اچ ته چَهر ڪرايانءِ
عزيز سولنگي
گڏهن لاءِ هر موسم هڪ جهڙي آهي.
اها آهي هِينگڻ جي موسم. گڏهن لاءِ ڇا سرءُ، ڇا بهار! ڪهڙو سيارو، ڇا اُونهارو! ان
ڪري ئي سنڌي چوڻي آهي ته، گڏهه هِينگندي وس وڃائي!
هتي ’وس‘ مان مراد وسڪاري جي مُند آهي ۽ گڏهه مان مُراد صرف گڏهه آهي. هن وقت سنڌ
۾ برساتون جاري آهن ۽ گڏھ به هِينگن پيا. فِضا ۾ هِينگن جا جلترنگ پيا وڄن، جيڪي
برسات جي آواز سان گڏجي عجيب رِڌم پيدا ڪري رهيا آهن. هِي چوماسي جون برساتون نه
پر سياري ۾ سِيءَ کي مهميزون هڻندڙ مِينهَن آهن. ان ڪري اهي ان ”وس“ جي ذمري ۾ نٿا
اچن، جنهن ”وس“ جي ڳڻپ هڪ مُند طور ٿئي ٿي.