Thursday, February 3, 2022

ڏهس - معمور يوسفاڻي

ڏهس

(لوڪ ادب)

معمور يوسفاڻي - عمرڪوٽ 



لوڪ ادب جو جائزو وٺندي، جڏهن اسين لوڪ لفظ جو پيڇو ڪريون ٿا ته اسان کي چوڻو ٿو پوي ته ”لوڪ سنڌي ٻوليءَ جو تمام پراڻو لفظ آهي، جيڪو آڳاٽي دور جي محاورن، پهاڪن ۽ چوڻين ۾ به ملي ٿو.

جيئن: ”لوڪ لکا نه پوڻ“، ”لوڪاڻي لڄ“، ”لوڪ منهن موڪ“، ”لوڪ لڏي، چري اڏي“، ”لوڪ لهوارو، پوپان اوڀاري“، وغيره.

اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي دائري ۾، اهو لفظ قديم دور کان ملي ٿو، جيڪو مختلف دورن جي سڀني وڏن شاعرن استعمال ڪيو آهي. جيئن:

Wednesday, February 2, 2022

ڳاڙهي سنڌي ڳئون يا مليري ڳئون - اياز حيدر پتافي

ڳاڙهي سنڌي ڳئون يا مليري ڳئون

اياز حيدر پتافي



سنڌ واسي ۸۰ سيڪڙو هن نسل کان بي خبر آهن آئون به ۲۰۱۹ع کان پهرين ڳاڙهي سنڌي ڳئون يا مليري نسل Breed جهڙي ناياب نسل کان بي خبر هيس. ٿي سگهي ٿو ملير ڪراچي يا لاڙ جا ڀاڳيا هن نسل کان واقف هجن، آئون زندگي ۾ پهرين دفعو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ريسرچ فارم ۾ مليري ڳئون ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو هيس ته اهڙا بريڊ سنڌ وٽ هجڻ باوجود اسان دنيا جا بريڊر ۽ فريزن نسل پالڻ جي پويان ڇو آهيون دنيا اسان جا نسل پئي پالي اسين دنيا جا؟

Sunday, January 30, 2022

ھيڏھون جو ھوڏي - ابراھيم کرل

ھيڏھون جو ھوڏي

(لوڪ ڏاھپ)

ابراھيم کرل



لوڪ ڏاھپ به ڪمال جي ھوندي آھي، جنھن ۾ زندگيءَ جا تجربا ۽ مشاھدا بيان ڪيا وڃن ٿا، اڳڪٿيون، انومان، وھم وسوسا، کٽڪا الڪا، مطلب ته زندگيءَ جون اھي سڀ ٿيڻيون، اڻ ٿيڻيون ڳالھيون، به بيان ڪيون وينديون ھيون، جن جو گمان سوچ، ساڀيان، خواب، شعور لاشعور ۾ واسو ڪندو ھو. سنڌ جي لوڪ ڏاھپ به اھڙن اڪيچار مسئلن سان ڀري پئي آھي.

Thursday, January 6, 2022

اچ ته چَهر ڪرايانءِ - عزيز سولنگي

اچ ته چَهر ڪرايانءِ

عزيز سولنگي



گڏهن لاءِ هر موسم هڪ جهڙي آهي. اها آهي هِينگڻ جي موسم. گڏهن لاءِ ڇا سرءُ، ڇا بهار! ڪهڙو سيارو، ڇا اُونهارو! ان ڪري ئي سنڌي چوڻي آهي ته، گڏهه هِينگندي وس وڃائي! هتي ’وس‘ مان مراد وسڪاري جي مُند آهي ۽ گڏهه مان مُراد صرف گڏهه آهي. هن وقت سنڌ ۾ برساتون جاري آهن ۽ گڏھ به هِينگن پيا. فِضا ۾ هِينگن جا جلترنگ پيا وڄن، جيڪي برسات جي آواز سان گڏجي عجيب رِڌم پيدا ڪري رهيا آهن. هِي چوماسي جون برساتون نه پر سياري ۾ سِيءَ کي مهميزون هڻندڙ مِينهَن آهن. ان ڪري اهي ان ”وس“ جي ذمري ۾ نٿا اچن، جنهن ”وس“ جي ڳڻپ هڪ مُند طور ٿئي ٿي.

مور ماڻھن جي ديس جو مور پکي - ”راز“ علي گل ڀٽو

مور ماڻھن جي ديس جو مور پکي

”راز“ علي گل ڀٽو



سڪندر اعظم جڏھن سنڌ تي حملو ڪيو ھيو، ان وقت ھن ٻي ڦر لٽ سان گڏ سنڌ جي سونھن وارو پکي ”مور“ به پڪڙي پنھنجي ماءُ ڏانھن يونان موڪليو ھيو، سڪندر اعظم جي ماءُ مور کي ڏسي چيو ھيو ته جنھن ديس جو مور پکي ايڏو سھڻو آھي ته اتان جا ماڻھون ڪيڏا نه خوبصورت ھوندا، آخر ڪار حملي آور ڦوروءَ جي ماءُ ھئي! جنھن مور جي سونھن جي تعريف ته ڪئي، پر اتان جي سھڻن ۽ امن پسند ماڻھن کي ستائڻ کان نه روڪيو.

Thursday, December 23, 2021

زال مُئَي ڏيڍ يتيم - عزيز سولنگي

زال مُئَي ڏيڍ يتيم

عزيز سولنگي



شير افگن علي قلي بيگ لاءِ وقت جي مورخ کي اهو لکڻو پيو ته؛ ”هُو خاور مانيڪا جيترو معاملا فهم ۽ تدبر رکندڙ هُجي ها ته، ائين بي موت نه مري ها.“ زالَ جي حُسن، مُڙس مارائي وڌو. خبر ناهي ته شير افگن جي زالَ مهرالنساءَ ڪاني ڪرامت واري، ٽوڻي ڦِيڻي واري ۽ پهتل هُئي، جو کيس اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي هُئي ته، جوڌا ٻائيءَ جو شيخو ۽ اڪبر جو عياش شهزادو سليم نورالدين جلد ئي بادشاهه بڻجندو.

Wednesday, November 24, 2021

مڱيرا

مڱيرا

(کائڻ جا شوقين ڌيان ڏين)

عوامي آواز اخبار



مڱيرا هونئن ته ڊراءِ فروٽ ۾ ايندا آهن ۽ انهن ۾صحت جا ڪيترا ئي فائدا آهن پر انهن جي روز جي استعمال سان ڪجھ نقصان به آهن. جن جي باري ۾ هتي اسان توهان کي ٻڌائينداسين.

سياري جي ٿڌين راتين ۾ مڱيرا کائڻ جو پنھنجو ئي مزو آھي. پر جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته ڪنھن به شيءِ جو گهڻو استعمال، انسان جي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي. اهڙيءَ ريت، مڱيرا به گهڻا کائڻ يا روز کائڻ سان، ڪجھ نقصانده ٿيندا آهن، جن جي باري ۾ توهان سڀني کي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.