Showing posts with label ھيڏھون جو ھوڏي، لوڪ ڏاھپ، ابراھيم کرل،. Show all posts
Showing posts with label ھيڏھون جو ھوڏي، لوڪ ڏاھپ، ابراھيم کرل،. Show all posts

Sunday, January 30, 2022

ھيڏھون جو ھوڏي - ابراھيم کرل

ھيڏھون جو ھوڏي

(لوڪ ڏاھپ)

ابراھيم کرل



لوڪ ڏاھپ به ڪمال جي ھوندي آھي، جنھن ۾ زندگيءَ جا تجربا ۽ مشاھدا بيان ڪيا وڃن ٿا، اڳڪٿيون، انومان، وھم وسوسا، کٽڪا الڪا، مطلب ته زندگيءَ جون اھي سڀ ٿيڻيون، اڻ ٿيڻيون ڳالھيون، به بيان ڪيون وينديون ھيون، جن جو گمان سوچ، ساڀيان، خواب، شعور لاشعور ۾ واسو ڪندو ھو. سنڌ جي لوڪ ڏاھپ به اھڙن اڪيچار مسئلن سان ڀري پئي آھي.