Tuesday, August 6, 2013

ھڪ مختلف لوَ افيئر جي پڄاڻي - امر لغاري

ھڪ مختلف لوَ افيئر جي پڄاڻي
امر لغاري
سنڌ جي فطري حسن سان پيار ڪندڙ مون سميت ڪيترن ئي دوستن لاءِ اها خبر نهايت ئي ڏک جوڳي آهي ته ننڍي کنڊ ۾ پکين ۽ جانورن جي علم جي حوالي سان نهايت ئي معتبر نالو ٽام رابرٽس المعروف ٽي جي رابرٽس (ٽامس جونز رابرٽس) ويجھڙائيءَ ۾ (۵ جون ۲۰۱۳ تي) پنهنجن چاهيندڙن، پکين، پوپٽن، جانورن، ٻوٽن، ۽ توهان اسان سڀني کان پري هليو ويو آهي. پاڪستان ۾ اها خبر الائي ڇو دير سان پهتي، جنهنڪري اخبارن ۾ به دير سان ڇپي آهي.

ٽي جي رابرٽس پنهنجي عمر جو وڏو حصو هندستان ۽ پاڪستان جي خاڪ ڇاڻيندي گذاريو، ۽ عمر جا آخري ڏينهن اينجلسي ويلز برطانيه ۾ گذريس. هو پکين جو عاشق هو، ۽ فطرت سان هن جو لوَ افيئر مرڻ گھڙي تائين قائم رهيو.
ٽام رابرٽس پنهنجي موضوع جي حوالي سان جيڪو پهريون ڪتاب لکيو هو، سو هو ”دي ميملز آف پاڪستان“ (پاڪستان جا جانور) جيڪو ۱۹۷۷ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي کيس ۱۹۹۴ ۾ ”ستاره امتياز“ جهڙي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان وقت اهو ڪتاب پاڪستان ۾ جانورن تي ڇپيل پهريون مڪمل ڪتاب هو، جنهن ۾ جانورن جي ۱۶۷ قسمن جي تفصيلي معلومات ڏنل هئي، جن سان جانورن جي ۱۱۹ جُوئين (رهائشي علائقن) جا نقشا، ليکڪ پاران هٿ سان ٺاهيل ۹۰ اسڪيچز ۽ ۸۹ قسمن جي جانورن جي تصويرن سان سجايل ۲۴رنگين صفحا شامل هئا. پر هن کي شهرت ۱۹۹۱ڌاري ڪتاب ”دي برڊس آف پاڪستان“ جي ٻن جلدن جي ڇپجي ظاهر ٿيڻ تي ملي، جن تي پڻ هن کي صدارتي ايوارڊ مليو. ٽام رابرٽس ۱۹۴۶ع ۾ پاڪستان آيو. ان کان اڳ هن جو پيءُ ۱۹۰۶ کان  هندستان ۾ ترسيل هو، ۽ هندستان جي زراعت کاتي ۾ نوڪري ٿي ڪيائين. پنهنجي پيءُ سان گڏ ٽام هندستان گھميو، جتي هن جي سليم علي جهڙي پکين ۽ جانورن تي اٿاريٽي سمجھي ويندڙ زولاجسٽ سان ملاقات ٿي، جيڪا بعد ۾ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي. هن سليم علي سان گڏجي پکين ۽ جانورن جي حوالي سان هندستان جي ڪيترن ئي مشهور هنڌن جا سفر ڪيا. بعد ۾ ڪيترائي سال هو فاريسٽ آفيسرن، انجنيئرن، وائلڊ لائف کاتي جي ڪنزرويٽرن سان گڏجي پاڪستان جا جھر جھنگ، پهاڙ ۽ رڻ ووڙيندو رهيو.
”پاڪستان جا پکي“ نالي ڪتاب هن جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو پراجيڪٽ هو، جيڪو ۳۴ سالن جي اڻٿڪ جدوجهد، محنت، سفر ۽ جستجوءَ جو نتيجو هو. ان وچ ۾ هو پنهنجي پيءُ پاران ۱۹۶۶ ۾ قائم ڪيل رابرٽس ڪاٽن ايسوسيئيشن لميٽيڊ ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي پڻ رهيو، جنهن هن کي پاڪستان جا ميداني علائقا، انهن جا فصل، موسمون، جيت جڻا، پکي جانور، انهن جون عادتون، هجرتن جون موسمون، نمونا، وقت، ۽ ٻين ڪيترن ئي شين کي سمجھڻ ۾ مدد ڏني. رابرٽس پنهنجي تحقيق لاءِ اهڙن اهڙن مقامن تي پهتو، جتي اسان کي گمان به نٿو ٿئي. سانگھڙ ۽ نواب شاهه ضلعي جي اڪري وارين ڍنڍن کان ويندي هُن مکيءَ جي صدوري ڍنڍ، چوٽياريون، جمڙائو واهه جا ٻئي پاسا، مٺڙائو واهه جا پاساڙا، نارا ڪئنال، روهڙي ڪئنال جا ٻئي پاسا، ڪراچي، ملير، حب، بدين، علي بندر، جيڪب آباد، ننگر پارڪر، جنگي سر، منڇر، کير ٿر، سکر، گڊو، ٺٽو، ڪچو، سنڌو درياهه جا ٻئي پاسا، ڊرگھه، حمل، چولري ڍنڍ، شڪور ڍنڍ، رڻ جو ڪڇ، اڇڙو ٿر، ڊنءُ (ڊريئون)، ڪينجھر، هاليجي، انبن جا باغ، سرنهن ۽ ڄانڀي جا فصل، ڪڻڪن، سارين، وونئڻن، ٻاجھرين جا فصل، جھنگلي ٻيرين، ڪرڙن، ڪنڊن، لئين، ۽ ٻين وڻن جي ميون جا مقام ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي پکين ۽ جانورن جا ٿاڪ (ڪالونيز)، شڪارگاهون، گيم سينڪچئريز، آبگاهون، سرڪاري تحفظ هيٺ آيل علائقا وغيره هن پيرين پنڌ هلي ڪري پنهنجين اکين سان ڏٺا. ٽام رابرٽس جي ان تحقيق وسيلي اسان کي سنڌ جي جھنگلي جيوت، ماحولياتي سرشتن، موسمن ۽ معاشي پيٽرن کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ٿي ملي. مثال طور اوهان رابرٽس جي ڪتاب مان ڪنهن به پکيءَ جو مثال وٺو، ۽ اهو ڏسو ته اهو ڪٿان جو رهاڪو آهي، سال جي ڪهڙي ڪهڙي موسم ۾ ڪٿي ڪٿي ٿو رهي ۽ چڳي. آنا ڪٿي ٿو ڏئي، ۽ ٻچن جي پرورش ڪٿي ٿو ڪري. ڪهڙي موسم ۾ ڪهڙو اَن ۽ ڪهڙا جيت ٿو کائي، ۽ اهي جيت ڪهڙن فصلن ۽ ڪهڙي موسم ۾ پيدا ٿا ٿين، جنهن جي مطالعي کانپوءِ اسان کي نه فقط ان علائقي جي ڄاڻ ملي ٿي، پر اتان جي فصلن، موسمن، سياري اونهاري جي گرمي ۽ سرديءَ جو اندازو پڻ ٿئي ٿو.
