Thursday, August 3, 2017

مُنگھو - مٺل جسڪاڻي - گل بھار باغائي

مُنگھو
سٽون: مٺل جسڪاڻي
تصوير: گل بھار باغائي
مُنگھو (واحد) مُنگھا (جمع) جابلو ميوو آھي. جيئن کنڀي برسات کان پوءِ ٿئي، ھيءُ به ائين برسات کان پوءِ ٿئي. فرق اھو آھي جو کنڀي، زمين مان سڌي نڪري ٿي، پر ھيءُ ھڪ ننڍي قد جي ٻوٽي ۾ ٿئي ٿو. ٻوٽو پنن وارو ٿئي ٿو. منگھو، پنن ۾ اندر ائين لڪل ھوندو آھي، جو پري کان ھن جي ھجڻ جي يا نه ھجڻ جي خبر به نه پوندي آھي.
ميوي جي ٻاھران، ڪنڊن وانگر چُنھبياريون سُيون نظر ته اينديون آھن، پر ميوو کائڻ مھل محسوس نه ٿينديون آھن.

Sunday, June 11, 2017

ڪاڇي جو واڻ - ممتاز علي جمالي

ڪاڇي جو واڻ
ممتاز علي جمالي
جوهي کان وٺي واهي تائين، واهي کان وٺي ٽندو رحيم خان. ٽنڊو رحيم خان کان وٺي ڇني، شاه حسڻ، منڇر ۽ جوهي تائين. انهيءَ وچ واري علائقي کي ڪاڇو چيو ويندو آهي. اهو علائقو تقريبن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي بسر ڪري رهيو آهي. انھيءَ ڪري ڪاڇي جا ماڻهو نـه غريب آهن بلڪ ساده سٻاجهڙا ۽ محنت ڪش بـه آهن. ڪاڇي جي ٻين شين جيان واڻ بـه پوري سنڌ توڙي ملڪ ۾ مشهور آهي.

Thursday, January 5, 2017

سنڌ ۾ مِينهنَ جو سُواگت ۽ دراوڙي سڀيتا جون دريافت ٿيل ڪجهه ڪڙيون - سنگرام


سنڌ ۾ مِينهنَ جو سُواگت ۽ دراوڙي سڀيتا جون دريافت ٿيل ڪجهه ڪڙيون

سنگرام

تازو ئي ”خط: ٻن اديبن جا“ نالي ڪتاب پڙهيم، جيڪو بيحد پسند آيو. ڪتاب ۾ سائين محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي صاحب جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط بيحد معياري ۽ علمي ۽ ادبي لحاظ کان، هڪ بي مثال ادبي خزانو آهن. اُن ڪتاب ۾ شامل ڪيل هڪ خط ۾ سائين جويو صاحب جوڻيجي صاحب کي لکي ٿو:

”.... مِينهن کي آڻڻ لاءِ هندو توڻي مسلمان اتي ٿر ۾ ڪهڙا سنؤڻ ساٺ ۽ پوڄا پاٺ ڪن ٿا. ناچ ڪَن ٿا، گيت ڳائين ٿا ۽ ٻيا ڪهڙا جتن ٿا ڪن؟ هڪڙي اِها ڳالهه، ۽ ٻِي ڳالهه ته مِينهن پون ٿا، تڏهن هُو ڪهڙيون خوشيون ۽ ڪهڙا گيت ڳائين ٿا، سنؤڻ ساٺ ۽ پوڄا پاٺ ڪن ٿا....“

Sunday, September 11, 2016

پاٻوڙا پوشاڪ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پاٻوڙا پوشاڪ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
شاھ لطيف جو ھڪ مشھور بيت آھي؛
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
اڄ انھن جي اوطاق، راءِ ريجھي آيو.
پاٻوڙا پوشاڪ منجھان مراد ڇا آھي؟
ڪن ماڻھن ڇا، اڪثريت جو رايو آھي ته ان منجھان مراد پٻڻ جا پن پٽي، اگھڙ ڍڪڻ آھي.
جڏھن ته ان مان مراد، راقم جي نظر ۾، ھيٺينءَ طرح آھي.
پاٻوڙا مان مراد؛ پا-ٻوڙا يا پا-ٻوڙو آھي. جنھن ۾ پا جو مطلب پاءُ يا پير آھي. جيئن پا-پوش نگر، منجھان مراد پيرن ڍڪائڻ وارن جو ڳوٺ آھي يعني موچين جي بستي.
اھڙيءَ طرح وري، ٻوڙو؛ مان مراد ٻڙو يا ٻڏل آھي.
ھاڻي پاٻوڙا مان مراد ٿي اھي ماڻھو، جن جي پوشاڪ پيرن وٽ ٻڏل ھجي.
اڪثر ڏٺو ويو آھي ته پيرن وٽ پوشاڪ، ھيٺ ڄاڻايل ڪسب ڪرڻ وارن ماڻھن جي، ٻڏل ھوندي آھي؟
1.      سارين ۾ رونبو ڪندڙ؛ ھاري ناري.
2.      پاڻيءَ اندر بيھي ٿاڦي تي ڪپڙو سٽيندڙ؛ ڌوٻي يا کٽي.
3.      پاڻيءَ اندر بيھي ڏڦي سان مڇي ماريندڙ؛ ماڇي يا مھاڻا.
4.      جاين کي گاري سان اوساري ڪندڙ يا ليپي واسطي بھ جو گارو ڪندڙ؛ اوستا يا مزدور. وغيرھ
اھي ڏيھاڙي آڻين ۽ چاڙھين وارا غريب مارو ماڻھو آھن. جن واسطي ڀٽائيءَ ھڪڙو ئي محاورو استعمال ڪيو آھي.
باقي رھي ڳالھ پٻڻ جا پن پٽي پوشاڪ ڪرڻ جي، سا ته نه اڄ ۽ نه وري شاھ ڀٽائيءَ جي دور ۾ ئي ڪير پائيندو ھيو. تنھنڪري اھو تصور ئي اجايو ٿو نظر اچي. 

