪل
جي اوائلي شڪل صورت عجيب هُئي ۽ ان جي هلڻ سان ”ڦٽ، ڦٽ“ جهڙو وڏو آواز نڪرندو هو،
جو ميلن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو، سو مون جهڙن اڻ پڙهيلن موٽرسائيڪل جي ان آواز جي
مناسبت سان ان جو نالو ”ڦٽڦٽي“ رکي ڇڏيو.
هاڻي اچون ٿا شهنشاهه جهانگير ڏي،
ته ان جو واسطو يا لڳ لاڳاپو ڦٽڦٽي سان ڪيئن جڙيو، ڇو جو انهن ڏينهن سواريءَ لاءِ
صرف جانور ڪتب آندا ويندا هُئا، گهوڙي جي سواري بادشاهن جي دلپسند وندر هوندي
هُئي، جيڪڏهن انهن ڏينهن ”ڦٽڦٽي“ هجي ها ته شهنشاهه ڪنهن ميلي تي موت جي کوهه ۾
ضرور ڦٽڦٽي هلائي ها، پر شهنشاهه جهانگير موت جي کوهه ۾ گهوڙو هلائي پنهنجي پاڻ کي
موت جي منهن ۾ وجهڻ نه چاهيندو هو. سندس ويجها چوندا هُئا ته شهنشاهه جهانگير
چوندو هو ته ”مون اڃان ڏٺو ئي ڇا آهي؟“ ۽ آئون اڪثر چوندو آهيان ته ”جيڪي ڏٺو سو
مون ڏٺو، اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو“ اهو جملو شهنشاهه جهانگير جي سامهون چوان ها ته
مون کان دريافت ڪري ها ته تو ڇا ڏٺو ۽ اهو مون کي به ڏيکار، نه ته هاڻي جو هاڻي
توکي گڏهه جي پيٽ ۾ ٿو سبرايان ۽ آئون چوان ها ته شهنشاهه گڏهه ويچاري ڪهڙو ڏوهه ڪيو،
جو مون جهڙو ناپسنديده سندس پيٽ شريف ۾ سبجي.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري شهنشاهه
جهانگير ملڪ فارس (ايران) جي بادشاهه جي دعوت ڪئي، پهرين خيال ڪيائين ته مهمان کي
لجپت روڊ واري انصاف تاج هوٽل تي نهاري کارائي روانو ڪريان، پر ان هوٽل واري جي اوڌر
وڌي وئي هُئي، ان ڪري شهنشاهه اهو خيال دل مان لاهي ڇڏيو، اوهان حيران ٿيندا ته هيڏو
وڏو بادشاهه اوڌر تي نهاري کائيندو هو، ان لاءِ عرض ته ”خيال وڏا، کيسا خالي“ وارو
مثال ٺهي ٿو، جڏهن نهاري جي دڪان واري جا پئسا وڌي ويا ته شهنشاهه جهانگير لجپت روڊ
تان لنگهڻ ئي ڇڏي ڏنو، پريس ڪلب وڃڻ لاءِ به راحت سئنيما وارو روڊ وٺندو هو. خير
مون ڳالهه پئي ڪئي شهنشاهه جهانگير جي دعوت جي، هن خادم کي سڏي چيو ته مهمان جي کاڌي
۾ ڇا پچايو اٿئي، ته خادم ٻئي پير ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته ”جهان پناهه، گوشت زردو،
ماهي پلاءُ، مٽر پلاءُ، نارنگي پلاءُ، ڳنڍيري پلاءُ، چاشني، روغن جوش، قورمو، ٽماٽا
گوشت، ڀينڊي گوشت، مٽر گوشت، پاون جو شوروو، قيمو، مغز، چڪن ڪٽلس، چڪن چاپس، مٽن
چانپ، پوٽيٽو چانپ“ ان تي شهنشاهه جهانگير تيز ٿي چيو ته ڪلوءَ جي پڪوڙن کانسواءِ
دسترخوان نامڪمل آهي، خادم چيو ته حميد کان ڦٽڦٽي وٺي ڏيو ته ڪلوءَ جا پڪوڙا وٺي
اچان.