ٽي جي رابرٽس جي ڪتاب ”پاڪستان جا پکي“ ۾ هر پکيءَ جي، موسمن جي حساب سان رهائش کي سامهون رکي ان جي رهائشي ڪالونين، چوڳي جي وٿاڻن، هجرتي رستن: عارضي، مقامي ۽ ڊگھن هجرتن جي رستن جي نقشن ڀري معلومات ملي ٿي. ڪتاب اندر وري انهن جو تفصيلي احوال پڻ ڏنل آهي. هُن پکين جي علم ۾ دلچسپي وٺندڙن لاءِ  اها آساني ڪري ڇڏي آهي ته  هو انهن کي انهن جي
* سائنسي ترتيب
* خاندان
* انگريزي ۽ سائنسي نالي
* جسامت (ٺاهه ٺوهه، رنگ روپ سميت ڊسڪريشن)
* رهائشي وٿاڻن، ڦهلاءُ ۽ موجوده مرتبي
* عادتن ۽
* نسلي افزائش
جهڙين ورهاستن مان آسانيءَ سان سمجھي سگھي. هن ڪوشش ڪري هر پکيءَ جو نه فقط اسڪيچ ڏنو آهي، پر انهن کي ٻين پکين کان الڳ ڪرڻ خاطر انهن جي چهنبن، پيرن، پرن ۽ مٿن جا الڳ الڳ اسڪيچ به شامل ڪيا آهن.
ٽام رابرٽس رڳو پکين ۽ جانورن جو ماهر ڄاڻو نه هو، پر هو هڪ بهترين آرٽسٽ پڻ هو. بائلاجسٽ هوندي هن جا اسڪيچ يا رنگين پورٽريٽ اهو ثابت ڪن ٿا ته هو اعليٰ پائي جو مصور پڻ هو. هن جي گلي ۾ سدائين دوربين ۽ ڪئميرا لٽڪيل هوندي هئي. اڪثر سفرن ۾ ساڻس زال فرانسز به گڏ هوندي هئي. ڪنهن ملڪ جي ايويئان يا ايوي فانا تي ۳۴ سال سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ، ۽ شاهڪار ڪتاب لکي ان ملڪ جي حوالي ڪرڻ، هڪ وڏي عالماڻا خدمت آهي، جنهن جي جيتري پذيرائي ڪجي اوترو ئي گھٽ آهي.
سنڌ جي حوالي سان ٽام رابرٽس هن کان اڳ وارن پکين تي ڪم ڪندڙ آرنٿالاجسٽن (پکين جو علم رکندڙ) جا نهايت ڪارائتا حوالا گڏ ڪيا آهن. جن مان هڪ حوالو اوڀرندي ناري جي کوٽائيءَ دوران اسڪروپ ڊائياگ Diog Scrope نالي هڪ ايريگيشن انجنيئر جو آهي، جنهن ۱۸۷۰ ۾ ناري جي ٻنهي پاسن کان موجود ڍنڍن، کڏن کامن، ۽ سانگن جي جھنگ ۾ رهندڙ پکين (جي رهڻي ڪهڻي ۽ نسلي افزائش) جو احوال تفصيلي نموني گڏ ڪيو آهي، جيڪو ان وقت شايع ٿيندڙ رسالي Stray Feathers ۾ ۱۸۷۹ ۽ ۱۸۸۰ ڌاري شايع ٿيو هو. اسڪروپ اڪيلو ناري جي بندن سان پيو ان ڪم لاءِ ڦرندو هو. ٻنهي پاسن کان ريگستان جي ساڙيندڙ گرم لُڪ کي برداشت ڪري به هن اهڙو احوال گڏ ڪيو.
ٻيو اهڙو حوالو ٽي آر بيل T. R. Bell جو آهي، جو ٻيلي کاتي جي نوڪريءَ ۾ هو. هن ان نوڪري دوران درياهي ٻيلي (خاص ڪري سکر ضلعي جي درياهي ٻيلي) جي پکين جي زندگيءَ جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو هو. هن جا اهي نوٽس اڄ به BNHS لائبريري ۾ رکيل آهن.
ان کانپوءِ ڪينٿ ايٽس Kenneth Eates جو حوالو ڏنو اٿس، جو ۱۹۲۰ کان ۱۹۴۰ تائين سنڌ پوليس جو آفيسر هو. هن کي سنڌ جي پکين جي حوالي سان پڻ اٿارٽي سمجھو ويندو هو. هن جي پکين متعلق تحقيق جو وڏو حصو سنڌ گزيٽيئر ۾ ڇپيل آهي. ايٽس آنا گڏ ڪرڻ جو وڏو شوقين هو. هن جي ان ڪم يا رڪارڊ مان بعد جي محققن کي کوڙ سارن پکين جي ”بريڊنگ رڪارڊ“ کي درست ڪرڻ ۾ مدد ملي. رابرٽس مطابق هن شخص وٽ سنڌ جا تمام گھڻا نقشا هئا. هن جا سنڌ جي پکين جي آنن تي لکيل تفصيلي نوٽس ۽ ٻيا مشاهدا اڄ به برٽش ميوزم آف نيچرل هسٽري ۾ موجود آهن. پر رابرٽس اسان تي اها ڳالهه به افشان ڪئي آهي ته ايٽس جي آنن جي اها ڪليڪشن، جنهن کي هن Peabody Museum at Yale ۾ رکڻ پئي چاهيو، سا ڪيترن سالن جي جدوجهد کان پوءِ حيدرآباد ميوزم جي هڪ اسٽور مان حاصل ٿي، جنهن مان ڪيترائي آنا گم ٿيل هئا، ۽ ڪيترائي اهڙي نموني سان ڀڳل هئا جو سڃاڻپ جي لائق نه رهيا هئا. هن جي ڪئٽلاگ جو حال به نهايت برو هو. ايتري قدر جو ماهر زولاجسٽ به ڪوشش ڪري ها ته به ڪا هڙ حاصل نه ٿئيس ها.
رابرٽس آڪسفورڊ پريس پاران نڪرندڙ ڪتاب The Flowers of Pakistan جو ايڊيٽر به رهيو، ۽ The Butterflies of Pakistan ڪتاب پڻ لکيو. ان کان علاوه هن
Field Guide - To the Large and Medium-sized Mammals of Pakistan: 2005
Field Guide - To the Small Mammals of Pakistan. First edition: 2005
ڪتاب پڻ تيار ڪيا.