Monday, July 13, 2015

ڀاڻ جا خالي ڪٽا - مٺل جسڪاڻي

ڀاڻ جا خالي ڪٽا
سيڙپ، محنت ۽ مهارت ٿوري، ججهي بچت
مٺل جسڪاڻي
روزگار اڄ جو اهم مسئلو آهي! شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن ۾ ڪو بي روزگار نه هجي! اهڙي ماحول ۾، ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ضرورتن ئي سائنسدان ۽ محقق پيدا ڪيا آهن. ضرورتن ئي ماڻهن کي ماڻهپي مان ڪڍيو آهي. اهڙي ماحول، اهڙين حالتن ۾، آئون ڪنهن سٺي روزگار جي تجويز ته نه پيو ڏئي سگهان. ”جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت مثل، جتي ذريعا نه هجن، جتي سيڙپ لاءِ رقم نه هجي، جتي هنر جي کوٽ هجي، اتي ڇا ڇا ممڪن آهي، انهن گهڻن پهلوئن تي به ڪا خاص معلومات مهيا ڪرڻ، هن وقت منهنجو موضوع نه آهي. ان هوندي به، منهنجي ڪوشش آهي ته پڙهندڙن کي بظاهر انتهائي غير اهم پر، پنهنجي جاءِ تي تمام ٿوري سيڙپ، ٿوري محنت، ٿورو هنر گهرندڙ اهڙي ڪاروبار ڏانهن ڌيان ڇڪايان. ان جا مختلف رخ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان، جنهن جي نتيجي ۾، جيڪڏهن ٿورو به عقل سوايو استعمال ڪيو ويندو، ته منهنجي خيال ۾ ججهي بچت متوقع آهي.

Friday, July 10, 2015

پر-وس پکي اوپرو - نصير سومرو



پر-وس پکي اوپرو
نصير سومرو
پکي اڏامڻ جو استعارو آهي، هڪڙا پکي آکيرن ۾ بسيرو ڪندا، ٻيا سفر ڪندا آهن. پکي، پکي آهن، مرغ پکي لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي ۽ کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿو. گهڻي ڀاڱي مرغ ڪڪڙ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جڏهن ته ڪهڙي به پکي کي مرغ چئبو آهي. شتر مرغ (اٺ پکي) ڪڪڙ وانگر اڏامندو نه آهي. حياتيات جي شعبي ۾ انسان، جانور، پکي ۽ جيت جڻا ۽ آبي جيوت جو وسيع جهان اچي وڃي ٿو. آبهوا جي موافقت ۾ ئي پکي ۽ جانور پنهنجو وجود بچائي سگهندا آهن. هي جياپو آهي جياپي خاطر پکي سياري جي مند ۾ سائبيريا، منگوليا، يورپ ۽ ڄمون ڪشمير مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ ايندا آهن. ناهموار حالتن ۾ جيئن پکي سنڌو ماٿري جي ميدانن ۽ آبي ذخيرن ۾ اچي بسيرو ڪندا آهن، تيئن اترين ۽ اولهندي جي پري پري علائقن مان پناهگير، مسافر، ڀڳوڙا صدين کان هت ايندا رهيا آهن، ماڻهن ۽ پکين ۾ لڏپلاڻ جي جبلت جو قدر هڪجهڙو آهي.

مَنَ گهُري مُشتاق سَان - آدرش

مَنَ گهُري مُشتاق سَان
آدرش
***
ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو فن مزاح لکڻ آهي. اهڙو مزاح جنهن ۾ انسان جا احساس اهڙي نموني سرجيل هجن، جنهن ۾ سچ هجي ۽ اهڙو مزاح هجي جو ماڻهو مرڪي پئي. ترڪيءَ جي چوڻيءَ وانگر ”ڀوڳ ۽ سچ ٻڌائي رهيو آهين.“
سنڌي ادب ۾ ”ڪروڙ پتي“ مزاحيه ادب لکندڙ اهو ليکڪ آهي، جنهن مزاح جو بنياد رکيو. علي احمد بروهي صاحب سٺو مزاحيه ادب لکيو. هو تقرير جو به بادشاھ هو ۽ پيو وندرائيندو هو. هن جو وڏو ڀوڳ هڪ غير سنڌي فاشسٽ تنظيم ۾ شموليت به هيو.
حليم بروهي صاحب جو مزاحيه ادب ۾ اوچو مقام آهي. شخصي حوالي سان به هو ارڏو ۽ سچو ماڻهو هو. امتياز ابڙو پڻ مزاح لکي پاڻ ۾ ملهايو، پر هن جي اسلوب تي اردو مزاحيه ليکڪ ڊاڪٽر يونس بٽ جو پاڇو آهي.
***