ڪاپي پيسٽ اديب جو انٽرويو
همير گاد
صحافي: شفن ”گناهگار“ صاحب! اوهان پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو.؟
اديب: ڳوٺ سڪيلڌو کان ڪجھ پنڌ تي اولھ طرف مُنهن ڪري ڏکڻ طرف
اسان جو پنهنجو ويڙو هو انهيءَ ويڙهي ۾ الائي ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ پيدا ٿيس ڪا خبر
ناهي.
شفن نالو منهنجي
بابا سائينءَ پنهنجي وفات کان مهينو کن پوءِ رکيو جڏھن ته “ گناهگار“ منهنجو تخلص
آھي.
صحافي: اوهان ادب ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن پير پاتو.؟
اديب: منهنجي پاڙي ۾ هڪ شاعر رهندو هو جيڪو پراڻن ڪتابن مان ٻين
ملڪن جي شاعرن جي شاعري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي نالي سان اخبارن ۾ موڪليندو هو
ان کي ڏسي ڪري مون کي به شوق جاڳيو ته ڇونه شارٽ ڪٽ ھڻي پنهنجو نالو ڪمائجي.
صحافي: اوهان شاعري به ڪئي، اهو ٻڌايو ته شاعريءَ جي سکيا اوهان
ڪنهن کان ورتي.؟
اديب: استاد نَبن ويلڊنگ واري کان.مان جڏھن شاعري شروع ڪئي هئي
تڏھن چنگيز خان کي ڦاهيءَ تي چاڙھيو ويو هو.
صحافي: (سوچيندي) پر چنگيز خان کي ته ڦاهيءَ تي ڪونه چاڙھيو ويو
هو.
اديب: مان ان تاريخ واري چنگيز خان جي ڳالھ نه ٿو ڪريان پاڙي
جي چنگيز خان جي ڳالھ ٿو ڪريان جيڪو بي گناھ ماڻھن جو قاتل هو.
صحافي: اوهان جو ڪلام سڀ کان پهرين ڪهڙي ادبي رسالي ۾ ڇپيو.؟
اديب: ”الموت“ ادبي رسالي ۾.
صحافي: شاعريءَ جي وصف ٻڌايو.؟
اديب: شاعري سُتل انسان کي جاڳائي ٿي ۽ جاڳيل انسان کي سُمهاري
ننڊ ڪرائي ڇڏي ٿي، پوءِ چاهي اهو انسان سفر ۾ ھُجي يا آخري سفر تي.
صحافي: اوهان هن وقت تائين ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا آھن.؟
اديب: ايتريون ڪهاڻيون لکيون آھن جيتريون اسان وٽ مينهون
آھن..ناول به لاتعداد لکيا آھن.
صحافي: سنڌي ادب کي سنوارڻ لاءِ اوهان جهڙن اديبن ڪهڙو ڪردار
ادا ڪيو آھي.؟
اديب: ڪاپيءَ جو.
صحافي: اوهان ڪهڙي ادبي شخصيت کان متاثر آھيو.؟
اديب: اسماعيل تارا، حاتم طائي ۽ شفقت چيمه.
صحافي: اوهان عربي زبان ۾ به ڪتاب لکيا، اهو ٻڌايو ته عربي
اوهان ڪنهن وٽان سکي جڏھن ته اوهان کي سنڌي به ٺيڪ طرح سان لکڻ ناهي ايندي.؟
اديب: اصل ۾ گوگل تان چورائي ڇپرايا هئا.گوگل مون جهڙن اديبن
جو ڪم آسان ڪري ڇڏيو آھي.
ٻيو ته اوهان صرف
مون تي الزام نه هڻو، اهڙا کوڙ اديب آھن جن جا ڪافي ڪتاب به ڇپيل آھن پوءِ به انهن
کي سنڌي به لکڻ نه ٿي اچي.
هڪ اديب سوشل ميڊيا
تي ڪنهن شاعره جو نالو ۽ ذات غلط لکي ڪنهن ڪمينٽس ۾ ان کي چيو ته؛ ”سائين اوهان ان
شاعره جو نالو ۽ ذات غلط لکي آھي، سنڌيءَ ۾ هيئن لکبو.“
بس همراھ جو صرف
ايترو چوڻ ان اديب کي اهڙي ڪاوڙ لڳي جو ان همراھ کي ان وقت ئي اَن فرينڊ ڪري ڇڏيائين.
صحافي: محبت ڪَيوَ.؟
اديب: جنهن سان پيار هو ان منهنجي محبت ۾ منهنجي دشمن سان شادي
ڪري ڇڏي.
صحافي: (حيران ٿي)، محبت توهان سان شادي وري دشمن سان...اها ڳالھ
سمجھ ۾ نه آئي.
اديب: محبوبه چيو جڏھن تباھ ئي ڪرڻو آ ته پنهنجي محبوب کي ڇو ڪيان
ان جي دشمن کي ڇونه ڪيان.
