Saturday, January 12, 2013

تترن جو شڪار ۽ خفتين جا گُر - خالد ڪنڀار

تترن جو شڪار ۽ خفتين جا گُر
خالد ڪنڀار
تترن Partridge جي پنهنجي جوءِ هوندي آهي. تتر پنهنجي جوءِ ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيندو. ڪيڏانهن به وڃي پر ڦري گهري وري ايندو پنهنجي جوءِ ۾. انهي جوءِ ۾ تتر جوڙي ۾ رهندو آهي. ڪڏهن به هيڪلو نر يا مادي ڪٿي ڪو نه هوندي. جي ڀلا نر ڪنهن شڪاري هٿان جهلجي ويو ته مادي وري ٻئي نر جي ڳولا ڪندي، جوءِ جوءِ ڦرندي ۽ ڳوليندي. پوءِ جنهن نر جي مادي جهلجي وئي هوندي، اهو به اڪيلو هوندو ته سامهون ٻوليندو. ايئن وري جوڙي ٿي ويندا ۽ وڃي تتري واري يا تتر واري جوءِ جهليندا. انهي ئي جوءِ واري ڳالھ جو شڪاري پورو پورو فائدو وٺندا آهن. نه ته تتر ڪو جهل ڏي! پر تتر جڏهن به جوءِ ۾ ڪنهن نولي تتر جي ٻولي ٻڌندو آهي ته نه رڳو هن جي سامهون ٻوليندو آهي، پر انهيءَ ٻوليندڙ تتر سان وڙهڻ لاءِ جهٽ ۾ اچي پڄندو. تتر ئي ٻي تتر جي ٻولي سڃاڻي ٿو. ماڻهو جي وس جي ڳالھ ڪونهي. ماڻهوءَ لاءِ سڀئي تتر هڪجهڙا ۽ سڀني تترن جون ٻوليون به هڪجهڙيون. پر هڪڙي ڳالھ آهي جيڪي خفتي آهن اهي پنهنجي تترن جي ٻولي پنجن ڪوهن تي به سڃاڻي ويندا ته اهو منهنجو تتر پيو ٻولي. ڇو جو خفتي ته پنهنجي تتر کي هٿن سان پالي وڏو ڪن ٿا. انهن لاءِ ٻولي سڃاڻڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي ۽ شڪاري گهڻو ڪري تتر سان ئي تترن کي ڦاسائيندا آهن. بس گهڻو ڪري تتر ئي تتر کي مارائي ٿو. ڦاسرائي تتر ٿو ۽ ڦاسائي شڪاري ٿو. تترن جي شڪاري جو شڪار گهڻو تڻو آهي ئي تتر سان. جيڪڏهن هن وٽ تتر آهي ته  هو شڪار ڪري سگهي ٿو نه ته ويٺو سيم ۾ پير اهاڙي پوءِ جيڪو بخت. ڇو جو شڪار آهي ئي بيڪار. جي لڳي ته جهٽ ۾ جهولي ڀري اچي، جي نه لڳي ته سڄو ڏينهن ويٺو، سڃي سيم هڻي، پر حرام جي ڪو جهٽ لڳيس. تتر جو شڪار تتر کانسواءِ ڪري ئي نٿو سگهجي پر جي ڪير تتر کانسواءِ تتر جو شڪار ڪري ٿو ته اهو ايترو سولو ڪونهي. تتر کانسوءِ تتر جو شڪار ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. جيڪي شڪاري تتر کانسوءِ تتر جو شڪار ڪن ٿا، انهي جا به گهڻا ئي طريقا آهن. پوءِ جهڙو وڻي اهو طريقو استعمال ڪري.

ڇلامرون - زوفين ابراهيم - ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو


ڇلامرون
زوفين ابراهيم/ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

ڪيترن سالن جي ڳالهه آهي ته جڏهن ميڊيا رستي خبر پيم ته حيدرآباد جي چڙيا گهر ۾ هڪ عجيب بلا پڪڙي رکي وئي آهي. جيئن ته بلا جو ڪو فوٽو ڏنل نه هيو، ان سبب بلا کي ڏسڻ جو تجسس وڌندو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن اها بلا ڏسڻ لاءِ چڙيا گهر ويس. ڏسي پريشان ٿيس ته اها بلا ٻيو ڪجهه نه پر سنڌ جو ڪنهن دور ۾ هڪ عام ٿيندڙ جانور هيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ مون سميت ڪيترا ماڻهو اتي پهتل هيا. ان بلا کي سنڌيءَ ۾ ڇلامرون ته انگريزيءَ ۾ پينگولن (Pangolin) يا اسپائني اينٽ ايٽر (Spiny ant eater) سڏجي ٿو. بدقسمتيءَ سان اها بلا خون ٿيڻ کان بچي وئي هئي نه ته اسان وٽ اهڙن قسمن جي جانورن کي ٿڏي تي ماري ختم ڪيو ويندو آهي. بلڪل ايئن جيئن ڪجهه ڏينهن اڳم رهڙڪيءَ ويجهو ڳوٺاڻن ٻلهڻ کي پاڻيءَ جي بلا سمجهي لٺيون هڻي ماري ڇڏيو.

