ٿرپارڪري لوڪ ڏاھپ
ڀارومل امراڻي
* ”رسول حمزاتوف!
جيئن تنهنجي لاءِ دنيا جي شروعات داغستان جي پهاڙن کان ٿئي ٿي، ايئن منهنجي لاءِ
دنيا جو صبح ڪارونجھر جي ڪور تان اُڀري ٿو. تو پنهنجي ڳوٺ
سداگام کي محبوب لکيو آهي. آئون منهنجي ٿر جي هر واهڻ وستي
کي محبت جو مرڪز سمجهان ٿو.“
* ٿر ۾ جتي مارئي ڄائي، اتي ڦوڳ به پيدا ٿيو
هو. اڄ به آزمائش جي گهڙي اچڻ تي ڦوڳ جا وارث
چٽا ٿي پوندا آهن.

