نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو
حل
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
سوال: آئون گذريل هڪ
مهيني کان شديد ڊپريشن جو شڪار آھيان. مون کي جنهن ڇوڪريءَ سان پيار هو ان منهنجي
محبت ۾، منهنجي دشمن سان شادي ڪري ڇڏي. چيائين؛ ”جڏھن تباھ ئي ڪرڻو آ ته پنهنجي
عاشق کي ڇو ڪريان، ان جي دشمن کي ڇو نه ڪريان. جڏھن ته ان جي مڙس جي پهريان به
شادي ٿيل آھي.؟ (سڻڀو گيھ)
جواب: اوهان روزانه
ٽي وقت گوري ”جي سوريا“ کائيندا ڪريو سال پورو کائيندا رهو جيڪڏھن ڊوز توهان کي
فائدو نه ڏي ته ان کي ۲ سال تائين کائو فائدو ٿي ويندو. جيڪڏھن ۱۰ سيڪڙو به فائدو نه ٿئي ته رات جو سمهڻ کان
بعد ۾ ۵۷۰ ڀيرا شيلا ڪي جواني پڙهي محبوبه جي مڙس جي گهر ڏي منهن ڪري
شوڪاريندئو ته پڪ ئي پڪ اوهان جو ٻيڙو هميشه لاء ٻُڏي ويندو.