Sunday, July 7, 2019

حساب ڪتاب جو چڪر- رام ڪرشن


حساب ڪتاب جو چڪر
رام ڪرشن
Image result for ‫حساب ڪتاب جو چڪر‬‎
ويٺي ويٺي حساب لڳايم ته بيهي رهندس پر سوچي نه بيٺس ۽ ويهي ويهي حساب لڳائيندو رهيس ۽ ايترا ته حساب لڳايم جو ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ کي ذري گهٽ رياضي دان سمجهڻ لڳس ۽ جڏهن رياضي جو حساب لڳايم ته ڪم لهي ويو.
ماڻهو حساب ڪتاب جو ذڪر، گڏ ڪندا آهن. اسان لاءِ حساب ڏکيا ته ڪتاب آسان. ڪتاب پڙهي وينداسين، حساب ٿيندا ڪو نه. توهان حساب نٿا ڪري سگهو ته حساب ڪتاب ڪيترو نه ڏکيو ڪم آهي. هڪ استاد حساب ئي نٿو ڪري سگهي ته حساب ڪيترا نه بور ڪندڙ آهن، ٻارن لاءِ. ٻارن کان پڇيو وڃي ته سڀني کان وڌيڪ بور ڪندڙ مضمون حسابن جو ئي هوندو. ٻار چوندا آهن ته؛ حسابن جي پيرڊ کان پهرين، بي حساب پگهر ايندو آهي. گهڻي پريشاني ۽ هٿ پير ٿڌا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور ۽ گهڻي بي چيني شروع ٿيندي آهي. اسان جي دوست هيمو جو خيال آهي ته گهڻا ٻار حسابن جي ڪري اسڪول ڇڏي ويا يا شايد حسابن جي ڪري انهن حساب ڪتاب جي چڪر ۾ پوڻ نٿي چاهيو. گهڻن ٻارن جو ٿورو اهو به خيال آهي ته حسابن جو گهڻو خيال نه ڪجي. اسڪول جي ٻارن جي اها به وڏي دعا رهي آهي ته استاد سمورا عزت لائق آهن پر جيڪر حسابن جا استاد هجن ئي نه ها ته استادن جي عزت قيامت تائين پئي ڪجي ها!

ڪل بي ادبي ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال - همير گاد


ڪل بي ادبي ملاکڙي جو اکين ڏٺو احوال
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
آچر ۲۹ فيبروري تي، شهر جي بدبودار هال ۾ ڪوٺايل هي ڪل بي ادبي ملاکڙو تاريخ جو وڏو ۽ بور ملاکڙو هو. جنهن ۾ مختلف ڪنڊن ۽ پاسن کان ڪهي آيل عطائي شاعرن شرڪت ڪئي.
ملاکڙي ۾ ايترا ته ماڻھو گهڻا هئا جو هال ۾ مهمانن کي ويهارڻ لاءِ اضافي وهيل چيئرز wheelchairs جو بندوبست ڪيو ويو.
هن تاريخي پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاش ڌرپدر ڪئي.

Thursday, May 30, 2019

جمن جو انٽرويو - ھمير گاد

جمن جو انٽرويو
ٽيلي فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن جي مشھور ڊائريڪٽر جمن جو روزنامه “پريشان“ کي ڏنل يادگار انٽرويو.
ھمير گاد


صحافي: توهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو.
جمن: مون کي جمن چوندا آھن. منهنجو جنم ڳوٺ “وڏو سڪيلڌو“ ۾ بابا جي ڀرسان واري کَٽ تي ۲۹ فئبروري تي وڏي مشڪل سان ٿيو. منهنجي تعليم مان ۷ درجا پاس آھيان، ننڍپڻ کان ئي تعليم سان ديوانگيءَ جي حد تائين عشق رهيو. هر سال فيل ٿيندو هُيم جنهن جي نتيجي ۾ تعليمي رڪارڊ شاندار رهيو.
صحافي: توهان جو پهريون اسٽيج ڊراموڪهڙو هو.؟
جمن: منهنجو پهريون اسٽيج ڊرامو “وائڙو“ هو جيڪو پنج ڏينهن ڏيکاريو ويو هو ۽ ان ڊرامي هڪ رڪارڊ قائم ڪيو هو.