صحافي: اڄ ڪلھ جي عاشقن کي محبوب جي بڪواس به شيڪسپيئر جا ڊائلاگ
ڇو ٿا لڳن.؟
اديب: پهرين ڳالھ ته اهي عاشقن آھن ئي نه- اهي ايڪسپائر عاشق
آھن ٻيو ته اهو لفظ عاشق ناهي ”آ شَڪ“ آ. هو پنهنجي محبوب سان ايترو پيار ناهن ڪندا
جيترو ان تي شڪ ڪندا آھن..
صحافي: پنهنجو پسنديده ڪوبه غزل ٻڌايو.؟
اديب: سامهون آھين حادثو آھي...
صحافي: هڪ منٽ اها ته استاد بخاريءَ جي شاعري آ.شرم ڪريو سنڌ جي
عوامي شاعر جي شاعريءَ کي به نه ڇَڏيوَ.
اديب: (شَڪي ٿيندي)، اهو...ها... اڳتي به ته ٻڌو نه؛
سامهون آھين حادثو
آھي.
ڀرسان ئي ڪيولٽي
آھي.
صحافي: وڏا جڳادري آھيو. اڇا اهو ٻڌايو اوهان جا اچڻ وارا ڪتاب ڪهڙا
آھن.؟
اديب: (۱) جيل ۾ ذڪر تنهنجو اديب (آتم ڪٿا)
(۲) گهاڻي جا ڏاند ( ناول)
(۳) ابليس ڏانهن خط (شاعري)
صحافي: توهان تي هڪ الزام آ ته اوهان هر ٻئي پروگرام ۾ رَٽو هڻي
ايندا آھيو.؟
اديب: تون چوين ٿو اهو رَٽو آ، اصل ۾ اهو منهنجو لَٽو آ، هي ڪنهن
رکيو اونڌو وَٽو آ.
صحافي: توهان تي هڪ ٻيو به الزام آ ته اوهان ڪاپي پيسٽ اديب
آھيو.؟
اديب: هڪ ڀيري غالب کي ڪنهن چيو ته تنهنجو هڪ شعر فلاڻي ڪنهن
شاعر جو چورايل آھي. تنهن تي غالب چيو هو:
متاع من ز نهان خانهءِ
ازل برد است
معنيٰ منهنجو متاع،
ازل جي نهان خاني مان هُن چورايو آھي.
ٻيو ته ڪير ڪاپي نه
ٿو ڪري...اسان جي هڪ شاعره اردوءَ جي هڪ ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ لکي ڇپرايو.ان ڪتاب کي
صرف سنڌيءَ جو ويس پهرايو ويو جيڪڏھن ڪتاب تي پنهنجو نالو مصنف بدران مترجم لکرائي
ها ته بهتر نه هو.؟
اسان جا اڪثر اديب
چوري ڪري لکندا آھن ڏھ ڪتاب اڳيان رکي پنهنجو ڪتاب لکندا آھن اهي ڪتاب مڪمل نقل ڪيل
هوندا آھن.
صحافي: مطلب اسان جي ادب جي موت جو وڏو سبب اسان جا پنهنجا
اعلىٰ ذھن آھن جن کي ڪاپي ڪرڻ جو اعلىٰ فن اچي ٿو.
اديب: شايد هي مرحوم حسن درس جا لفظ آھن ته؛ ”سنڌي ماڻھن کي ڀلي
۾ ڀلو ڪم اچي ٿو چوريءَ جو. ڍڳن جي چوري، مينهن جي چوري، ڪتابن جي چوري، ڪنهن جي
تخليق جي چوري.“
اردوءَ جي هڪ مشھور
شاعره جنهن کي خوشبوءَ جي شاعره به چيو ويندو آ ان به ڪاپي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.رڳو
الزام اسان تي ڇو.؟
هونئن به اسان جا ڪجھ
اديب مون جهڙن وڏن ناليوارن اديبن تي الزام يا تنقيد جو نشانو بڻائي رات پيٽ ۾ ادب
جي آڪاش تي اُڏرڻ چاهين ٿا.انهن کي اُڏرڻ ڏيو پاڻ ئي ڪجھ ڏينهن ۾ ڦھڪو ڪري هيٺ ڪِرندا.
صحافي: ڪهڙا ماڻھو اوهان کي ناهن وڻندا.؟
اديب: اُهي جيڪي سچ منهن تي چئي ڏيندا آھن مون کي اهي بلڪل به
ناهن وڻندا. خوشامدي ماڻھو مون کي تمام گهڻو پسند آھن.مان انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو
آھيان.
صحافي: آخر ۾ ڪو
پيغام.؟
اديب: منهنجو پيغام پاڻ جهڙن اديبن جي لاء اهوِ آ ته اگر ڪا به
اخبار يا رسالو توهان جا مضمون شايع نه ڪري ته هڪ ٺاهوڪي قسم جو پنهنجو ادبي رسالو
ڪڍو.ان رسالي کي رڳو پنهنجي تعريف ۾ ڀري ڇڏيو رڳو بس “مان“ هجي. پنهنجي انا کي اڃا
وڌيڪ اُڀاريو.
سوچيو گهٽ ڪاپي ڪري
لکو گهڻو.
No comments:
Post a Comment