ھرڻ جو شڪار ۽ شونق - خالد ڪنڀار


ھرڻ جو شڪار ۽ شونق
خالد ڪنڀار
واريءَ وارن دڙن ۾، هڪڙي شڪاريءَ لئه، هرڻ جو پير سڃاڻڻ، ايترو اولو به ڪونهي. جيڪڏهن هو شڪاري آهي ته هزار رڍ ۽ هزار ٻڪريءَ جي پيرن مان، هرڻ جو پير ڪڍي ڏيندو؛ هي آهي هرڻ جو پير! جيڪڏهن ڪنهن شڪاري ڪو هرڻ اڳئين ڏينهن ڊوڙايو هجي ۽ انهيءَ هرڻ ڪنهن به هيلي بهاني سان وجهه نه ڏنو هجي ۽ ڀڄي ويو هجي. ٻئي ڏينهن انهي ئي هرڻ جو پير جيڪڏهن ڪو شڪاري پنجاھ هرڻن جي پير سان ڏسندو ته به ڌڪ سان سڃاڻي وٺندو ته جيڪو هرڻ ڪالهه مون ڀڄايو هو، انهيءَ جو پير هيءُ آهي. جيڪڏهن شڪاريءَ ھرڻ ڊوڙايو ته ڊوڙندڙ هرڻ جو پير، اگر هن پنج مهينن کانپوءِ ڏٺو ته به سڃاڻي ويندو. هڪڙي هرڻ ۽ ٻئي هرڻ جي پير ۾ به اهو وار جيترو فرق هوندو آهي، جيئن هر جانور جي پير ۾ فرق هوندو آهي. گهڻا شڪاري واريءَ تي هرڻ جو پير ڏسي اهو به ٻڌائي ڏيندا ته؛ اهو پير ڪيترو پراڻو آهي. هرڻي جو پير هونئن به رڍ ٻڪري جي پير جهڙو ئي هوندو آهي. بس ٿورو فرق هوندو آهي، جيڪو هر ڪو لکي به ڪو نه سگهندو. اڳيان ٿورڙيون چنهبڙيون هونديون. اهو صرف ۽ صرف شڪاري ئي سڃاڻي سگهي ٿو. وڏي اسر جو اٿي، هرڻ جا پير اُهاڙيندڙ شڪاري، هرڻ جي پيرن جي اُهاڙڻ واري خفت ۾ پيا ويندا آهن. هنن جو سمورو خيال هرڻ جي پير واري نشان تي هوندو آهي. انهيءَ وچ ۾ هنن کي لٿي اڀرئي جي ڪا سڌ ئي ڪو نه هوندي آهي. بس مُنهن انڌاري ۾، ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي. ڪا وسندي ته قسمت سان نصيب ۾ هوندي ته هوندي. رات ٽڪڻ لئه نه ته سيڌو، سامان ۽ سانداري پاڻيءَ جي ڪلهن تي. اهي هرڻن جا پير اهاڙڻ ڪوهن جا ڪوھ پنڌ، هرڻ جا پير اهاڙڻ لئه چاڙهيڪو ڏبو آهي. چاڙهيڪو ايئن هوندو آهي جو هڪڙي ڀٽ تان چڙهندي، سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکڻو آهي. جيئن هن ڀٽ تان چڙهبو وڃبو، سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکبو وڃي ٽو نڪ تي چڙهبو. ايستائين ٻنهي ڀٽن ۽ ڏهرن کي هڪڙي ڀٽ چڙهڻ سان اک مان ڪڍي وڃبو. هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ لئه، گهٽ ۾ گهٽ، نه تڏهن به ٻه ڄڻا لازمي آهن. هڪڙو سامان کڻندو، ٻيو اهاڙ ڏيندو ويندو، جنهن کي بندوق وارو چئبو آهي. سامان پاڻي کڻڻ وارو به پڪو پيري هجڻ کپي. اهو به پير اهاڙيندو ويندو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي جو سامان يعني پاڻيءَ وارو پوئتي رهجي ويندو ۽ بندوق وارو اڳتي نڪري ويندو آهي. بس اهڙي آهي هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ جي چوس جو ساٿي ئي ٽٽيو وڃي ته به چوس ۾ پيو وڃبو. بندوق وارو اشارو ڪندو ويهي رهه ته ويهي رهندو. جي چوندو هل ته هلندو. بس شڪارين جي سموري ڳالهه ٻولهه اشارن ۾ ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پير تي ٻه ڄڻا هوندا آهن. هڪڙي پڪي عمر جي شڪاري چيو؛ بس انهي شوق کي ڪيئن ٻڌايان ته شڪار جي شوق ۾ آهي ڇا؟ 

