پر-وس پکي اوپرو
نصير سومرو
پکي اڏامڻ جو استعارو آهي، هڪڙا پکي آکيرن ۾ بسيرو ڪندا،
ٻيا سفر ڪندا آهن. پکي، پکي آهن، مرغ پکي لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي ۽ کائڻ ۾ لذيذ
ٿئي ٿو. گهڻي ڀاڱي مرغ ڪڪڙ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جڏهن ته ڪهڙي به پکي کي مرغ چئبو آهي.
شتر مرغ (اٺ پکي) ڪڪڙ وانگر اڏامندو نه آهي. حياتيات جي شعبي ۾ انسان، جانور، پکي
۽ جيت جڻا ۽ آبي جيوت جو وسيع جهان اچي وڃي ٿو. آبهوا جي موافقت ۾ ئي پکي ۽ جانور پنهنجو
وجود بچائي سگهندا آهن. هي جياپو آهي جياپي خاطر پکي سياري جي مند ۾ سائبيريا، منگوليا،
يورپ ۽ ڄمون ڪشمير مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ ايندا آهن. ناهموار حالتن ۾ جيئن پکي سنڌو
ماٿري جي ميدانن ۽ آبي ذخيرن ۾ اچي بسيرو ڪندا آهن، تيئن اترين ۽ اولهندي جي پري پري
علائقن مان پناهگير، مسافر، ڀڳوڙا صدين کان هت ايندا رهيا آهن، ماڻهن ۽ پکين ۾ لڏپلاڻ
جي جبلت جو قدر هڪجهڙو آهي.