ٽام رابرٽس جو وڇوڙو پکين جي حوالي سان خاص طور هندستان ۽ پاڪستان ۾ هلندڙ تحقيق لاءِ هڪ وڏو نقصان ثابت ٿيندو. عام طور هن جي تحقيق جو دائرو عالمي معيار جو آهي. هن پکين متعلق تحقيق کي وڏي هٿي وٺرائي. هن هندستان جي مشهور آرنٿالاجسٽ سليم علي سان گڏجي هندستان، پاڪستان، ڀوٽان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي پکين جي فيلڊ گائيڊ ٺاهڻ ۾ پڻ حصو ورتو، جيڪا پنهنجي نوعيت جي انتهائي اهم گائيڊ آهي. سليم علي انڊيا جو اهو محقق آهي، جنهن کي پنهنجي ملڪ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور پارليامينٽ جي اعزازي ميمبر طور نوازيو. پکين جي حوالي سان رابرٽس جي ڪم جي سنڌ واري حصي جو جي ڪنهن ڄاڻو ماڻهوءَ کان ترجمو ڪرائي پنهنجن ماڻهن کي پڙهائجي ته ٿي سگھي ٿو هنن جو پنهنجن پنهنجن علائقن جي فطري حسن سان چاهه ۾ اضافو اچي، ۽ هنن منجھه انهن جي مالڪيءَ جو جذبو به پيدا ٿي پوي.

No comments:

Post a Comment