Thursday, December 20, 2012

اوٺاري، اٺ ۽ اٺيون - خالد ڪنڀار

اوٺاري، اٺ ۽ اٺيون
خالد ڪنڀار

جي ڀلا اُٺِ، مينهن ساريو ته ڪنهن به وڻ جي ڇانءَ ۾ ڪو نه وهندي. بس رڳو جهير ڪري منهن ڪندي ڪاڇيل ۽ انهي ئي آڙنگائو ڏينهن جو ڪاڙهي تتي جو وچ پڌر تي ويهي رهندي پوءِ هزار حيلا ڪر ڀلين لاڻون وڍي اچي اڳيان رکينس پر ڪک به منهن ۾ حرام جي وجهي، پگهر پيو وهندس ۽ ويٺي هوندي ڀلين اڃي بکي کي ڏينهن لهي وڃي پر ٻيو ٿيو خير ۽ جي ڪئين هورو ۽ ام ٿيس ته ڀلين ٻٽيهو رڻ وچيان هجي پر ڇڪ وڌئين ته وس ڪندي ته رات وچ ۾ رسان پر جي ڀلا رات وچ ۾ نه به رسي ته به هوري آيل اٺ وجهه مليو ڪٿان ڪا زرو ويڇي ملي ته رڻ اڪري به اچي انهي سيم جا وڻ چرندي. چون ٿا؛ اٺ بي پتي ذات آهي. پر انهي بي پتي ذات جو جيڪو پنهنجي سيم سان عشق آهي، انهيءَ جي ڳالهه کڻي ڇڏ. سنڌ ۾ اٺ ڪٿي به ڍاٽڻ هجي پر جي کنوڻ جو چمڪو اکين ڏٺائين ته رات جي پيٽ ۾ اچي ڀٽ چڙهندي. هاڻ ڏس ٻيلي اٺ ۽ ماڻهو جي عمر جي ڪهڙي خبر؟ اهو ڪئين چئجي ته ٻيلي اٺ جي عمر وڌ ۾ وڌ هيتري ٿيندي پر هڪڙي ڳالهه آهي؛ اٺ ڪيتري به پوڙهي هجي ڀلين هلڻ کان لاچار هجي ۽ اکين سان انڌي ٿي وئي هجي پر ڪن جيسين ٻوڙا نٿا ٿين تيسين پئي ويامندي. اٺ پنڌرنهن کان ويهه پيٽ پئي ويامندي. سو يار اٺين جون ڳالهيون ٿو ڪرين نه ته اٺ ۽ پٽ ته ڪاري رات جو به ڪم جا. جي هجي اٺ اڱڻ ۾ ٻڌل ۽ ڪاري رات جو به جهيڪاري ٻڙهو ڪري ويٺين پوئين چونڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڀيڻين ضرور رسائڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽائيندو. ۽ جي پنهنجي پيٽ جو پٽ هوندو ۽ ڪاري رات جو به اٿاري جي ڪيڏانهن روانو ڪيو ته ورندي ڪو نه ڏيندو ته ٻيلي هئين يا هون.

