ادب، سياست ۽ رياضيءَ
سان شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ست ٽوٽڪا
پروفيسر ڊاڪٽر نور مصطفيٰ شيخ
وڪيل جي غلطيءَ سان سندس اصيل زمين کان ۵
فوٽ مٿي ٽنگبو، ڊاڪٽر جي غلطيءَ
سان سندس مريض زمين ۾ ۵ فوٽ هيٺ پوربو، اديب جي غلطيءَ سان زحمت کي رحمت، نامزد
کي نامرد ۽ فرض کي قرض پڙهبو، رياضي دان جي غلطي سان صحيح جواب کي غلط ۽ غلط جواب کي
درست ڪرڻ سبب پوزيشن، گريڊ ۽ داخلا نااهلن کي ملندي پر سياستدان جي غلطيءَ سان تخت
بدلي تختو ۽ ريل بدلي جيل ملندي.
ٽوٽڪو نمبر ۲:
جيڪڏهن ڪو ٻار کيسي ۾ قلم رکي ٿو ته ٿيندو اديب، فوٽو رکي ٿو ته ٿيندو
فلمي هيرو، چاقو رکي ٿو ته ڊاڪو ۽ ڪلڪيوليٽر رکي ٿو ته ٿيندو رياضيدان. پر سياستدان
ٿيڻ لاءِ انهن سڀني شين سان گڏ ڪجهه چمچا به کپن ۽ وصيتون به.
ٽوٽڪو نمبر ۳:
لباس خضروي ۾ رهزن ته جعلي پير، مسيحائي جي دعويٰ ڪري لُٽي ته ڊاڪٽر،
دينوي پيشي ۾ سياست ڪري ته تعليمي ماهر، ادارتي پاور استعمال ڪري ته اديب، مثال ڏيئي
سمجهائي ته حقيقي رياضيدان، پر صدارتي صوابديدي ۽ ويٽو پاور استعمال ڪري ته اهو سياستدان.
ٽوٽڪو نمبر ۴:
بهترين شاعر اهو آهي جيڪو مشاعرو اهڙيءَ طرح لُٽي جو ٻين شاعرن کي هڻڻ
لاءِ هڪ به ٽوٽو نه بچي. سٺو راڳيندڙ اهو آهي جنهن جي ڳائڻ بعد ٻين جو راڳ ٻڌڻ لاءِ
هال ۾ ڪو
به بني بشر نه رهي. عظيم پروفيسر
اهو آهي جنهن جو ليڪچر ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه اچي. سٺو اديب اهو آهي جيڪو هر جلسي
۽ ميلي ۾ پهچي ڪجهه سهڻا سخن ٻڌائي. بهترين رياضيدان اهو آهي جنهن جي ڏنل فارمولا
۾ ڦير ڦار نه ٿئي ۽ گهڻن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ استعمال ٿئي. پر ڪامياب سياستدان اهو آهي
جنهن جي تقرير بعد ٻين سياستدانن کي هڻڻ لاءِ هڪ به جوتو نه بچي ۽ سندس حڪومت بعد ٻين
لاءِ خزاني ۾ ٽڪو به نه بچي.
(ڪرپشن جو ڪو
به ثبوت نه ڇڏي).
ٽوٽڪو نمبر ۵:
هزار يا ۱۰ لک به وٺي پر ڪم به نه ڪري اهو سياسي ڪارڪن ڇو ته اهو
مال سندس لاءِ هٰذا من فضلِ رَبِي آهي. جيڪو
آفيسرن ۽ سياستدانن کان داٻي تي ڪم وٺي اهو اديب (حڪومت جو پيل پائو). جيڪو پيسا به
نه وٺي ۽ ڪم به ڪري اهو رياضيدان ڇو ته ۱۰
دنيا ۽ ۷۰ آخرت تي پختو يقين اٿس. جيڪو
۵ ارب
يا ۱۰ ارب
جو گهپلو ڪري اهو سياستدان.
ٽوٽڪو نمبر ۶:
زهر وڇونءَ جي پڇ ۾، نانگ جي ڏندن ۾، مڇر جي منڍيءَ ۾، ڪتي جي گِگ ۾،
بري انسان جي نظر ۾، اديبن جي لکڻين ۾ ۽ رياضيدانن جي فارمولا ۾ لڪل هوندو آهي جنهن
وسيلي ائٽم بم ٺهيا. پر سياستدانن جي زبان جو زهر سڀني کان وڌيڪ مهلڪ آهي.
ٽوٽڪو نمبر ۷:
رياضيءَ وارو ۲
۽ ۲ کي
هميشه ۴ چوندو
(پٿر تي ليڪو)، شماريات وارو چوندو ته ۳.۹ به
ٿي سگهي ٿو ته ۴.۱ به (۵ سيڪڙو تائين غلطيءَ جي گنجائش)، اقتصاديات وارو چوندو
۳.۵ يا ۴.۵ (ڇو ته انهن وٽ زياده غلطيءَ جي گنجائش هوندي آهي (اديب چوندو ته مون
کان حساب نه پڇو صرف ڪتاب پڇو. سياسي ورڪر چوندو ته جيڪو منهنجو ليڊر چوندو سو سچ.
(نوٽ: ليکڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنس آهي.)
No comments:
Post a Comment