هڪ ڀيري شهنشاهه جهانگير پنهنجي
ملڪه عاليه کي طلب ڪيو، جنهن اچڻ ۾ ٿوري دير ڪئي ته جهانگير بادشاهه دير سان اچڻ
جو سبب معلوم ڪيو، ملڪه عاليه ادب سان جواب ڏنو ته ”بادشاهه سلامت، دير اِن ڪري ٿي،
جو ٻانهينءَ جي مٿي ۾ جونئون وجهرائي رهي هيس“ شهنشاهه حيران ٿي پُڇيو ته ”ڇا
مطلب؟“ ملڪه عاليه وراڻيو ته ”دراصل آئون بلڊ بئنڪ قائم ڪرڻ ٿي چاهيان، رعايا مان
جنهن کي رت جي ضرورت پوندي، انهن جونئن کي ڪمند جي چيچڙي ۾ پيڙائي رت ڪڍي وٺنداسين،
رعايا ان عمل جي وڏي تعريف ڪندي، شهنشاهه جهانگير ملڪه جي اِن آئيڊيا تي ڏاڍو خوش ٿيو
۽ بليڪ بيري موبائيل فون پاسي واري کيسي مان ڪڍي ملڪه کي ڏنائين ۽ کيس سختيءَ سان
هدايت ڪيائين ته ”هن موبائيل سان فقط مون سان ڪچهري ڪجان، متان چوبدارن ۽ چوڪيدارن
سان کينچل ڪرين“ اِهو ٻُڌي ملڪ حيران ٿي وئي ته شهنشاهه کي چوبدارن ۽ چوڪيدارن
واري ڳالهه ڪنهن ٻُڌائي.
شهنشاهه جهانگير پنهنجي حڪومتي
دور جي تاريخ مرتب ڪرڻ ٿي چاهي، سو کيس ڪنهن سٺي تاريخدان جي ضرورت هُئي، جائزو وٺڻ
لڳو ته ڪو ”ڪهنه مشق“ يعني ٺونٺيون هڻندڙ صحافي، ملي ته ان کان پنهنجي دور جي
تاريخ لکرايان. ڪافي ڳولا کانپوءِ هن جي نظر انتخاب سينيئر صحافي انور سيال تي پئي
۽ هن کي وٺي محل ۾ آيو، ڪاغذن جو دستو ۽ ٻه ٽي بال پوائنٽ وٺي کيس ڏنائين ۽ پاڻ ئي
ان کي تاريخ لکرائيندو رهيو، ڪنهن ڳالهه تي تاريخدان اعتراض يا اختلاف ڪندو هو ته
شهنشاهه جهانگير جي اشاري تي ٻه جلاد اگهاڙيون تلوارون کڻي تاريخدان جي مٿان بيهي
رهندا هُئا ۽ هو ويچارو لاچار شهنشاهه جي چوڻ تي تاريخ لکندو هو، شهنشاهه کي ياد
آيو ته ڪيترائي اهڙا بادشاهه گذريا آهن، جن لاءِ چيو ويندو هو ته سندن دور ۾ شينهن
۽ ٻڪري هڪ گهاٽ تي پاڻي پيئندا هُئا، شهنشاهه جهانگير ڇا ڪيو جو شينهن جا ڏند ڪڍرائي
ڇڏيائين ۽ ٻڪرين جا سڱ وڍرائي ڇڏيائين ته جيئن شينهن ۽ ٻڪري بنا ڪنهن خوف جي هڪ
گهاٽ تان پاڻي پيئن.
چون ٿا ته تاريخ لکندي تاريخدان
ڪنهن ڳالهه تي شهنشاهه سان اختلاف ڪيو ته شهنشاهه جي حڪم تي ان تاريخدان جي سسي
لاهي سنڌ ميوزيم ۾ عبرت لاءِ رکي وئي، جنهن تي اڃان تائين ڪو به تحقيق نه ڪري
سگهيو آهي، ته اها سسي موهن جي دڙي جي ماڻهوءَ جي آهي يا اهو دراوڙ نسل جو هو. هڪ ڀيري
شهنشاهه جهانگير تخت تي ويٺو هو ته هڪ معلم وٽس آيو، شهنشاهه ان کان احوال پُڇيو
ته هن هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت، اوهان جي انصاف جون ڳالهيون ملڪان
ملڪ مشهور آهن، پر اوهان پنهنجي محل ٻاهران انصاف طلب ڪرڻ وارن لاءِ جيڪو گهنڊ لڳرايو
آهي، اهو مناسب ناهي، بادشاهه ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو ۽ ان جو سبب طلب ڪيائين، معلم
چيو ته ”بادشاهه سلامت، منهنجو مدرسو اوهان جي محل جي ڀرسان آهي، جڏهن به ڪو انصاف
جو طلبگار فريادي اچي انصاف جو گهنڊ وڄائيندو آهي ته مدرسي جا ٻار موڪل ڪري ڀڄي
هليا ويندا آهن.“ بادشاهه ان معلم تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سزا طور ان معلم کي صحافت جي
پيشي سان منسلڪ ڪري ڇڏيائين، ڇو ته صحافت مقدس ئي سهي، پر آهي پيشو.
No comments:
Post a Comment