ڪتن جو خفت ۽ خفتين جا گُر - خالد ڪنڀار

ڪتن جو خفت ۽ خفتين جا گُر!
خالد ڪنڀار
خفتي ته خفتي آهي، انهن جي نگاھ ئي ڪتي جي حرڪتن تي هوندي آهي. سو خفتين جو اهو خيال آهي ته هلندي ويڙھ ۾ ڪتو ٻڌائي ڇڏيندو آھي ۽ ھلندي ويڙھ ۾ ئي خفتي سمجهي ويندو آهي ته هن جو ڪتو ويڙھ ھارائي رھيو آھي. ھلندي ويڙھ ۾ ڪتو پنهنجو مٿي ٿيل پڇ آهستي آهستي هيٺ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. خفتي، انهيءَ ڪتي جي پڇ هيٺ ڪرڻ مان ئي سمجهي ويندو آهي. هائو ٻيلي هاڻ ڪتي ۾ جهلو ڪونهي. آءِ ڪ آءِ ڪتو هارائي ئي هارائي. خفتين جو خيال آهي ته؛ وڙهڻ مهل ڪتي جو پڇ مٿي هجڻ کپي. ڀاڙئي ڪتي جي نشاني ئي اها آهي ته هو ويڙھ ۾ لهندي ئي، پڇ ٻنهي ٽنگين جي وچان هڻندو آهي. ٻي نشاني ڪتو هلندي ويڙھ ۾ ڏندي ڏيندو. ڪتي ڏندي ڏني يا رڳو ڀونڪيو ته امين چوندو؛ جهليو. بس امين انهيءَ ڪتي جي هارائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو. بس ڪتي جي هار جيت جو فيصلو ڪتي جي ڏندي ڏيڻ تي آهي. هڪڙي دفعي ميل ۾ ڪتو هارائي ويو ته خفتي انهيءَ کي وري ڪڏهن ميل ۾ ڪو نه لاهيندو. انهيءَ هارايل ڪتي تي خفتي مرندي مري وڃي پر ڀروسو ڪو نه ڪندو. هارايل ڪتو عادي ٿي ويندو آهي. هو ڪڏهن به ميل مان ڀڄي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ڪتو ڏندي نٿو ڏي پر بي ستو ٿي ڪري ٿو پوي ته امين ڪيرائيندڙ ڪتي کي پرتي ڪندو آهي. انهيءَ دوران جي بي ستو ٿي ڪريل ڪتو وري ست ساري انهيءَ ڪتي سان وڙهڻ اچي ٿو ته وري ويڙھ شروع ٿي ويندي. هونئن چون ٿا ته؛ ڏندي ڏيڻ بنا، ڪتو بي ستو ٿي ڪري ٿو. انهيءَ ۾ ڪتي جو ڏوھ ناهي، ڌڻيءَ جو ڏوه آهي. هن ڪتي جي چاڪري ناهي ڪئي.

Tuesday, December 18, 2012

ورلڊ سٽيزن - اسحاق مڱريو


ورلڊ سٽيزن
اسحاق مڱريو
هونءَ به پکين کان سواءِ فطري سونهن جي ڪهڙي اهميت آهي. جنهن معاشري ۾ پکيءَ کي اڏامندو نه ڏسبو هجي اهو ڪهڙو معاشرو هوندو! ڍنڍون، ڍورا، درياءَ، نديون، نيون، ماٿريون، پوٺا، گوڇار، تڙڪول، ڏهر، ميدان ۽ واھ به فطري سونهن جو اهم حصو آهن. پر انهن هنڌن ته جيڪڏهن پکي اڏامندو نه ڏسجي، ته اهو ڪيڏو نه عجب منظر چوائيندو. پکيم ۽ جيتن جو پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ-ٻئي تي ڪيڏو هه گهڻو انحصار آهي. چون ٿا ته عار، جيڪا مڪڙ جيترو جيت آهي، ان جي ڊيوٽي ۾ اهو شامل آهي ته اهو جهنگل ۾ جڏهن خطرو محسوس ڪندي، ته چپ ٿي ويندي. مطلب ته عار چين چوڻ واري سيٽي بند ڪئي ته پکين توڙي پوري جهنگلي جيوت لاءِ خطري جو الارم وڄڻ برابر هوندو. جڏهن ته ڪاٺ-ڪٺو وري ڄڻ طوطن جو ملازم بيهاريل هجي. خوبصورت رنگن وارو ڪاٺ-ڪٺو جڏهن ڪنهن وڻ ۾ پنهنجي ڊگهي چنهنب سان سوراخ ڪرڻ شروع ڪندو ته ڌنار چوندا؛ اچي ويو طوطن جو بيهاريل واڍو. اهڙيءَ ريت ڪوئل ٻچا ڄڻڻ لاءِ، ڪانو جي آکيري ۾ پنهنجا بيدا لاهي هلي ويندي، سانوڻيءَ جي وسڪاري جا مزا وٺڻ. پر ويچارو ڪانگ ۽ ڪانگڻ دائپو ڪري ڪوئل جا ٻچا پالي وڏا ڪندا آهن. جڏهن اهي ٻچا وڏا ٿيندا ۽ رنگ مختلف ٿيندا اٿن ته، پوءِ ٺونگا هڻي ٽولي ڇڏيندا. ساڳي ريت جهنگل يا ڪنهن ٻيلي ۾ وري هر هڪ وڻ جو پڻ هڪ ٻئي تي انحصار هوندو آهي.

