ھڪ مختلف لوَ افيئر جي پڄاڻي
امر لغاري
سنڌ جي فطري حسن سان پيار ڪندڙ مون سميت ڪيترن ئي دوستن
لاءِ اها خبر نهايت ئي ڏک جوڳي آهي ته ننڍي کنڊ ۾ پکين ۽ جانورن جي علم جي حوالي سان
نهايت ئي معتبر نالو ٽام رابرٽس المعروف ٽي جي رابرٽس (ٽامس جونز رابرٽس) ويجھڙائيءَ
۾ (۵ جون
۲۰۱۳ تي)
پنهنجن چاهيندڙن، پکين، پوپٽن، جانورن، ٻوٽن، ۽ توهان اسان سڀني کان پري هليو ويو آهي.
پاڪستان ۾ اها خبر الائي ڇو دير سان پهتي، جنهنڪري اخبارن ۾ به دير سان ڇپي آهي.
