مَنَ گهُري مُشتاق سَان
آدرش
***
ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو فن مزاح لکڻ آهي. اهڙو مزاح جنهن ۾ انسان
جا احساس اهڙي نموني سرجيل هجن، جنهن ۾ سچ هجي ۽ اهڙو مزاح هجي جو ماڻهو مرڪي پئي.
ترڪيءَ جي چوڻيءَ وانگر ”ڀوڳ ۽ سچ ٻڌائي رهيو آهين.“
سنڌي ادب ۾ ”ڪروڙ پتي“ مزاحيه ادب لکندڙ اهو ليکڪ آهي، جنهن
مزاح جو بنياد رکيو. علي احمد بروهي صاحب سٺو مزاحيه ادب لکيو. هو تقرير جو به بادشاھ
هو ۽ پيو وندرائيندو هو. هن جو وڏو ڀوڳ هڪ غير سنڌي فاشسٽ تنظيم ۾ شموليت به هيو.
حليم بروهي صاحب جو مزاحيه ادب ۾ اوچو مقام آهي. شخصي حوالي
سان به هو ارڏو ۽ سچو ماڻهو هو. امتياز ابڙو پڻ مزاح لکي پاڻ ۾ ملهايو، پر هن جي اسلوب
تي اردو مزاحيه ليکڪ ڊاڪٽر يونس بٽ جو پاڇو آهي.
***