Sunday, December 16, 2012

برساتي ٻوڏ ۽ نڌڻڪي جهنگلي جيوت - نواز ڪنڀر


برساتي ٻوڏ ۽ نڌڻڪي جهنگلي جيوت
نواز ڪنڀر
موجوده برساتي ٻوڏ ۽ تباهي سبب نه صرف انسانن لوڙيو آهي، بلڪ جهنگلي جيوت به سخت متاثر ٿي آهي. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته جهنگلي جيوت ڪيترن ئي قسمن جي عذابن ۽ خطرن کي منهن ڏنو آهي ۽ ڏئي رهي آهي، جنهن سبب ڪجهه جانورن ۽ پکين جي نسلن ۾ خطرناڪ حد تائين ڪمي آئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي اها ڪمي انهن نسلن کي خطري ۾ وجهڻ جو باعث به بڻجي. برساتي ٻوڏ سبب جهنگلي جيوت مختلف طريقن سان متاثر ٿي. مثال طور جتي وڻن تي يا مٿانهين جائين تي ويهڻ وارن توڙي هيٺ زمين تي رهندڙ پکين جي آکيرن کي نقصان پهتو، ڪن جا آنا يا ٻچا متاثر ٿيا ۽ ڪجهه هيٺ زمين تي چوڳو نه ملڻ سبب، بک جي ڪري به مئا. اتي ڪيترائي پکي، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين هلندڙ مسلسل برسات سبب به مئا. جن ۾ تتر، ڳيرو، طوطو، ڪٻر، هيڙهو، مختلف قسمن جون جهرڪيون، ڪيتريون ئي ٻوليون ٻوڙيندڙ موڙ واري جهرڪي چنڊور، زمين تي ويهي سنها داڻا چوڳيندڙ اڇي پٺي ۽ ڪاري پيٽ واري جهرڪي ڪار-پيٽي، پاريهر، ڪاٺ ڪٽا، ميداني علائقن وارا مور، بلبل ۽ ڪار-ڪڻڇي وغيره شامل آهن. هن برسات سبب ڪوئل ۽ تاڙي کي به هت رهڻ جو نسبتاً گهٽ عرصو مليو، جيڪو به هن جي نسل ۽ واڌ ويجهه تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح سان جهنگلي جانورن ۾ وري زمين تي رهندڙ توڙي ڏر يا ٻرن ۾ رهندڙ ريڙهه جي هڏي وارا ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور، جن ۾ سهو، ڦاڙهو، واڳون، گدڙ، لومڙ، جهنگلي ٻلا، نور، ڪوئا، ڪرڙيون ۽ نانگ وغيره به سخت متاثر ٿي مئا آهن يا انهن جي تعداد ۾ ڪافي ڪمي آئي آهي. پر ڪجهه پکين ۽ جانورن لاءِ هي برسات موجون ۽ مزا به کڻي آئي آهي. مثال طور برسات سبب تمام گهڻي تعداد ۾ مئل چوپايو مال پکي ۽ جهنگلي جانور وري ٻين ڪيترن ئي جانورن ۽ پکين جي غذا به ثابت ٿيا آهن. جيڪو وري زندگي جي سائيڪل جو لازمي حصو به آهي. اهڙن موجون ماڙيندڙ پکين ۾ جتي ڪانوَ ۽ ٻگهه شامل آهن، اتي جانورن ۾ وري ڪتن به ڍونڍ تي پاڻ ملهايو آهي. ڏيڏرن، ڪمين ۽ پاڻي وارن نانگن کي به واڌ ويجهه جو وڏو موقعو مليو آهي. اهي وڌيل جانور، پاڻي سڪڻ بعد وري ٻين بکن جي ماريل جانورن ۽ پکين لاءِ غذا ثابت ٿيندا. خاص طور تي برسات کان اڳ گهٽ ٿيندڙ ڪمين جي تعداد ۾ جيڪو اضافو ٿي رهيو آهي، ان کي مستقل طور بچائي، کائن ڍنڍن جي پاڻي جي قدرتي صفائي وارو ڪم وٺجي ته بهتر ٿيندو. وڌيل مڇرن سبب جتي ڀنڀوريون ڪافي تعداد ۾ آيون آهن، اتي ڪرڙين کي به زبردست خوراڪ ملي آهي پر هو مڇر مار اسپري جي زد ۾ به آهن.