گلوڪاره ۽ اداڪاره شيرين - ھمير گاد


گلوڪاره ۽ اداڪاره شيرين
(مزاح)
انٽرويو: ھمير گاد
صحافي: سڀ کان پهرين اهو ٻڌايو ته اوهان هن فيلڊ ۾ ڪيئن آيا؟
شيرين: رڪشي ۾ چڙھي آئي هيس، ۽ هن وقت ماشاءَ الله سان پنهنجي ڪار آ. تمام ٿوري عرصي ۾ گهڻو ڪجھ حاصل ڪيو آ.
صحافي: اوهان ڪيترو پڙھيل آھيو.؟
شيرين: ٽانگا اسٽينڊ تائين،ڪڏھن ڪڏھن مليل چيڪ به پڙھي ويندي آھيان.
صحافي: مون اوهان کان اوهان جي تعليم پڇي آھي؟
شيرين: اڇا ائين چئو نه، مون ايم- اي ڪئي آھي.

Wednesday, May 8, 2019

گنجا فرشتا - قاسم ڪيهر


گنجا فرشتا
قاسم ڪيهر
وڏڙن جو چوڻ آهي ته، ”گنجو هجڻ خوشحالي ۽ دولتمنديءَ جي نشاني آهي.“ جڏهن ته اسان جو هڪ دوست ان ڳالهه تي پريشان آهي ته هو ڏينهون ڏينهن گنجو ٿيندو ٿو وڃي، پر دولت جو ته سندس زندگيءَ ۾ پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي ناهي. رهندو سُڃائپ سندس مٿي جي وارن جو رهيو کُهيو ڦُندڻ به ڦِٽائڻ جي ڪڍ آهي.

Saturday, April 27, 2019

اداڪار ڍانڀر سلطان جو انٽرويو - همير گاد


اداڪار ڍانڀر سلطان جو انٽرويو
(مزاحيه)
همير گاد


صحافي: سڀ کان پهريان ته اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان جي تعليم ڪيتري آھي.؟
اداڪار: مان ڀائرن سوڌو سَت درجا پاس آھيان.
صحافي: اوهان پنهنجي فن جي شروعات ڪهڙي ڊرامي کان ڪئي.؟
اداڪار: منهنجي پهرين ڊرامي جو نالو هو ”دوزخ جو گيٽ ڪيپر“ جنهن ۾ مون مهمان اداڪار طور ڪم ڪيو هو.
پوءِ جنهن ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو هيرو آيس ان جو نالو هو ”عشق جو مرض“ ان ۾ منهنجو مٿي جبل جي چوٽيءَ تي پنڪچر ڳنڍڻ واري جو رول هو.
صحافي: هن فيلڊ ۾ اچڻ کان پهريان ڪهڙو ڪم ڪندا هُيئو.؟
اداڪار: هوٽل تي چانھ ٺاهيندو هُيس.

Friday, April 12, 2019

ڪاپي پيسٽ اديب جو انٽرويو - همير گاد


ڪاپي پيسٽ اديب جو انٽرويو
همير گاد
صحافي: شفن ”گناهگار“ صاحب! اوهان پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو.؟
اديب: ڳوٺ سڪيلڌو کان ڪجھ پنڌ تي اولھ طرف مُنهن ڪري ڏکڻ طرف اسان جو پنهنجو ويڙو هو انهيءَ ويڙهي ۾ الائي ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ پيدا ٿيس ڪا خبر ناهي.
شفن نالو منهنجي بابا سائينءَ پنهنجي وفات کان مهينو کن پوءِ رکيو جڏھن ته “ گناهگار“ منهنجو تخلص آھي.